107 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 7 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
اَرَءَيْتَ الَّذِيْ يُكَذِّبُ بِالدِّيْنِ 1ۭ
اَکـئـِين اُن ماڻهوءَ جو، هُوند ڏِٺئـِي ڪو حال؟ جو مزوري مِلڻ کي، ڪوڙِي چَئي ڪُلال،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَذٰلِكَ الَّذِيْ يَدُعُّ الْيَتِيْمَ 2ۙ
پوءِ ڇِينڀي ڇورڙن کي، سوئـِي خام خيال،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَا يَحُضُّ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ 3ۭ
۽ اُسريو، نه اُسري، مَٿي قُوت ڪَنگال،
— مولوي حاجي احمد ملاحفَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّيْنَ 4ۙ
پوءِ آهي وادِي وَيل جِي، تِن نِمازِين نال،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ هُمْ عَنْ صَلَاتِهِمْ سَاهُوْنَ 5ۙ
جي سَندنِ دُعا، دُرُود کان، آهِن ڀُليل بَحال،
— مولوي حاجي احمد ملاحالَّذِيْنَ هُمْ يُرَاۗءُوْنَ 6ۙ
ڪَن خُوشامد خير ۾، چَلن اِهائي چال،
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَمْنَعُوْنَ الْمَاعُوْنَ 7ۧ
۽ بَند رکن ٿا ڀال، اُهکِي، سُهکِي عام سان.
— مولوي حاجي احمد ملاح