106 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 4 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
106:1
لِاِيْلٰفِ قُرَيْشٍ 1ۙ
ڪارڻ سُک قُريشِيَن، سُک سَندنِ ئـِي ڪاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاح
106:2
اٖلٰفِهِمْ رِحْلَةَ الشِّتَاۗءِ وَالصَّيْفِ 2ۚ
سِياري ۽ سانول جا، سانگ ٻئـِي سُک ساڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاح
106:3
فَلْيَعْبُدُوْا رَبَّ هٰذَا الْبَيْتِ 3ۙ
گُھرجي ته گَھر ڌَڻِئ کي، پوڄِينِ، پوءِ پاڻ،
— مولوي حاجي احمد ملاح
106:4
الَّذِيْٓ اَطْعَمَهُمْ مِّنْ جُوْعٍ ڏ وَّاٰمَنَهُمْ مِّنْ خَوْفٍ 4ۧ
جِنهن ڀَرپاسي بُک وِچان، سُهنجي ڏِنَين سانجاڻ، ۽ هَر سونڪي کان سُڄاڻ، اَمن ڏِنائـِين اُنهن کي.
— مولوي حاجي احمد ملاح