105 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
105:1
اَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِاَصْحٰبِ الْفِيْلِ 1ۭ
ڏِٺئـِي ڪِين ته ڪِيئن ڪيو، تنهنجي پَروَر پاڪ؟ هاٿِيَن جي ساٿين سان، جِن جِي هيڏِي هُئـِي هاڪ،
— مولوي حاجي احمد ملاح
105:2
اَلَمْ يَجْعَلْ كَيْدَهُمْ فِيْ تَضْلِيْلٍ 2ۙ
ڪِ اُجڙ ڪيائين نه اُنهن جو حملو هيبتناڪ؟
— مولوي حاجي احمد ملاح
105:3
وَّاَرْسَلَ عَلَيْهِمْ طَيْرًا اَبَابِيْلَ 3ۙ
مَٿن پَکِي موڪليائين، بلڪل ڪي بيباڪ،
— مولوي حاجي احمد ملاح
105:4
تَرْمِيْهِمْ بِحِـجَارَةٍ مِّنْ سِجِّيْلٍ ۽ 4
جي چُٽيو ڪَڙهيل ڪَڪَريون، چِيريون ڪَننِ چاڪ،
— مولوي حاجي احمد ملاح
105:5
فَجَــعَلَهُمْ كَعَصْفٍ مَّاْكُوْلٍ 5ۧ
پوءِ جِن جو کِيرو خاڪ، ڪيائـِين اُن ڪانن جِيئن.
— مولوي حاجي احمد ملاح