010 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 109 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْحَكِيْمِ 1
الٓرٰ جو، عِلم آهي، کي عَلام، پَڪي پاڪ ڪتاب جا، آهن هِي اَحڪام،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَكَانَ لِلنَّاسِ عَجَبًا اَنْ اَوْحَيْنَآ اِلٰى رَجُلٍ مِّنْھُمْ اَنْ اَنْذِرِ النَّاسَ وَبَشِّرِ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْٓا اَنَّ لَھُمْ قَدَمَ صِدْقٍ عِنْدَ رَبِّهِمْ ڼ قَالَ الْكٰفِرُوْنَ اِنَّ ھٰذَا لَسٰحِرٌ مُّبِيْنٌ 2
ڇا حيرت لَـڳي هِن ۾، اِنسانن کي عام؟، ته مَنجھانئـِين ڪنهن مَرد ڏي، اسان ڪيو اِلهام، ته ڪَنان ڄيري ڄام!، ڪر خبردار خَلق کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ رَبَّكُمُ اللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ فِيْ سِتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰى عَلَي الْعَرْشِ يُدَبِّرُ الْاَمْرَ ۭ مَا مِنْ شَفِيْعٍ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ اِذْنِهٖ ۭ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْهُ ۭ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ 3
۽ آندوجن ايمان، کِير کِلي ڏي تن کي، ته اَچڻ سَچو اُنهن جو، سائـِينءَ وٽ، سُبحان، ڪَهڻ لـَڳا ڪُفرانَ ته هِيء ڪارو ڪُو ڪَٽ آھِ ڪو.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيْعًا ۭ وَعْدَ اللّٰهِ حَقًّا ۭ اِنَّهٗ يَبْدَؤُا الْـخَلْقَ ثُـمَّ يُعِيْدُهٗ لِيَجْزِيَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ بِالْقِسْطِ ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَھُمْ شَرَابٌ مِّنْ حَمِيْمٍ وَّعَذَابٌ اَلِيْمٌۢ بِـمَا كَانُوْا يَكْفُرُوْنَ 4
سو اَلله آگو اَهنجو، بي شڪ، بي گمان، جِنهن ڇَهَن ڏِينهن ۾، جوڙيازمين، آسمان، چَڙهيو، تِنهان پوءِ تَـخت تي، ٿو هلائـٖي فرمان، تِنهن ڌاران داڙُو ناھِ ڪو، مُقرر مِهربان، مگر سدس موڪل پُٺيان؛ اَهنجو ربُّ، اُهو رَحمان، پوءِ، ٿِيو اُنهِيء وَٽ بانِ، پوءِ ڇونه سَنڀاليو پاڻ کي؟
— مولوي حاجي احمد ملاحھُوَ الَّذِيْ جَعَلَ الشَّمْسَ ضِيَاۗءً وَّالْقَمَرَ نُوْرًا وَّقَدَّرَهٗ مَنَازِلَ لِتَعْلَمُوْا عَدَدَ السِّـنِيْنَ وَالْحِسَابَ ۭ مَا خَلَقَ اللّٰهُ ذٰلِكَ اِلَّا بِالْـحَقِّ ۚ يُفَصِّلُ الْاٰيٰتِ لِقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 5
هَلڻ هيڪاندو اَهنجو، اُن ڏي آخرڪار، آهي، اِهو الله جو، سَچو قول قرار، پِهرين جوڙي جوڙکي، پوءِ موٽائيسِ مَحشر وار، تان ڏي اُجورو اُنهن کي، جن آندو اِعتبار، پڻ ڪَيَئون ڪم اِنصاف سان، مِڙوئـِي موچار، ۽ جن ڪفر ڪيو، تن لئي، آهي گَرم اُتار، ۽ اُهکو ٻيو آزار، جيلانهن ڪَيؤن ڪم، ڪُفران جا.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ فِي اخْتِلَافِ الَّيْلِ وَالنَّهَارِ وَمَا خَلَقَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّقَوْمٍ يَّتَّقُوْنَ 6
سِج ڪيائـِين سوجھرو ۽ چَنڊ ڪيائين نُور، اُن جون ڪَئـِين اَنداز سان، مَنزلون مَشهور، تان سالن ۽ شُمار جِي، پَوَنِيئان خُوب پَروڙ، هَرگز نه بَنايوحق سوا، داناء! اِهو دستور، اَ کـئين ڏِٺيون آيتون، تو کولي خُوب ضرور، جي پورِي رکن پروڙ، ڪارڻ تِنهِين قوم جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا وَرَضُوْا بِالْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا وَاطْمَاَنُّوْا بِهَا وَالَّذِيْنَ ھُمْ عَنْ اٰيٰتِنَا غٰفِلُوْنَ 7ۙ
اُولٰۗىِٕكَ مَاْوٰىھُمُ النَّارُ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ 8
جي اَوس نه رکن آسرو، اَسان جي ديدار، نِپٽ ننڍِي ڄَمار تي، رِيجِھي ويٺا، ڪا وار، ۽ اُنهِيء سان آرامِيا، پڻ ٻيا اُهي آوار، اَسان جي آيتن کان، بي خبر، بَدڪار،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ يَهْدِيْهِمْ رَبُّھُمْ بِاِيْـمَانِهِمْ ۚ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمُ الْاَنْهٰرُ فِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ 9
آهي آسڻ اُنهن جو، هاوِي هيبتدار، جي ڪيائون ڪَم ڪار، ڪارڻ تِنهن، ڪاراٽ جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحدَعْوٰىھُمْ فِيْهَا سُـبْحٰنَكَ اللّٰهُمَّ وَتَحِيَّتُھُمْ فِيْهَا سَلٰمٌ ۚ وَاٰخِرُ دَعْوٰىھُمْ اَنِ الْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۧ١0
وِسهيا، جي وَريام، پڻ چَڱاڪيائون ڪَمڙا، سَنئـِين سُهائيندو تن کي، آگو سَندنِ، عَلام، سبب سندنِ اِيمان جي؛ جن هيٺان وَهن جام، نالِيون مِٺيون مُدام، باغن مَنجھ، بِهشت جي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَوْ يُعَجِّلُ اللّٰهُ لِلنَّاسِ الشَّرَّ اسْتِعْجَالَھُمْ بِالْخَيْرِ لَقُضِيَ اِلَيْهِمْ اَجَلُھُمْ ۭ فَنَذَرُ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا فِيْ طُغْيَانِهِمْ يَعْمَهُوْنَ 11
دَعواى اُنهن جِي اُن ۾، سانيمِ! تون سُبحان، ۽ مَنجِھين اُن مَڪان، جِيءُ، جيءُ، سَندنِ سلام ٿِيو ۽ آخر دعواى انهن جي، ته سڀڪائي ساراه، آهي لڳ الله، جو پالڻهار پرٿڻئين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا مَسَّ الْاِنْسَانَ الضُّرُّ دَعَانَا لِجَنْۢبِهٖٓ اَوْ قَاعِدًا اَوْ قَاۗىِٕمًا ۚ فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُ ضُرَّهٗ مَرَّ كَاَنْ لَّمْ يَدْعُنَآ اِلٰى ضُرٍّ مَّسَّهٗ ۭ كَذٰلِكَ زُيِّنَ لِلْمُسْرِفِيْنَ مَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 12
۽ مَولىٰ ماڻهن لئي گُھري، وهلو هُوند وَبال، سيگھ سَندنِ، سُکن لئي، جِيئن، جيئن بَچِين شال!، ته اُنهن جي اَجل جو، ٿِي وِيو، فيصلو فى الحال، مُهلت ڏِيون مِلڻ جِي، جن آس نَه اسان نال، ڦِرندا پِيا ڦٖيريال، مُنجھ سَندنِ ۾، مُورهين.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَلَقَدْ اَهْلَكْنَا الْقُرُوْنَ مِنْ قَبْلِكُمْ لَمَّا ظَلَمُوْا ۙ وَجَاۗءَتْھُمْ رُسُلُھُمْ بِالْبَيِّنٰتِ وَمَا كَانُوْا لِيُؤْمِنُوْا ۭ كَذٰلِكَ نَجْزِي الْقَوْمَ الْمُجْرِمِيْنَ 13
۽ مُصِيبت ماڻهوءَ کي، جَڏهن آئـِي مَٿي سِر، ته دانهِينِ اسان کي، دَرد مان، پَنهنجي پاسي ڀَر، ۽ ويٺي؛ بِيٺي؛ پوءِ جڏهن ڪَيو سونسِ گُم گُوندر، ته چَليو اِهڙي چال سان، ته ڪالھ نَه لَـڳسِ ڪَر، اَسان کي، جِنهن آزار ۾، ٿٖي واڪا ڪَئـِين وَر وَر، ڪا ڍورن کي، ڪَيا وِيا، پَسند اِهڙِيءَ پَر، ڪِنان ڪَم، ڪَمتر، جيڪِي ڪَن، جَھان ۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحثُـمَّ جَعَلْنٰكُمْ خَلٰۗىِٕفَ فِي الْاَرْضِ مِنْۢ بَعْدِهِمْ لِنَنْظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُوْنَ 14
۽ اڳ اَوهان کان، ڳوٺ ڪَئـِين، ڪياسون بَنڀُو ڀنڀور، جن جاڙون، تن ڪيون؛ پڻ مُرسل سندنِ مور، ۽ جَڏهن اُهڃاڻِن سان، آيا کينِ اَتور، ۽ ڪو مُعجزو مَڃِينِ کڻِي، اِهڙا نه هُئا اَٺور، اَجرِ اهڙٖي طور، ڏِيون ڏُوهارِيءَ قوم کي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيَاتُنَا بَيِّنٰتٍ ۙ قَالَ الَّذِيْنَ لَا يَرْجُوْنَ لِقَاۗءَنَا ائْتِ بِقُرْاٰنٍ غَيْرِ ھٰذَآ اَوْ بَدِّلْهُ ۭ قُلْ مَا يَكُوْنُ لِيْٓ اَنْ اُبَدِّلَهٗ مِنْ تِلْقَاۗئِ نَفْسِيْ ۚ اِنْ اَتَّبِعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ ۚ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْمٍ 15
ڀُون ۾ ڏِنيوُن سُونِيئان، ڀِيڻِيُون، تِنيان پوءِ تڪرار، تان پَسون اَسِين پار، ته اَوهين به ڪِهڙا ڪم ڪريو؟
— مولوي حاجي احمد ملاحقُلْ لَّوْ شَاۗءَ اللّٰهُ مَا تَلَوْتُهٗ عَلَيْكُمْ وَلَآ اَدْرٰىكُمْ بِهٖ ڮ فَقَدْ لَبِثْتُ فِيْكُمْ عُمُرًا مِّنْ قَبْلِهٖ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ 16
۽ اَسان جا، اُنهن تي، پَڙهجن، جڏهن فَرمان، ته اُٽلو جن اسان سان، آس ملڻ جِي ڪا نَه، ته آڻ ڪو قرآن، هِن بَدل، يا بدلائينسِ تون. چئو، مون نه مجال، ته مَنجهس، ڪريان پاڻان ڦيرڦار، نه هَلان، مَگر حُڪم تي، جو مڪو وَڃٖي مون پار، آئون وَڏي ڏِينهن جي، ڏُ ک کان، ڏَران ڀَر ڏاتار، جي ڪو، حُڪم ڀَڃان هيڪار، پنهنجي پالڻهار جو.
— مولوي حاجي احمد ملاحفَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰي عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا اَوْ كَذَّبَ بِاٰيٰتِهٖ ۭ اِنَّهٗ لَا يُفْلِحُ الْمُجْرِمُوْنَ 17
چئو، جي گُھريو هوند غَفار، ته پَڙهيمِ نَه، اُو اوهان تي، ۽ نَڪا ڏِنمِ اوهان کي، اُنِ جِي خَبر چار، ۽ آندمِ اوهان ۾، ڪيترِي، اِنهيان اڳ ڄَمار، پوءِ آخر ڪِنهن آڌار، سوچيو نٿا سَچ ڪُوڙ کي؟
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَعْبُدُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَا لَا يَضُرُّھُمْ وَلَا يَنْفَعُھُمْ وَيَقُوْلُوْنَ هٰٓؤُلَاۗءِ شُفَعَاۗؤُنَا عِنْدَاللّٰهِ ۭ قُلْ اَتُنَبِّـــــُٔوْنَ اللّٰهَ بِـمَا لَا يَعْلَمُ فِي السَّمٰوٰتِ وَلَا فِي الْاَرْضِ ۭ سُـبْحٰنَهٗ وَتَعٰلٰى عَـمَّا يُشْرِكُوْنَ 18
پوءِ اِنهيان اڳرو ڪير، ٻِيو، هاڻُو هرگز هوءِ، جنهن ٻَڌاڪُوڙ ڪريم تي، پڻ چِٽسِ، ڪُوڙا چوءِ، پَڪ اِهائـِي پوءِ، ته وِرسِيَل، وَرسَن ڪِين ڪِي.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَمَا كَانَ النَّاسُ اِلَّآ اُمَّةً وَّاحِدَةً فَاخْتَلَفُوْا ۭ وَلَوْلَا كَلِمَةٌ سَبَقَتْ مِنْ رَّبِّكَ لَقُضِيَ بَيْنَھُمْ فِيْـمَا فِيْهِ يَخْتَلِفُوْنَ 19
۽ اُهي ڇَڏيو اَلله کي، پُوڄِين ٺَلها ٿان، جي پُرئـِين نه پهچائـِينِ، اُنهن ئي، نَفعو يا نُقصان، ۽ چي، سائـِين وَٽ سفارشِي، هِي اَسان جا عيان، چئو، الله کي، ڇااُن جِي خَبر ڏِيو ٿا خان!؟ ڄاڻي نه جِنهن زمين ۾، نه اَندر آسمان ، پاڪ اُنهيء کان، پَڪ اُهو، پڻ اُن کان اعلى شان، جِنهن کي، هِي حيوان، ڪَن ٿا، شريڪ شان۾.
— مولوي حاجي احمد ملاحوَيَقُوْلُوْنَ لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ اٰيَةٌ مِّنْ رَّبِّهٖ ۚ فَقُلْ اِنَّـمَا الْغَيْبُ لِلّٰهِ فَانْتَظِرُوْا ۚ اِنِّىْ مَعَكُمْ مِّنَ الْمُنْتَظِرِيْنَ ۧ20
اَصل نه هُئا اِنسان مگر اُمت هيڪڙِي، پوءِ پاڻهِين پاڻ ۾، بِگڙيا بي گمان، هُوند نه اڳي حُڪم ٿيو، تُنهنجي ربَّ کان، رَحمان، ته جنهن ۾ جھڳڙن پاڻ ۾، سوڌُريَن دَرميان، جَلدِي دَرجَهان، نِياء نِبيريو وِيو.
— مولوي حاجي احمد ملاح