001 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 7 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
نُورُالقُرآن
مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح
بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 1
جڳائي جبار کي، سَڀڪائي ساراه،
— مولوي حاجي احمد ملاحاَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۙ
پالڻهار پرٿڻين، هردم هميشاه،
— مولوي حاجي احمد ملاحالرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 3ۙ
سخي سٻاجھو گھڻو، مالڪ محشرگاه
— مولوي حاجي احمد ملاحمٰلِكِ يَوْمِ الدِّيْنِ 4ۭ
توئيِ پوڄيون، توهان ئي پنون حِمايت هرگاه،
— مولوي حاجي احمد ملاحاِيَّاكَ نَعْبُدُ وَاِيَّاكَ نَسْتَعِيْنُ 5ۭ
سُهائيون سَئـِين واٽڙي، واٽ اُنهن جي واه!
— مولوي حاجي احمد ملاحاِھْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَـقِيْمَ 6ۙ
جَن کي توڙان توڙ ڪئيِ نِعمتون نيباه،
— مولوي حاجي احمد ملاحصِرَاطَ الَّذِيْنَ اَنْعَمْتَ عَلَيْهِمْ ۹ غَيْرِ الْمَغْضُوْبِ عَلَيْهِمْ وَلَا الضَّاۗلِّيْنَ 7ۧ
جَن تي ڪاوڙ ناهِ ڪا، ۽ نه گَس ڪنان گمراه، آمين يا الله! اِهو عرض اگھائيِـين.
— مولوي حاجي احمد ملاح