نُورُالقُرآن

مُترجم: مولوي حاجي احمد ملاح

نور القرآن سنڌ جي مشهور عالم مولانا حاجي احمد ملاح جو سنڌي ۾ قرآن پاڪ جو منظوم ترجمو آهي . سنڌي ٻولي کي اهو شرف حاصل آهي ، جو هي قرآن پاڪ جو مڪمل سنڌي ترجمو آهي . مولانا حاجي احمد ملاح سڀ کان پهريائين قرآن پاڪ جي اخري پاره عم جو منظوم ترجمو ڪري ، دار الاشاعت حيدرآباد مان شايع ڪرايو ان کان پوءِ مولانا صاحب قرآن پاڪ جي سموري ترجمي کي سنڌي نظم جي سانچي ۾ پلٽي مڪمل ڪيو ، جنهن کي ارباب اله جڙيي خان ڦوٽو آفسٽ ڪراچي مان ڇپرايو انهيءَ ساڳي ترجمي کي 1978 ع مهران آرٽسٽ ڪائونسل سنڌ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ مان ڇپائي پڌرو ڪيو ، مهراڻ آرٽسٽ ڪائونسل وارتي ڇپائي جي منڍ ۾ سنڌ جي نامياري عالم علامه غلام مصطفى قاسمي صاحب جو هڪ عالمانه مقدمو پڻ ڏنل آهي قرآن پاڪ جو هيءُ منظوم ترجمو 800 صفحن تي ڦهيليل آهي . تازو 1996 ع ۾ سعودي حڪومت جي شهزادي وليد بن طلال بن عبدالعزيز پنهنجي خرچ سان هن جو عڪسي ايڊيشن ڇپائي مفت تقسيم ڪيو آهي . هي ترجمو قديم سنڌي بيت ۾ آهي. عبارت ۾ بي انتها رواني رکيل آهي. بيتن کي پڙهندي حضرت شاهه ڀٽائي صاحبرحه جي ٻولئَ جي سڪ لهي ٿي. هن ترجمي ۾ سنڌجي لاڙ واري ڀاڱي جي سنڌي لفظن جو ڇوليون ڏيندڙ درياءُ سمايل آهي. هن جي پڙهڻ سان نه رڳو دين ۽ دنيا جي هدايت هٿ اچي ٿي پر سنڌي لغت جي اٿاهه ڏکين اکرن جي ڄاڻ پڻ پيدا ٿئي ٿي. نورالقرآن منظوم سنڌي ترجمي جون خوبيون لکت ۾ نه ٿيون اچي سگھن، پڙهڻ سان انهن جو اندازولڳائي سگھجي ٿو. ڀٽائي صاحب پنهنجي بيتن کي آيتن جو نالو ڏنو هو. تحقيق، مقصد، تعليم ۽ روحاني راز جي خيال کان اهي ائين آهن پر مولانا احمد ملاح جا ابيات ته سنئون سڌو قرآني آيات جو ترجمو آهن. هنن جي جھونگارڻ سان قرآن حڪيم جي تعليم جي ڄاڻ پيدا ٿيندي ۽ اسلام جھڙي بين الاقوامي مذهب جي صحيح تعليم حاصل ٿيندي، ڇو ته اسلام جو اصلي پيغام قرآن حڪيم آهي، حديث شريف قرآن جي شرح جي حيثيت رکي ٿي.