096 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ 1ۚ
(اي پيغمبر !) تون پنهنجي پاليندڙ جي نالي سان پڙهه جنهن پيدا ڪيو آهي
— مولانا محمد مدنيخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ 2ۚ
انسان کي رت جي دڳ مان بنايو اٿس
— مولانا محمد مدنياِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ 3ۙ
پڙهه تنهنجو پاليندڙ وڏو سخي آهي
— مولانا محمد مدنيالَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ 4ۙ
جنهن قلم سان سيکاريو آهي
— مولانا محمد مدنيعَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ 5ۭ
انسان کي اهو ڪجهه سيکاريائين جنهن کي نه ڄاڻندو هو
— مولانا محمد مدنيكَلَّآ اِنَّ الْاِنْسَانَ لَيَطْغٰٓى 6ۙ
خبردار ٿي بيشڪ انسان (ماڻهپي جي) حد کان لنگهي وڃي ٿو
— مولانا محمد مدنياَنْ رَّاٰهُ اسْتَغْنٰى 7ۭ
هن ڪري جو هو پاڻ کي بي پرواه ڏسي ٿو
— مولانا محمد مدنياِنَّ اِلٰى رَبِّكَ الرُّجْعٰى 8ۭ
(اي پيغمبر) بيشڪ تنهنجي رب ڏي ئي موٽي وڃڻو آهي
— مولانا محمد مدنياَرَءَيْتَ الَّذِيْ يَنْهٰى 9ۙ
ڀلا ٻڌاءِ ته جو (الله جي)ٻانهي (محمد) کي
— مولانا محمد مدنيعَبْدًا اِذَا صَلّٰى ۭ10
سندس نماز پڙهڻ جي وقت روڪي ٿو
— مولانا محمد مدنياَرَءَيْتَ اِنْ كَانَ عَلَي الْهُدٰٓى ۙ11
ڀلا ٻڌاءِ اهو (الله جو ٻانهو) جيڪڏهن سڌي رستي تي هوندو
— مولانا محمد مدنياَوْ اَمَرَ بِالتَّقْوٰى ۭ12
يا پرهيزگاري جو حڪم ڪندو
— مولانا محمد مدنياَرَءَيْتَ اِنْ كَذَّبَ وَتَوَلّٰى ۭ13
ڀلا ٻڌاءِ ته (نماز کان روڪڻ واري) جيڪڏهن (حق کي) ڪوڙو ڪيو
— مولانا محمد مدنياَلَمْ يَعْلَمْ بِاَنَّ اللّٰهَ يَرٰى ۭ14
۽ منهن موڙيو ته ڇا هن نه ڄاتو ته الله ڏسي ٿو
— مولانا محمد مدنيكَلَّا لَىِنْ لَّمْ يَنْتَهِ ڏ لَنَسْفَعًۢا بِالنَّاصِيَةِ ۙ15
خبردار ٿي جيڪڏهن نه جهلبو ته ضرور ان کي چوٽيءَ کان (جهلي) گهلينداسون
— مولانا محمد مدنينَاصِيَةٍ كَاذِبَةٍ خَاطِئَةٍ ۭ16
جا چوٽي ڪوڙي گنهگار آهي
— مولانا محمد مدنيفَلْيَدْعُ نَادِيَهٗ ۙ17
پوءِ ڀلي ته پنهنجي ڪچهري وارن کي سڏي
— مولانا محمد مدنيسَـنَدْعُ الزَّبَانِيَةَ ۙ18
اسين به پنهنجي سپاهين کي سڏينداسون
— مولانا محمد مدنيكَلَّا ۭ لَا تُطِعْهُ وَاسْجُدْ وَاقْتَرِبْ ڙ 19
خبردار متان ان جو چيو مڃين ۽ تون سجدو ڏي ۽ الله جي ويجهڙائي حاصل ڪر.
— مولانا محمد مدني