089 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
وَالْفَجْرِ 1ۙ
صبح (جي وقت) جو قسم آهي
— مولانا محمد مدنيوَلَيَالٍ عَشْرٍ 2ۙ
۽ ڏهن راتين جو
— مولانا محمد مدنيوَّالشَّفْعِ وَالْوَتْرِ 3ۙ
۽ ٻڌيءَ جو ۽ اڪيءَ جو
— مولانا محمد مدنيوَالَّيْلِ اِذَا يَسْرِ 4ۚ
۽ رات جوجڏهن گذري ٿي
— مولانا محمد مدنيهَلْ فِيْ ذٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِيْ حِجْرٍ 5ۭ
ڇا انهن شين ۾ ڪو عقل واري لاءِ قسم آهي
— مولانا محمد مدنياَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ ۽ 6
(اي پيغمبر) ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ عاد (جي قوم)
— مولانا محمد مدنياِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ ۽ 7
ٿنڀن وانگر قدآور ارم (جي قوم) سان ڪيئن ڪيو
— مولانا محمد مدنيالَّتِيْ لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ ۽ 8
جنهن جهڙو شهرن ۾ ڪو نه پيدا ڪيو ويو
— مولانا محمد مدنيوَثَـمُوْدَ الَّذِيْنَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ 9
۽ ثمود (جي قوم) سان (به) جن وادي القريٰ ۾ ڇپن کي گهڙيو هو
— مولانا محمد مدنيوَفِرْعَوْنَ ذِي الْاَوْتَادِ ۽ 10
۽ ڪلن واري فرعون سان (به)
— مولانا محمد مدنيالَّذِيْنَ طَغَوْا فِي الْبِلَادِ ۽ 11
جيڪي شهرن ۾ پنهنجي حد کان لنگهي ويا
— مولانا محمد مدنيفَاَكْثَرُوْا فِيْهَا الْفَسَادَ ۽ 12
پوءِ انهن ۾ گهڻو فساد ڪيائون
— مولانا محمد مدنيفَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ ڌ 13
پوءِ تنهنجي پاليندڙ مٿن عذاب جو چهبڪ وهايو
— مولانا محمد مدنياِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِ ۭ14
بيشڪ تنهنجو پاليندڙ گهٽ واري هنڌ ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آهي
— مولانا محمد مدنيفَاَمَّا الْاِنْسَانُ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ رَبُّهٗ فَاَكْرَمَهٗ وَنَعَّمَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَكْرَمَنِ ۭ15
پوءِ به انسان کي جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ۽ نعمت ڏئي ٿو ته هو چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي عزت ڏني
— مولانا محمد مدنيوَاَمَّآ اِذَا مَا ابْتَلٰىهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهٗ ڏ فَيَقُوْلُ رَبِّيْٓ اَهَانَنِ ۚ16
۽ جڏهن ان کي هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مون کي خوار ڪيو
— مولانا محمد مدنيكَلَّا بَلْ لَّا تُكْرِمُوْنَ الْيَتِيْمَ ۙ17
ائين نه آهي، پر اوهين يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو
— مولانا محمد مدنيوَلَا تَحٰۗـضُّوْنَ عَلٰي طَعَامِ الْمِسْكِيْنِ ۙ18
۽ نه ڪي هڪ ٻئي کي مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا.
— مولانا محمد مدنيوَتَاْكُلُوْنَ التُّرَاثَ اَكْلًا لَّمًّا ۙ19
۽ مئلن جو مال ته ميڙي سيڙي کائو ٿا
— مولانا محمد مدنيوَّتُحِبُّوْنَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا ۭ20
۽ مال سان محبت گهڻي رکو ٿا
— مولانا محمد مدني