086 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 17 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
وَالسَّمَاۗءِ وَالطَّارِقِ 1ۙ
آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي ايندڙ وقت جو
— مولانا محمد مدنيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الطَّارِقُ 2ۙ
۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت ايندڙ ڇا آهي؟
— مولانا محمد مدنيالنَّجْمُ الثَّاقِبُ 3ۙ
اهو چمڪندڙ تارو آهي
— مولانا محمد مدنياِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِـظٌ 4ۭ
ته ڪوبه شخص اهڙو نه آهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي
— مولانا محمد مدنيفَلْيَنْظُرِ الْاِنْسَانُ مِمَّ خُلِقَ 5ۭ
پوءِ سڀڪو ماڻهو ڏسي ته ڪهڙي شيءِ مان ان کي بنايو ويو آهي؟
— مولانا محمد مدنيخُلِقَ مِنْ مَّاۗءٍ دَافِقٍ 6ۙ
ان کي ٽپي سان ڪرڻ واري پاڻيءَ مان بنايو ويو آهي
— مولانا محمد مدنييَّخْرُجُ مِنْۢ بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَاۗىِٕبِ 7ۭ
جو پٺيءَ جي وچان ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو
— مولانا محمد مدنياِنَّهٗ عَلٰي رَجْعِهٖ لَقَادِرٌ 8ۭ
بيشڪ اهو (الله، ان ڏينهن) ان جي موٽائڻ جي قدرت رکي ٿو
— مولانا محمد مدنييَوْمَ تُبْلَى السَّرَاۗىِٕرُ 9ۙ
جنهن ڏينهن (دلين جا) ڳجهه ظاهر ڪبا
— مولانا محمد مدنيفَـمَا لَهٗ مِنْ قُوَّةٍ وَّلَا نَاصِرٍ ۭ10
پوءِ نه ان کي ڪا سگهه هوندي ۽ نه ڪو مددگار
— مولانا محمد مدنيوَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الرَّجْعِ ۙ11
مينهن واري آسمان جو قسم آهي
— مولانا محمد مدنيوَالْاَرْضِ ذَاتِ الصَّدْعِ ۙ12
۽ (سلن اڀرڻ وقت) ڦاٽڻ واري زمين جو
— مولانا محمد مدنياِنَّهٗ لَقَوْلٌ فَصْلٌ ۙ13
ته بيشڪ اهو (قرآن) فيصلي ٿيل ڳالهه آهي
— مولانا محمد مدنيوَّمَا هُوَ بِالْهَزْلِ ۭ14
۽ اهو چرچو نه آهي
— مولانا محمد مدنياِنَّهُمْ يَكِيْدُوْنَ كَيْدًا ۙ15
بيشڪ اهي (ته ان ڳالهه جي مٽائڻ لاءِ) رٿون رٿين ٿا
— مولانا محمد مدنيوَّاَكِيْدُ كَيْدًا ښ 16
۽ آءُ به رٿ رٿيان ٿو
— مولانا محمد مدنيفَمَــهِّلِ الْكٰفِرِيْنَ اَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا ۧ17
پوءِ (اي پيغمبر!) ڪافرن کي ڍر ڏي، انهن کي ٿوري ڍر ڏي
— مولانا محمد مدني