085 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 22 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
وَالسَّمَاۗءِ ذَاتِ الْبُرُوْجِ 1ۙ
بُرجن واري آسمان جو قسم آهي
— مولانا محمد مدنيوَالْيَوْمِ الْمَوْعُوْدِ 2ۙ
۽ وعدي ڪيل ڏينهن (قيامت) جو
— مولانا محمد مدنيوَشَاهِدٍ وَّمَشْهُوْدٍ 3ۭ
۽ حاضر ٿيندڙ ۽ حاضر ٿيل جو (جن جو قصو هيءُ آهي ته)
— مولانا محمد مدنيقُتِلَ اَصْـحٰبُ الْاُخْدُوْدِ 4ۙ
کاهي جنهن ۾ گهڻي ٻارڻ واري باهه هئي
— مولانا محمد مدنيالنَّارِ ذَاتِ الْوَقُوْدِ 5ۙ
تنهن جي کوٽيندڙن تي ان وقت لعنت پئي
— مولانا محمد مدنياِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُوْدٌ 6ۙ
جنهن وقت اهي ان (کاهيءَ جي ڪنارن) تي ويٺل هئا.
— مولانا محمد مدنيوَّهُمْ عَلٰي مَا يَفْعَلُوْنَ بِالْمُؤْمِنِيْنَ شُهُوْدٌ 7ۭ
۽ هنن جيڪي ايمان وارن سان ڪيو ٿي تنهن کي اهي (پاڻ) ڏسي رهيا هئا
— مولانا محمد مدنيوَمَا نَقَمُوْا مِنْهُمْ اِلَّآ اَنْ يُّؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَمِيْدِ 8ۙ
۽ انهن مان هنن هن کان سواءِ ڪو عيب نه ڪڍيو ته انهن ان زبردست ساراهيل الله تي ايمان آندو هو
— مولانا محمد مدنيالَّذِيْ لَهٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَاللّٰهُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ شَهِيْدٌ 9ۭ
جنهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي. ۽ الله سڀ ڪنهن شيءِ کان باخبر آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّ الَّذِيْنَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُؤْمِنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَتُوْبُوْا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيْقِ ۭ10
بيشڪ جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ جهنم جو عذاب آهي ۽ انهن لاءِ ساڙيندڙ باهه جي سزا آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ ۀ ذٰلِكَ الْفَوْزُ الْكَبِيْرُ ۭ11
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ باغ آهن جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيْدٌ ۭ12
بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي
— مولانا محمد مدنياِنَّهٗ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيْدُ ۚ13
بيشڪ اهوئي نئين سِر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر پيدا ڪندو.
— مولانا محمد مدنيوَهُوَ الْغَفُوْرُ الْوَدُوْدُ ۙ14
۽ اهوئي گهڻو معاف ڪندڙ گهڻي محبت ڪرڻ وارو
— مولانا محمد مدنيذُو الْعَرْشِ الْمَجِيْدُ ۙ15
عرش جو مالڪ وڏي شان وارو ارادو ڪري تنهن کي
— مولانا محمد مدنيفَعَّالٌ لِّمَا يُرِيْدُ ۭ16
جنهن جو پورو ڪري ڇڏڻ وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ الْجُــنُوْدِ ۙ17
(اي پيغمبر) ڇا توکي لشڪرن
— مولانا محمد مدنيفِرْعَوْنَ وَثَـمُــوْدَ ۭ18
فرعون ۽ ثمود جي ڳالهه پهتي آهي
— مولانا محمد مدنيبَلِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا فِيْ تَكْذِيْبٍ ۙ19
پر ڪافر ڪوڙي ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن
— مولانا محمد مدنيوَّاللّٰهُ مِنْ وَّرَاۗىِٕهِمْ مُّحِيْــطٌ ۚ20
۽ الله انهن جي پٺيان (انهن کي)گهيرو ڪندڙ آهي.
— مولانا محمد مدني