082 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 19 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
اِذَا السَّمَاۗءُ انْفَطَرَتْ 1ۙ
جڏهن آسمان ڦاٽندو
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْكَوَاكِبُ انْـتَثَرَتْ 2ۙ
۽ جڏهن تارا ٽڙي پکڙي پوندا
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ 3ۙ
۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) دريا ڦاڙي وهايا ويندا
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْقُبُوْرُ بُعْثِرَتْ 4ۙ
۽ جڏهن (مئلن کي جيارڻ لاءِ قبرون) هيٺ مٿي ڪيون وينديون
— مولانا محمد مدنيعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَاَخَّرَتْ 5ۭ
تڏهن سڀڪنهن شخص جيڪي اڳي موڪليو هوندو ۽ پٺتي ڇڏيو هوندو، تنهن کي ڄاڻي وٺندو
— مولانا محمد مدنييٰٓاَيُّهَا الْاِنْسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيْمِ 6ۙ
اي انسان! توکي ڪهڙي شيءِ پنهجي سڳوري پاليندڙ کان ٺڳيو آهي
— مولانا محمد مدنيالَّذِيْ خَلَقَكَ فَسَوّٰىكَ فَعَدَلَكَ 7ۙ
جنهن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي صحيح سالم ڪيو پوءِ توکي برابر ڪيائين
— مولانا محمد مدنيفِيْٓ اَيِّ صُوْرَةٍ مَّا شَاۗءَ رَكَّبَكَ 8ۭ
جنهن به صورت ۾ گهريائين تنهن ۾ توکي جوڙيو اٿس
— مولانا محمد مدنيكَلَّا بَلْ تُكَذِّبُوْنَ بِالدِّيْنِ 9ۙ
خبردار (متان ڪو پاليندڙ بابت ڌوڪو کائي) پر اوهين (عملن جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا
— مولانا محمد مدنيوَاِنَّ عَلَيْكُمْ لَحٰفِظِيْنَ ۙ10
هوڏانهن اوهان تي اهڙا نگهبان (مقرر) آهن
— مولانا محمد مدنيكِرَامًا كَاتِبِيْنَ ۙ11
جي خوبين وارا آهن (اوهان جي عملن کي) لکڻ وارا آهن
— مولانا محمد مدنييَعْلَمُوْنَ مَا تَفْعَلُوْنَ 12
جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن کي ڄاڻن ٿا
— مولانا محمد مدنياِنَّ الْاَبْرَارَ لَفِيْ نَعِيْمٍ ۚ13
بيشڪ تابعدار ته نعمت ۾ هوندا
— مولانا محمد مدنيوَاِنَّ الْفُجَّارَ لَفِيْ جَحِيْمٍ ښ 14
۽ بدڪار دوزخ جي باه ۾ هوندا
— مولانا محمد مدنييَّصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّيْنِ 15
اهي حساب جي ڏينهن ان ۾ گهڙندا
— مولانا محمد مدنيوَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَاۗىِٕبِيْنَ ۭ16
۽ اهي ان کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن
— مولانا محمد مدنيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۙ17
۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟
— مولانا محمد مدنيثُـمَّ مَآ اَدْرٰىكَ مَا يَوْمُ الدِّيْنِ ۭ18
وري (ٿا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟
— مولانا محمد مدنييَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَـيْــــًٔا ۭ وَالْاَمْرُ يَوْمَىِٕذٍ لِّلّٰهِ ۧ19
جنهن ڏينهن ڪوبه شخص ڪنهن به شخص لاءِ ڪجهه به ڪري ڪين سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن الله جو هوندو.
— مولانا محمد مدني