081 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 29 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
اِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ ۽ 1
جڏهن سج کي ويڙهيو ويندو
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا النُّجُوْمُ انْكَدَرَتْ ۽ 2
۽ جڏهن تارا ڪري ٽڙي پکڙجي پوندا
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْجِبَالُ سُيِّرَتْ 3
۽ جڏهن جبلن کي هلايو ويندو
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ ۽ 4
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون ڍڪيون ڏاچيون (ڌنار کان سواءِ) ڇوٽ ڇڏيون وينديون
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْوُحُوْشُ حُشِرَتْ ۽ 5
۽ جڏهن جهنگلي جانورن کي (ماڻهن سان) گڏ ڪيو ويندو
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْبِحَارُ سُجِّرَتْ ۽ 6
۽ جڏهن (کارا ۽ مٺا) درياه (باه وانگر) تپايا ويندا
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا النُّفُوْسُ زُوِّجَتْ ۽ 7
۽ جڏهن سڀئي شخص ملايا ويندا
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْمَوْءٗدَةُ سُىِٕلَتْ ۽ 8
۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي پڇي ويندي
— مولانا محمد مدنيبِاَيِّ ذَنْۢبٍ قُتِلَتْ 9ۚ
ته ڪهڙي گناهه ڪري ماري ويئي هئي؟
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الصُّحُفُ نُشِرَتْ ۽ 10
۽ جڏهن (عملن جا) دفتر کوليا ويندا
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا السَّمَاۗءُ كُشِطَتْ ۽ 11
۽ جڏهن آسمان جي کل لاٿي ويندي
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْجَــحِيْمُ سُعِّرَتْ ۽ 12
۽ جڏهن دوزخ جي باهه ڀڙڪائي ويندي
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا الْـجَنَّةُ اُزْلِفَتْ ۽ 13
۽ جڏهن جنت کي ويجهو ڪيو ويندو
— مولانا محمد مدنيعَلِمَتْ نَفْسٌ مَّآ اَحْضَرَتْ ۭ14
تڏهن سڀڪو شخص انهن (عملن) کي ڄاڻندو جن کي پاڻ سان کڻي آيو هوندو.
— مولانا محمد مدنيفَلَآ اُقْسِمُ بِالْخُنَّسِ ۙ15
پوءِ قسم کڻان ٿو پٺتي هٽندڙن
— مولانا محمد مدنيالْجَوَارِ الْكُنَّسِ ۙ16
سڌو هلندڙن، لڪندڙ (تارن) جو
— مولانا محمد مدنيوَالَّيْلِ اِذَا عَسْعَسَ ۙ17
۽ رات جو (قسم) جڏهن اچي ٿي
— مولانا محمد مدنيوَالصُّبْحِ اِذَا تَنَفَّسَ ۙ18
۽ صبح جو جڏهن ظاهر ٿئي ٿو
— مولانا محمد مدنياِنَّهٗ لَقَوْلُ رَسُوْلٍ كَرِيْمٍ ۙ19
ته اهو (قرآن) خوبين واري قاصد (جبريل) جو ڪلام آهي
— مولانا محمد مدنيذِيْ قُوَّةٍ عِنْدَ ذِي الْعَرْشِ مَكِيْنٍ ۙ20
جو سگهه وارو عرش جي مالڪ (الله) وٽ مرتبي وارو
— مولانا محمد مدني