079 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 46 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
وَالنّٰزِعٰتِ غَرْقًا 1ۙ
انهن (ملائڪن) جو قسم آهي جي سختيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا.
— مولانا محمد مدنيوَّالنّٰشِطٰتِ نَشْطًا 2ۙ
۽ انهنجو آسانيءَ سان ڇڪيو ڪڍن ٿا.
— مولانا محمد مدنيوَّالسّٰبِحٰتِ سَبْحًا 3ۙ
۽ انهن جو جي (هوا ۾ ) ترن ٿا
— مولانا محمد مدنيفَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًا 4ۙ
پوءِ (هڪ ٻئي کان) اڳي وڌن ٿا
— مولانا محمد مدنيفَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًا 5ۘ
پوءِ ڪنهن ڪم جي تدبير ڪن ٿا (ته قيامت ضرور ٿيندي)
— مولانا محمد مدنييَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ 6ۙ
جنهن ڏينهن ڌڏڻ وري ڌڏندي
— مولانا محمد مدنيتَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ 7ۭ
هن حالت ۾ جو پٺيان اچڻ واري ان جي پٺيان ايندي.
— مولانا محمد مدنيقُلُوْبٌ يَّوْمَىِٕذٍ وَّاجِفَةٌ 8ۙ
ڪيتريون ئي دليون تنهن ڏينهن ڏڪڻ واريون هونديون.
— مولانا محمد مدنياَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ 9ۘ
(خواري کان) سندن اکيون هيٺ ٿينديون
— مولانا محمد مدنييَقُوْلُوْنَ ءَاِنَّا لَمَرْدُوْدُوْنَ فِي الْحَافِرَةِ ۭ10
چون ٿا ته ڇا اسين پهرين حالت ڏي موٽايا وينداسون؟
— مولانا محمد مدنيءَاِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً ۭ11
ڇا جڏهن اسين ڳريل هڏيون ٿينداسون؟
— مولانا محمد مدنيقَالُوْا تِلْكَ اِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ ۘ12
چون ٿا ته اهو (مرڻ کانپوءِ جيئرو ٿيڻ) تڏهن ته نقصان وارو موٽڻ آهي (نه مشڪل سمجهو ان کي)
— مولانا محمد مدنيفَاِنَّـمَا ھِيَ زَجْرَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
ڇو ته اهو (واقعو) رڳو هڪڙي سخت هڪل آهي
— مولانا محمد مدنيفَاِذَا هُمْ بِالسَّاهِرَةِ ۭ14
پوءِ اهي اتي ئي زمين جي پڌري پٽ تي اچي پوندا.
— مولانا محمد مدنيهَلْ اَتٰىكَ حَدِيْثُ مُوْسٰى ۘ15
(اي پيغمبرﷺ!) ڇا توکي موسيٰ جي ڳالهه پهتي آهي؟
— مولانا محمد مدنياِذْ نَادٰىهُ رَبُّهٗ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى ۚ16
جڏهن ان کي سندس پاليندٰڙ پاڪ نئي ۾ سڏيو
— مولانا محمد مدنياِذْهَبْ اِلٰى فِرْعَوْنَ اِنَّهٗ طَغٰى ڮ 17
ته تون فرعون ڏي وڃ ڇو ته هو حد کان لنگهي ويو آهي.
— مولانا محمد مدنيفَقُلْ هَلْ لَّكَ اِلٰٓى اَنْ تَـزَكّٰى ۙ18
پوءِ ان کي چئو ته ڇا توکي پاڪ ٿيڻ جي ڪا رغبت آهي
— مولانا محمد مدنيوَاَهْدِيَكَ اِلٰى رَبِّكَ فَتَخْشٰى ۚ19
۽ هيءَ به (رغبت آهي) ته آءُ توکي تنهنجي پاليندڙ جو رستو ڏيکاريان ته ان کان ڊڄين.
— مولانا محمد مدنيفَاَرٰىهُ الْاٰيَةَ الْكُبْرٰى ڮ 20
پوءِ ان کي وڏي نشاني ڏيکاريائين
— مولانا محمد مدني