078 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
عَمَّ يَتَسَاۗءَلُوْنَ 1ۚ
ڪهڙي ڳالهه بابت هڪ ٻئي کان پڇن ٿا؟
— مولانا محمد مدنيعَنِ النَّبَاِ الْعَظِيْمِ 2ۙ
اهڙي وڏي خبر (قيامت) بابت
— مولانا محمد مدنيالَّذِيْ هُمْ فِيْهِ مُخْـتَلِفُوْنَ 3ۭ
جنهن ۾ اهي اختلاف ڪندڙ آهن
— مولانا محمد مدنيكَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 4ۙ
خبردار (متان اختلاف ڪن) اجهو اهي (ان جي حقيقت کي) ڄاڻي وٺن ٿا.
— مولانا محمد مدنيثُـمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 5
وري خبردار ٿين اجهو اهي ڄاڻي وٺن ٿا
— مولانا محمد مدنياَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا 6ۙ
(اي ماڻهو!) ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه ڪيو آهي
— مولانا محمد مدنيوَّالْـجِبَالَ اَوْتَادًا ۽ 7
۽ جبلن کي زمين جون ميخون؟
— مولانا محمد مدنيوَّخَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًا 8ۙ
۽ اسان اوهان کي جوڙا (نر ۽ مادي) ڪري پيدا ڪيو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَّجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا 9ۙ
۽ اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي
— مولانا محمد مدنيوَّجَعَلْنَا الَّيْلَ لِبَاسًا ۙ10
۽ رات کي ڍڪ ڪيو آهي
— مولانا محمد مدنيوَّجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا ۠11
۽ ڏينهن کي گذران جو وقت ڪيو آهي
— مولانا محمد مدنيوَّبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا ۙ12
۽ اوهان جي مٿان ست مضبوط آسمان بنايا آهن
— مولانا محمد مدنيوَّجَعَلْنَا سِرَاجًا وَّهَّاجًا ۽ 13
۽ هڪڙو روشن ڏيئو پيدا ڪيو آهي
— مولانا محمد مدنيوَّاَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْــصِرٰتِ مَاۗءً ثَجَّاجًا ۙ14
۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي لاٿو آهي
— مولانا محمد مدنيلِّنُخْرِجَ بِهٖ حَبًّا وَّنَبَاتًا ۙ15
ته ان سان داڻا ۽ گاهه
— مولانا محمد مدنيوَّجَنّٰتٍ اَلْفَافًا ۭ16
۽ گهاٽا باغ پيدا ڪريون
— مولانا محمد مدنياِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيْقَاتًا ۙ17
بيشڪ فيصلي جو ڏينهن هڪ مقرر وقت آهي
— مولانا محمد مدنييَّوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًا ۙ18
(اهو ڏينهن) جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو پوءِ اوهين ٽوليون ٿي ايندؤ.
— مولانا محمد مدنيوَّفُتِحَتِ السَّمَاۗءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًا ۙ19
۽ آسمان کولبو جو دروازا ٿي پوندو
— مولانا محمد مدنيوَّسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا ۭ20
۽ جبل هلائبا پوءِ اهي رُڃ جهڙا ٿي پوندا
— مولانا محمد مدني