076 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 31 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
هَلْ اَتٰى عَلَي الْاِنْسَانِ حِيْنٌ مِّنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْـــًٔا مَّذْكُوْرًا 1
بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت (به) گذريو آهي جنهن ۾ هو ڪا به اهڙي شيءِ نه هو جنهن جي ڳالهه ڪئي وڃي.
— مولانا محمد مدنياِنَّا خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ اَمْشَاجٍ ڰ نَّبْتَلِيْهِ فَجَعَلْنٰهُ سَمِيْعًۢا بَصِيْرًا 2
بيشڪ اسان انسان کي (ڪيترن شين مان) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون، پوءِ ان کي ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.
— مولانا محمد مدنياِنَّا هَدَيْنٰهُ السَّبِيْلَ اِمَّا شَاكِرًا وَّاِمَّا كَفُوْرًا 3
بيشڪ اسان انسان کي شڪر ڪندڙ هجي يا بي شڪر، رستو ڏيکاريو آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّآ اَعْتَدْنَا لِلْكٰفِرِيْنَ سَلٰسِلَا۟ وَاَغْلٰلًا وَّسَعِيْرًا 4
بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير ۽ ڳٽ ۽ ٻرندڙ باهه تيار ڪري رکي آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّ الْاَبْرَارَ يَشْرَبُوْنَ مِنْ كَاْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوْرًا 5ۚ
بيشڪ نيڪ بخت اهڙي (شراب جي) پيالي مان پيئندا جنهن ۾ ملاوت ڪافور جي ٿيندي
— مولانا محمد مدنيعَيْنًا يَّشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللّٰهِ يُفَجِّرُوْنَهَا تَفْجِيْرًا 6
جو هڪ چشمو آهي جنهن مان الله جا (خاص) ٻانها پيئندا (جتي وڻندن اتي) ان کي وهائي ويندا.
— مولانا محمد مدنييُوْفُوْنَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُوْنَ يَوْمًا كَانَ شَرُّهٗ مُسْـتَطِيْرًا 7
اهي (الله جي) باس پوري ڪن ٿا ۽ اهڙي ڏينهن کان ڊڄن ٿا جنهن جي بڇڙائي پکڙيل هوندي.
— مولانا محمد مدنيوَيُطْعِمُوْنَ الطَّعَامَ عَلٰي حُبِّهٖ مِسْكِيْنًا وَّيَـتِـيْمًا وَّاَسِيْرًا 8
۽ سندس محبت تي مسڪين ۽ يتيم ۽ قيديءَ کي کاڌو کارائين ٿا.
— مولانا محمد مدنياِنَّـمَا نُـطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللّٰهِ لَا نُرِيْدُ مِنْكُمْ جَزَاۗءً وَّلَا شُكُوْرًا 9
( ۽ چون ٿا ته) اسين اوهان کي رڳو الله جي رضامنديءَ لاءِ کاڌو کارايون ٿا اوهان کان نه بدلو ۽ نه ڪي شڪر گذاري گهرون ٿا.
— مولانا محمد مدنياِنَّا نَخَافُ مِنْ رَّبِّنَا يَوْمًا عَبُوْسًا قَمْطَرِيْرًا 10
بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ جي طرفان هڪ ڏکي (۽) تمام سخت ڏينهن کان ڊڄون ٿا.
— مولانا محمد مدنيفَوَقٰىهُمُ اللّٰهُ شَرَّ ذٰلِكَ الْيَوْمِ وَلَقّٰىهُمْ نَضْرَةً وَّسُرُوْرًا ۚ11
پوءِ الله انهن کي ان ڏينهن جي بڇڙائي کان بچايو، ۽ انهن کي تازگي ۽ خوشي پهچايائين.
— مولانا محمد مدنيوَجَزٰىهُمْ بِـمَا صَبَرُوْا جَنَّةً وَّحَرِيْرًا ۙ12
۽ سندن صبر ڪرڻ جي ڪري انهن کي باغ ۽ ريشم بدلي ۾ ڏنائين.
— مولانا محمد مدنيمُّتَّكِــــِٕيْنَ فِيْهَا عَلَي الْاَرَاۗىِٕكِ ۚ لَا يَرَوْنَ فِيْهَا شَمْسًا وَّلَا زَمْهَرِيْرًا ۚ13
ان (باغ) ۾ پلنگن تي ٽيڪ لڳائي وهندا. نه ان ۾ (سج جي) اس ۽ نه سخت سردي ڏسندا.
— مولانا محمد مدنيوَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلٰلُهَا وَذُلِّـلَتْ قُـطُوْفُهَا تَذْلِيْلًا 14
۽ ان باغ جون ڇانئون مٿن ويجهيون هونديون ۽ ان جا ميوا چڱيءَ طرح لٽڪايا ويا هوندا
— مولانا محمد مدنيوَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِاٰنِيَةٍ مِّنْ فِضَّةٍ وَّاَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَا۩رِيْرَا۟ ۙ15
۽ وٽن چانديءَ جي ٿانون ۽ اهڙن پيالن سان اچ وڃ ٿيندي جيڪي شيشي جا هوندا
— مولانا محمد مدنيقَوَا۩رِيْرَا۟ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوْهَا تَقْدِيْرًا 16
(پر اُهو) شيشو چانديءَ مان (بنايل) هوندو. جن کي اندازو ڪري بنايو هوندائون.
— مولانا محمد مدنيوَيُسْقَوْنَ فِيْهَا كَاْسًا كَانَ مِزَاجُهَا زَنْجَبِيْلًا ۚ17
۽ ان ۾ کين اهڙو پيالو پياريو ويندو جنهن ۾ ملاوت سُنڍ (چشمي) جي هوندي
— مولانا محمد مدنيعَيْنًا فِيْهَا تُسَمّٰى سَلْسَبِيْلًا 18
جو ان ۾ هڪ چشمو آهي جنهن جو نالو سلسبيل رکيو وڃي ٿو.
— مولانا محمد مدنيوَيَطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۚ اِذَا رَاَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤًا مَّنْثُوْرًا 19
۽ هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا وٽن (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا. (اي ڏسندڙ) جڏهن تون کين ڏسندين ته انهن کي پکڙيل موتي خيال ڪندين.
— مولانا محمد مدنيوَاِذَا رَاَيْتَ ثَمَّ رَاَيْتَ نَعِيْمًا وَّمُلْكًا كَبِيْرًا 20
۽ جڏهن اتي ڏسندين ته نعمت ۽ وڏي بادشاهي ڏسندين.
— مولانا محمد مدني