074 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 56 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
يٰٓاَيُّهَا الْمُدَّثِّر 1ۙ
اي (نبوت جي لباس ۾ ) ويڙهجڻ وارا،
— مولانا محمد مدنيقُمْ فَاَنْذِرْ ۽ 2
کڙو ٿي! پوءِ ڊيڄار
— مولانا محمد مدنيوَرَبَّكَ فَكَبِّرْ ۽ 3
۽ پنهنجي پاليندڙ جي وڏائي بيان ڪر،
— مولانا محمد مدنيوَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ ۽ 4
۽ پنهنجن ڪپڙن کي پاڪ رک،
— مولانا محمد مدنيوَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ ۽ 5
۽ گندگيءَ کان پري رهه
— مولانا محمد مدنيوَلَا تَمْنُنْ تَسْتَكْثِرُ ۽ 6
۽ هن لاءِ احسان نه ڪر ته توکي گهڻو ملي.
— مولانا محمد مدنيوَلِرَبِّكَ فَاصْبِرْ 7ۭ
۽ پنهنجي پاليندڙ (جي رضامنديءَ) لاءِ (مصيبتن تي) صبر ڪر.
— مولانا محمد مدنيفَاِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُوْرِ 8
پوءِ جڏهن ناقور وڄايو ويندو،
— مولانا محمد مدنيفَذٰلِكَ يَوْمَىِٕذٍ يَّوْمٌ عَسِيْرٌ 9ۙ
تڏهن اهو (وقت) ان ڏينهن ڏاڍو ڏکيو وقت ٿيندو.
— مولانا محمد مدنيعَلَي الْكٰفِرِيْنَ غَيْرُ يَسِيْرٍ 10
ڪافرن تي آسان نه هوندو
— مولانا محمد مدنيذَرْنِيْ وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيْدًا ۙ11
(اي رسولﷺ!) مو نکي ۽ ان کي ڇڏي ڏي جنهن کي اڪيلو پيدا ڪيو اٿم
— مولانا محمد مدنيوَّجَعَلْتُ لَهٗ مَالًا مَّمْدُوْدًا ۙ12
۽ ان کي گهڻو مال ڏنو اٿم
— مولانا محمد مدنيوَّبَنِيْنَ شُهُوْدًا ۙ13
۽ پٽ (به) جيڪي وٽس رهڻ وارا آهن
— مولانا محمد مدنيوَّمَهَّدْتُّ لَهٗ تَمْهِيْدًا ۙ14
۽ ان لاءِ (دنيا جي سڀ شيءِ) چڱيءَ طرح پکيڙي ڇڏي اٿم
— مولانا محمد مدنيثُـمَّ يَطْمَعُ اَنْ اَزِيْدَ ڎ 15
وري به هو طمع ڪري ٿو ته (اُن کي) وڌيڪ ڏيان.
— مولانا محمد مدنيكَلَّا ۭ اِنَّهٗ كَانَ لِاٰيٰتِنَا عَنِيْدًا ۭ16
ائين نه ٿيندو، ڇو ته هو اسان جي آيتن جو مخالف آهي.
— مولانا محمد مدنيسَاُرْهِقُهٗ صَعُوْدًا ۭ17
سگهوئي آءُ ان کي سخت تڪليف ۾ ڦاسائيندس
— مولانا محمد مدنياِنَّهٗ فَكَّرَ وَقَدَّرَ ۙ18
ڇو ته ان فڪر ڪيو ۽ هڪ ڳالهه تجويز ڪيائين
— مولانا محمد مدنيفَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ19
پوءِ مار پويس ڪيئن تجويز ڪيائين.
— مولانا محمد مدنيثُـمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ ۙ20
پوءِ مار پويس ڪيئن تجويز ڪيائين.
— مولانا محمد مدني