072 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
قُلْ اُوْحِيَ اِلَيَّ اَنَّهُ اسْتَـمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْٓا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا 1ۙ
(اي رسولﷺ !) تون چئو ته مون ڏي هن ڳالهه جو وحي ڪيو ويو آهي ته جنن مان هڪ جماعت (مون کان قرآن پڙهندي) ٻڌو. پوءِ (پنهنجي قوم کي وڃي) چيائون ته بيشڪ اسان عجب طرح جو قرآن ٻڌو آهي
— مولانا محمد مدنييَّهْدِيْٓ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ ۭ وَلَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ اَحَدًا 2ۙ
جو سڌي رستي تي هلڻ جو ڏس ڏئي ٿو ان ڪري اسان ان تي ايمان آندو ۽ اسين پنهنجي پاليندڙ سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪنداسون.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا 3ۙ
۽ (بيان ڪيائون ته) اسان جي پاليندڙ جو شان مٿي آهي (جو) نه ڪنهن کي (پنهنجي) زال ۽ نه ڪنهن کي (پنهنجو) اولاد بنايو اٿس.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّهٗ كَانَ يَقُوْلُ سَفِيْهُنَا عَلَي اللّٰهِ شَطَطًا 4ۙ
۽ اسان مان بيوقوف شخص الله تي حد کان لنگهيل ڳالهه مڙهيندو هو.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَالْجِنُّ عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا 5ۙ
۽ اسان خيال ڪيو هو ته انسان ۽ جن الله تي ڪوڙ ڪڏهن به نه چوندا.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ يَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًا 6ۙ
۽ ماڻهن مان ڪيترا مرد جنن جي مردن جي پناهه وٺندا هئا پوءِ انهن (ماڻهن) هنن (جنن) جي هيڪاري سرڪشي وڌائي ڇڏي
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَـمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًا 7ۙ
۽ انهن (ماڻهن) خيال ڪيو هو جيئن اوهان (جنن) خيال ڪيو آهي ته الله ڪنهن کي پيغمبر ڪري نه موڪليندو
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاۗءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيْدًا وَّشُهُبًا 8ۙ
۽ اسان آسمان کي جاچيو پوءِ ان کي ڏٺوسون ته سخت چوڪيدارن ۽ شعلن سان ڀريو پيو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ ۭ فَـمَنْ يَّسْتَمِعِ الْاٰنَ يَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًا 9ۙ
۽ (اڳي) اسين آسمان جي (گهڻن) رستن تي ٻڌڻ لاءِ ويهندا هئاسون پوءِ هاڻي جيڪو ٻڌڻ گهري ٿو سو پاڻ لاءِ تيار ٿيل شعلو ڏسي ٿو.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّا لَا نَدْرِيْٓ اَشَرٌّ اُرِيْدَ بِمَنْ فِي الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا ۙ10
۽ اسين نه ٿا ڄاڻون ته زمين وارن سان بڇڙائي جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پاليندڙ انهن کي رستي تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَمِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ ۭ كُنَّا طَرَاۗىِٕقَ قِدَدًا ۙ11
۽ اسان مان ڪي چڱا آهن ۽ اسان مان ڪي ٻي طرح جا آهن. ڇو ته اسين مختلف طريقن تي آهيون.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِي الْاَرْضِ وَلَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًا ۙ12
۽ اسان هي خيال ڪيو آهي ته اسين الله کي زمين ۾ ڪڏهن به ٿڪائي نه سگهنداسون ۽ نه ڪي ڀڄي ڪڏهن ان کي ٿڪائي سگهنداسون.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰٓى اٰمَنَّا بِهٖ ۭ فَـمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَّلَا رَهَقًا ۙ13
۽ اسان جڏهن رستي تي هلڻ جي ڳالهه ٻڌي تڏهن ان تي ايمان آندوسون. پوءِ جيڪو پنهنجي پاليندڙ تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان ڊڄندو.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَمِنَّا الْقٰسِطُوْنَ ۭ فَـمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰۗىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا 14
۽ اسان مان ڪجهه فرمانبردار آهن ۽ اسان مان ڪجهه بي انصاف آهن. پوءِ جيڪي فرمانبردار ٿيا تن سڌو رستو ڳولي ورتو.
— مولانا محمد مدنيوَاَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا ۙ15
۽ بي انصاف جهنم جون ڪاٺيون ٿيندا.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنْ لَّوِ اسْتَــقَامُوْا عَلَي الطَّرِيْقَةِ لَاَسْقَيْنٰهُمْ مَّاۗءً غَدَقًا ۙ16
۽ (اي رسولﷺ!) جيڪڏهن ماڻهو رستي تي سڌا ٿي هلن ها ته اسين کين گهڻو پاڻي پياريون ها
— مولانا محمد مدنيلِّنَفْتِنَهُمْ فِيْهِ ۭ وَمَنْ يُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا ۙ17
(هن لاءِ) ته ان ۾ سندن امتحان ڪريون ۽ جيڪو به پاليندڙ جي يادگيريءَ کان منهن موڙيندو تنهن کي الله سخت عذاب ۾ ڦاسائيندو.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًا ۙ18
۽ بيشڪ سجدي ڪرڻ جون جايون الله جي (عبادت) لاءِ آهن پوءِ اوهين الله سان گڏ ڪنهن کي به نه سڏيو.
— مولانا محمد مدنيوَّاَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ يَدْعُوْهُ كَادُوْا يَكُوْنُوْنَ عَلَيْهِ لِبَدًا ۉ 19
۽ جڏهن الله جو ٻانهون بيٺو ته الله کي سڏي ته اهي (ڪافر) مٿس ميڙ ڪري ڪِرڻ تي هئا.
— مولانا محمد مدنيقُلْ اِنَّـمَآ اَدْعُوْا رَبِّيْ وَلَآ اُشْرِكُ بِهٖٓ اَحَدًا 20
(اي رسولﷺ!) چئو ته آءُ رڳوپنهنجي پاليندڙ کي سڏيان ٿو ۽ ڪنهن کي به ان سان شريڪ نه ٿو ڪريان.
— مولانا محمد مدني