069 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 52 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
اَلْحَاۗقَّةُ 1ۙ
ثابت ٿيڻ واري (سزا)
— مولانا محمد مدنيمَا الْحَاۗقَّةُ 2ۚ
اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟
— مولانا محمد مدنيوَمَآ اَدْرٰىكَ مَا الْحَاۗقَّةُ 3ۭ
۽ توکي ڪهڙي خبر ته اها ثابت ٿيڻ واري (سزا) ڇا آهي؟
— مولانا محمد مدنيكَذَّبَتْ ثَـمُوْدُ وَعَادٌۢ بِالْقَارِعَةِ 4
ثمود ۽ عاد (جي قومن) وڏي مصيبت (جي اچڻ) کي ڪوڙو ڪيو.
— مولانا محمد مدنيفَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَاُهْلِكُوْا بِالطَّاغِيَةِ 5
پوءِ ثمود (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ (سخت آواز) سان هلاڪ ڪيو ويو.
— مولانا محمد مدنيوَاَمَّا عَادٌ فَاُهْلِكُوْا بِرِيْحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ 6ۙ
۽ عاد (جي قوم) کي حد کان لنگهندڙ تيز هوا سان هلاڪ ڪيو ويو،
— مولانا محمد مدنيسَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَّثَمٰنِيَةَ اَيَّامٍ ۙ حُسُوْمًا ۙ فَتَرَى الْقَوْمَ فِيْهَا صَرْعٰى ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ 7ۚ
جنهن کي (الله) مٿن ست راتيون۽ اٺ ڏينهن لڳاتار مقررڪيو (پوءِ اي ڳالهه ٻڌندڙ! جيڪڏهن تون ڏسين ته) تون ان قوم کي ان (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ڄڻ ته اهي پورين کجين جا ٿڙ آهن.
— مولانا محمد مدنيفَهَلْ تَرٰى لَهُمْ مِّنْۢ بَاقِيَةٍ 8
پوءِ ڇا تون انهن مان ڪو بچيل ڏسين ٿو؟
— مولانا محمد مدنيوَجَاۗءَ فِرْعَوْنُ وَمَنْ قَبْلَهٗ وَالْمُؤْتَفِكٰتُ بِالْخَاطِئَةِ 9ۚ
۽ فرعون ۽ جيڪي ان کان اڳ هئا ۽ اڇلايل شهرن وارن ڏوهه ڪيو.
— مولانا محمد مدنيفَعَصَوْا رَسُوْلَ رَبِّهِمْ فَاَخَذَهُمْ اَخْذَةً رَّابِيَةً 10
پوءِ پنهنجي پاليندڙ جي موڪليل (رسول) جي نافرماني ڪيائون پوءِ الله کين تمام سخت پڪڙ ڪئي.
— مولانا محمد مدنياِنَّا لَمَّا طَغَا الْمَاۗءُ حَمَلْنٰكُمْ فِي الْجَارِيَةِ ۙ11
(اي ماڻهو !) جڏهن پاڻي حد کان لنگهي ويو تڏهن اوهان کي ٻيڙيءَ ۾ سوار ڪيوسون.
— مولانا محمد مدنيلِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَّتَعِيَهَآ اُذُنٌ وَّاعِيَةٌ 12
هن لاءِ ته ان (واقعي) کي اوهان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُ ياد رکي.
— مولانا محمد مدنيفَاِذَا نُفِخَ فِي الصُّوْرِ نَفْخَةٌ وَّاحِدَةٌ ۙ13
پوءِ جڏهن صور ۾ هڪ ڦوڪ ڦوڪي ويندي
— مولانا محمد مدنيوَّحُمِلَتِ الْاَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَّاحِدَةً ۙ14
۽ زمين ۽ جبل مٿي کنيا ويندا پوءِ ٻنهي کي هڪ ئي ڀيري ڪٽي سنئون ڪيو ويندو
— مولانا محمد مدنيفَيَوْمَىِٕذٍ وَّقَعَتِ الْوَاقِعَةُ ۙ15
تڏهن ان ڏينهن ٿيڻ واري (قيامت) ٿي پوندي،
— مولانا محمد مدنيوَانْشَقَّتِ السَّمَاۗءُ فَھِيَ يَوْمَىِٕذٍ وَّاهِيَةٌ ۙ16
۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اهو ان ڏينهن ڳريو پيو هوندو،
— مولانا محمد مدنيوَّالْمَلَكُ عَلٰٓي اَرْجَاۗىِٕهَا ۭ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَىِٕذٍ ثَمٰنِيَةٌ ۭ17
۽ ملائڪ ان جي ڪنارن تي هوندا، ۽ تنهنجي پاليندڙ جو تخت ان ڏينهن اٺ ملائڪ پاڻ تي کڻندا،
— مولانا محمد مدنييَوْمَىِٕذٍ تُعْرَضُوْنَ لَا تَخْفٰى مِنْكُمْ خَافِيَةٌ 18
ان ڏينهن اوهان کي (الله جي) سامهون ڪيو ويندو. اوهانجي ڪابه ڳالهه (الله کان) لڪل نه رهندي.
— مولانا محمد مدنيفَاَمَّا مَنْ اُوْتِيَ كِتٰبَهٗ بِيَمِيْنِهٖ ۙ فَيَقُوْلُ هَاۗؤُمُ اقْرَءُوْا كِتٰبِيَهْ ۚ19
پوءِ جنهن کي سندس اعمالنامو سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو سو (خوشيءَ کان) چوندو ته وٺو منهنجو عملنامون پڙهو.
— مولانا محمد مدنياِنِّىْ ظَنَنْتُ اَنِّىْ مُلٰقٍ حِسَابِيَهْ ۚ20
مون کي يقين هو ته ضرور مون کي منهنجو حساب (عملنامون) ملندو (سو مليو)
— مولانا محمد مدني