065 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 12 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا طَلَّقْتُمُ النِّسَاۗءَ فَطَلِّقُوْهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَاَحْصُواالْعِدَّةَ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ رَبَّكُمْ ۚ لَا تُخْرِجُوْهُنَّ مِنْۢ بُيُوْتِهِنَّ وَلَا يَخْرُجْنَ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۭ وَتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّتَعَدَّ حُدُوْدَ اللّٰهِ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهٗ ۭ لَا تَدْرِيْ لَعَلَّ اللّٰهَ يُحْدِثُ بَعْدَ ذٰلِكَ اَمْرًا 1
اي نبي ﷺ! (مسلمانن کي چئو ته) جڏهن اوهين زالن کي طلاق ڏيو ته انهن کي سندن عدّت تي طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو. ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄو، انهن کي سندن گهرن مان (عدت جي مدت ۾ ) پڌري بي حيائي جي ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اهي پاڻ ٻاهر نڪرن. ۽ اهي الله جون حدون آهن. ۽ جيڪو الله جي حدن کان لنگهندو ته ان پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو (ڇو ته) اهو نه ٿو ڄاڻي ته متان الله ان (طلاق ڏيڻ) کانپوءِ ڪا (ملاپ جي) جي نئين ڳالهه پيدا ڪري.
— مولانا محمد مدنيفَاِذَا بَلَغْنَ اَجَلَهُنَّ فَاَمْسِكُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ اَوْ فَارِقُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ وَّاَشْهِدُوْا ذَوَيْ عَدْلٍ مِّنْكُمْ وَاَقِيْمُوا الشَّهَادَةَ لِلّٰهِ ۭ ذٰلِكُمْ يُوْعَظُ بِهٖ مَنْ كَانَ يُؤْمِنُ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ڛ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مَخْرَجًا 2ۙ
پوءِ جڏهن اهي (زالون) پنهنجي مدي کي پهچن ته رواج موجب انهن کي جهليو يا رواج موجب انهن کان جدا ٿيو ۽ پاڻ مان اعتبار وارن ٻن ڄڻن کي شاهد ڪريو ۽ الله جي واسطي پوري شاهدي ڏيو. هن (حڪم) سان ان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي، جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله ان لاءِ مشڪل مان نڪرڻ جو رستو پيدا ڪري ڏيندو.
— مولانا محمد مدنيوَّيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ ۭ وَمَنْ يَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗ ۭ اِنَّ اللّٰهَ بَالِغُ اَمْرِهٖ ۭ قَدْ جَعَلَ اللّٰهُ لِكُلِّ شَيْءٍ قَدْرًا 3
۽ ان کي اتان روزي ڏيندو جتان گمان به نه هوندس ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو ته الله ان لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي پورو ڪرڻ وارو آهي. الله سڀڪنهن شيءِ جو اندازو ڪري ڇڏيو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَاڿ يَىِٕسْنَ مِنَ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ اِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ اَشْهُرٍ ۙ وَّاڿ لَمْ يَحِضْنَ ۭ وَاُولَاتُ الْاَحْمَالِ اَجَلُهُنَّ اَنْ يَّضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ اَمْرِهٖ يُسْرًا 4
۽ جيڪي اوهان جن زالن مان حيض اچڻ کان نااميد ٿيون هجن (تن جي عدت بابت) جيڪڏهن شڪ ۾ پيا آهيو ته سندن عدت ٽي مهينا آهي ۽ (اهڙيءَ طرح) اهي زالون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا آهي) ۽ پيٽ وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله سندس ڪم کي آسان ڪري ڇڏيندو.
— مولانا محمد مدنيذٰلِكَ اَمْرُ اللّٰهِ اَنْزَلَهٗ ٓ اِلَيْكُمْ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يُكَفِّرْ عَنْهُ سَـيِّاٰتِهٖ وَيُعْظِمْ لَهٗ ٓ اَجْرًا 5
اهو الله جو حڪم آهي ان کي اوهان جي طرف نازل ڪيو اٿس. ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله ان جون برايون ان کان پري ڪندو ۽ ان کي وڏو اجر ڏيندو.
— مولانا محمد مدنياَسْكِنُوْهُنَّ مِنْ حَيْثُ سَكَنْتُمْ مِّنْ وُّجْدِكُمْ وَلَا تُضَاۗرُّوْهُنَّ لِتُضَيِّقُوْا عَلَيْهِنَّ ۭ وَاِنْ كُنَّ اُولَاتِ حَمْلٍ فَاَنْفِقُوْا عَلَيْهِنَّ حَتّٰى يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۚ فَاِنْ اَرْضَعْنَ لَكُمْ فَاٰتُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۚ وَاْتَمِرُوْا بَيْنَكُمْ بِمَعْرُوْفٍ ۚ وَاِنْ تَعَاسَرْتُمْ فَسَتُرْضِــعُ لَهٗ ٓ اُخْرٰى 6ۭ
اوهين انهن (زالن) کي اتي رهايو جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهيا پيا آهيو. ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ نه ايذايو. ۽ جيڪڏهن پيٽ سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو جيستائين پنهنجو ٻار ڄڻين. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي لاءِ (ٻار کي) کير پيارين ته کين سندن اجرت ڏيو! ۽ رواج موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو. ۽ جيڪڏهن اتفاق نه ٿئي ته پيءُ لاءِ (ٻار کي) ڪا ٻي کير پياريندي.
— مولانا محمد مدنيلِيُنْفِقْ ذُوْ سَعَةٍ مِّنْ سَعَتِهٖ ۭ وَمَنْ قُدِرَ عَلَيْهِ رِزْقُهٗ فَلْيُنْفِقْ مِمَّآ اٰتٰىهُ اللّٰهُ ۭ لَا يُكَلِّفُ اللّٰهُ نَفْسًا اِلَّا مَآ اٰتٰىهَا ۭ سَيَجْعَلُ اللّٰهُ بَعْدَ عُسْرٍ يُّسْرًا 7ۧ
ڪشادگيءَ وارو پنهنجي ڪشادگيءَ آهر خرچ ڪري. ۽ جنهن جي آمدني ٿوري هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن شخص کي تڪليف نه ٿو ڏي پر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنو اٿس. الله تنگي کان پوءِ جلد آساني ڪري ڏيندو.
— مولانا محمد مدنيوَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ عَتَتْ عَنْ اَمْرِ رَبِّهَا وَرُسُلِهٖ فَحَاسَبْنٰهَا حِسَابًا شَدِيْدًا ۙ وَّعَذَّبْنٰهَا عَذَابًا نُّكْرًا 8
۽ گهڻن ڳوٺن پنهنجي پاليندڙ ۽ سندس رسولن جي حڪم جي نافرماني ڪئي پوءِ اسان سندن سخت حساب ورتو ۽ کين سخت عذاب ڏنوسون،
— مولانا محمد مدنيفَذَاقَتْ وَبَالَ اَمْرِهَا وَكَانَ عَاقِبَةُ اَمْرِهَا خُسْرًا 9
پوءِ انهن پنهنجي ڪم جي سزا (جو مزو) چکيو ۽ سندن ڪم جي پڇاڙي نقصان هو.
— مولانا محمد مدنياَعَدَّ اللّٰهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيْدًا ۙ فَاتَّقُوا اللّٰهَ يٰٓاُولِي الْاَلْبَابِ ڂ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ٽ قَدْ اَنْزَلَ اللّٰهُ اِلَيْكُمْ ذِكْرًا ۙ10
الله انهن لاءِ (آخرت ۾ ) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي. پوءِ اي عقل وارا مومنو! الله کان ڊڄو! الله اوهان ڏي هڪ ڪتاب (قرآن) نازل ڪيو آهي
— مولانا محمد مدنيرَّسُوْلًا يَّتْلُوْا عَلَيْكُمْ اٰيٰتِ اللّٰهِ مُبَيِّنٰتٍ لِّيُخْرِجَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُّدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ قَدْ اَحْسَنَ اللّٰهُ لَهٗ رِزْقًا 11
۽ هڪڙو اهڙو رسول (موڪليو اٿس) جو اوهان کي الله جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو ته جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي اونداهين مان سوجهري ڏي ڪڍي. ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱو ڪم ڪندو ته الله ان کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه پيا وهن انهن ۾ هميشه رهندا. بيشڪ الله ان جي روزي چٽي ڪئي آهي.
— مولانا محمد مدنياَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ وَّمِنَ الْاَرْضِ مِثْلَهُنَّ ۭ يَـتَنَزَّلُ الْاَمْرُ بَيْنَهُنَّ لِتَعْلَمُوْٓا اَنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ڏ وَّاَنَّ اللّٰهَ قَدْ اَحَاطَ بِكُلِّ شَيْءٍ عِلْمًا ۧ12
الله اهو آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهن جهڙي زمين به. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندو ته اوهين ڄاڻو ته الله سڀ شيءِ تي قدرت وارو آهي. ۽ الله جي علم سڀ ڪنهن شيءِ کي گهيرو ڪيو آهي.
— مولانا محمد مدني