006 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 165 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَجَعَلَ الظُّلُمٰتِ وَالنُّوْرَ ڛ ثُـمَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِرَبِّهِمْ يَعْدِلُوْنَ 1
سڀ تعريفون ان الله لاءِ آهن جنهن آسمانن ۽ زمين کي بنايو ۽ اونداهين ۽ روشنيءَ کي پيدا ڪيائين، پوءِ به ڪافر پنهنجي پاليندڙ سان (ٻين کي) برابر ڪن ٿا.
— مولانا محمد مدنيهُوَ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ طِيْنٍ ثُـمَّ قَضٰٓى اَجَلًا ۭ وَاَجَلٌ مُّسَمًّى عِنْدَهٗ ثُـمَّ اَنْتُمْ تَـمْتَرُوْنَ 2
هو اُهو آهي جنهن اوهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، وري موت جو وقت مقرر ڪيائين، ۽ هڪڙو (ٻيو) وقت ان وٽ مقرر ڪيل آهي. وري اوهين شڪ ڪريو ٿا.
— مولانا محمد مدنيوَهُوَ اللّٰهُ فِي السَّمٰوٰتِ وَفِي الْاَرْضِ ۭ يَعْلَمُ سِرَّكُمْ وَجَهْرَكُمْ وَيَعْلَمُ مَا تَكْسِبُوْنَ 3
۽ آسمانن ۽ زمين ۾ اهوئي الله آهي. اوهان جي ڳجهه ۽ اوهان جي ظاهر کي ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي ڪمايو ٿا سو به ڄاڻي ٿو.
— مولانا محمد مدنيوَمَا تَاْتِيْهِمْ مِّنْ اٰيَةٍ مِّنْ اٰيٰتِ رَبِّهِمْ اِلَّا كَانُوْا عَنْهَا مُعْرِضِيْنَ 4
۽ سندن پاليندڙ جي آيتن مان ڪا آيت وٽن اچي ٿي ته ان کان منهن موڙيندڙ ئي ٿين ٿا.
— مولانا محمد مدنيفَقَدْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۭ فَسَوْفَ يَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 5
پوءِ بيشڪ انهن سچ کي ڪوڙو ڪيو جڏهن وٽن آيو، پوءِ جنهن ڳالهه تي ٺٺوليون پيا ڪن تنهن جون خبرون وٽن اينديون.
— مولانا محمد مدنياَلَمْ يَرَوْا كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ مَّكَّنّٰهُمْ فِي الْاَرْضِ مَا لَمْ نُـمَكِّنْ لَّكُمْ وَاَرْسَلْنَا السَّمَاۗءَ عَلَيْهِمْ مِّدْرَارًا ۠ وَّجَعَلْنَا الْاَنْھٰرَ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهِمْ فَاَهْلَكْنٰهُمْ بِذُنُوْبِهِمْ وَاَنْشَاْنَا مِنْۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا اٰخَرِيْنَ 6
ڇا انهن نه ڏٺو ته کانئن اڳي اسان ڪيتريون جماعتون ناس ڪيون جن کي زمين ۾ اسان اها طاقت ڏني هئي جا اوهان کي به نه ڏني سون ۽ اسان مٿن گهڻو مينهن وسايو ۽ واهن کي پيدا ڪيو هوسون جي سندن هيٺان وهندا هئا پوءِ کين سندن گناهن جي ڪري ناس ڪيوسون ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن کي پيدا ڪيوسون.
— مولانا محمد مدنيوَلَوْ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ كِتٰبًا فِيْ قِرْطَاسٍ فَلَمَسُوْهُ بِاَيْدِيْهِمْ لَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ هٰذَآ اِلَّا سِـحْـرٌ مُّبِيْنٌ 7
۽ جيڪڏهن اسين توتي ڪنهن ڪاغذ ۾ ڪو لکيل (ڪتاب) موڪليون ها پوءِ اُهي ان کي پنهنجن هٿن سان به ڇهن ها ته به ڪافر چون ها ته هي رڳو ظاهر جادو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَقَالُوْا لَوْلَآ اُنْزِلَ عَلَيْهِ مَلَكٌ ۭ وَلَوْ اَنْزَلْنَا مَلَكًا لَّقُضِيَ الْاَمْرُ ثُـمَّ لَا يُنْظَرُوْنَ 8
۽ ڪافرن چيو ته هن تي ڪو مَلَڪُ ڇو نه لاٿو ويو، ۽ جيڪڏهن اسين ڪو ملڪ نازل ڪريون ها ته (سندن) ڪم پورو ڪيو وڃي ها (يعني نه مڃڻ ڪري ناس ٿي وڃن ها). وري کين (ان حالت ۾ ) مهلت نه ڏني وڃي ها
— مولانا محمد مدنيوَلَوْ جَعَلْنٰهُ مَلَكًا لَّـجَعَلْنٰهُ رَجُلًا وَّلَـلَبَسْنَا عَلَيْهِمْ مَّا يَلْبِسُوْنَ 9
۽ جيڪڏهن اسين ان کي ملڪ ڪريون ها ته به کيس مرد (جي صورت ۾ ) ڪريون ها ۽ جو گمان (هاڻ) ڪن ٿا تنهن گمان ۾ (پوءِ به) کين وجهون ها.
— مولانا محمد مدنيوَلَقَدِ اسْتُهْزِئَ بِرُسُلٍ مِّنْ قَبْلِكَ فَحَاقَ بِالَّذِيْنَ سَخِرُوْا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ ۧ10
۽ بيشڪ توکان اڳ (ٻين) رسولن تي (به) مسخريون ڪيون ويون پوءِ جنهن ڳالهه بابت مسخريون ڪندا هئا سا انهن تي اچي ڪڙڪي جن، انهن مان مسخريون ڪيون.
— مولانا محمد مدنيقُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ ثُـمَّ انْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُكَذِّبِيْنَ 11
(اي رسول کين) چئو ته گهمو زمين ۾ وري ڏسو ته (رسولن کي) ڪوڙي ڪندڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي.
— مولانا محمد مدنيقُلْ لِّمَنْ مَّا فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ قُلْ لِّلّٰهِ ۭ كَتَبَ عَلٰي نَفْسِهِ الرَّحْمَةَ ۭ لَيَجْمَعَنَّكُمْ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ 12
چؤ ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي سو ڪنهن جو آهي؟ چؤ ته الله جو آهي. رحم ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪيو اٿس. قيامت جي ڏينهن جنهن (جي ٿيڻ) ۾ ڪو شڪ نه آهي، ضرور اوهان کي گڏ ڪندو. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو، سي ايمان نه آڻيندا.
— مولانا محمد مدنيوَلَهٗ مَا سَكَنَ فِي الَّيْلِ وَالنَّهَارِ ۭ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 13
۽ جيڪي شيون رات ۽ ڏينهن ۾ رهن ٿيون سي سندس آهن. ۽ اهوئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيقُلْ اَغَيْرَ اللّٰهِ اَتَّـخِذُ وَلِيًّا فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَهُوَ يُطْعِمُ وَلَا يُطْعَمُ ۭ قُلْ اِنِّىْٓ اُمِرْتُ اَنْ اَكُوْنَ اَوَّلَ مَنْ اَسْلَمَ وَلَا تَكُوْنَنَّ مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ 14
چؤ ته ڇا آءُ آسمانن ۽ زمين جي پيدا ڪندڙ الله کانسواءِ ٻئي کي مددگار ڪري وٺان؟ ۽ اهو کارائي ٿو ۽ ان کي (ٻيو ڪو) نٿو کارائي. چؤ ته مون کي حڪم ڪيو ويو آهي ته آءُ (هن امت مان) پهريون فرمانبردار ٿيان ۽ (مون کي چيو ويو آهي ته الله سان ڪنهن کي به) شريڪ ڪندڙن مان تون ڪڏهن به نه ٿيءُ.
— مولانا محمد مدنيقُلْ اِنِّىْٓ اَخَافُ اِنْ عَصَيْتُ رَبِّيْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيْـمٍ 15
چئو ته مون کي وڏي ڏينهن جي عذاب کان ڊپ ٿئي ٿو جيڪڏهن آءُ پنهنجي پاليندڙ جي نافرماني ڪندس.
— مولانا محمد مدنيمَنْ يُّصْرَفْ عَنْهُ يَوْمَىِٕذٍ فَقَدْ رَحِمَهٗ ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْمُبِيْنُ 16
ان ڏينهن جنهن (ماڻهو) تان (عذاب) ٽاريو ويندو بيشڪ تنهن تي الله رحم ڪيو ۽ اها ظاهر ڪاميابي آهي.
— مولانا محمد مدنيوَاِنْ يَّـمْسَسْكَ اللّٰهُ بِضُرٍّ فَلَا كَاشِفَ لَهٗ ٓ اِلَّا هُوَ ۭ وَاِنْ يَّـمْسَسْكَ بِـخَيْرٍ فَهُوَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ 17
۽ جيڪڏهن الله توکي ڪا تڪليف پهچائي ته ان کانسواءِ ان (تڪليف) کي ڪو هٽائڻ وارو نه آهي. ۽ جيڪڏهن توکي ڪا ڀلائي پهچائي ته اهو سڀ ڪنهن شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيوَهُوَ الْقَاهِرُ فَوْقَ عِبَادِهٖ ۭ وَهُوَ الْـحَكِـيْمُ الْـخَبِيْرُ 18
۽ اهوئي پنهنجي ٻانهن تي غالب آهي. ۽ اهوئي حڪمت وارو (سڀ جي) خبر رکندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيقُلْ اَيُّ شَيْءٍ اَكْبَرُ شَهَادَةً ۭ قُلِ اللّٰهُ ڐ شَهِيْدٌۢ بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۣ وَاُوْحِيَ اِلَيَّ هٰذَا الْقُرْاٰنُ لِاُنْذِرَكُمْ بِهٖ وَمَنْۢ بَلَغَ ۭ اَىِٕنَّكُمْ لَتَشْهَدُوْنَ اَنَّ مَعَ اللّٰهِ اٰلِهَةً اُخْرٰي ۭ قُلْ لَّآ اَشْهَدُ ۚ قُلْ اِنَّـمَا هُوَ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ وَّاِنَّنِيْ بَرِيْۗءٌ مِّـمَّا تُشْرِكُوْنَ ۘ19
چئو ته ڪهڙي شيءِ جي شاهدي سڀ کان وڏي آهي چئو ته الله منهنجي وچ ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي. ۽ مون ڏي هيءَ قرآن نازل ڪيو ويو آهي ته اوهان کي ۽ جنهن کي هيءَ (قرآن) پهچي تنهن کي ان سان ڊيڄاريان. ڇا اوهين شاهدي ڏيو ٿا ته الله سان گڏ ٻيا به معبود آهن؟ چئو ته آءُ (ان جي) شاهدي نه ٿو ڏيان. چئو ته اهو رڳو هڪڙوئي عبادت جي لائق آهي ۽ جن شين کي اوهين (الله جو) شريڪ ڪريو ٿا تن کان آءُ بيزار آهيان.
— مولانا محمد مدنياَلَّذِيْنَ اٰتَيْنٰهُمُ الْكِتٰبَ يَعْرِفُوْنَهٗ كَـمَا يَعْرِفُوْنَ اَبْنَاۗءَهُمْ ۘ اَلَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُوْنَ ۧ20
جن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي سي ان (ڳالهه جي حقيقت) کي (اهڙيءَ طرح) سڃاڻن جهڙيءَ طرح پنهنجن پٽن کي سڃاڻن ٿا. جن پاڻ کي نقصان ۾ وڌو سي ايمان نه آڻيندا.
— مولانا محمد مدني