056 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 96 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
اِذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ 1ۙ
(ياد ڪر) جڏهن ٿيڻ واري (ڳالهه) ٿي پوندي
— مولانا محمد مدنيلَيْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌ 2ۘ
ان ٿيڻ ۾ ڪوئي ڪوڙ نه آهي.
— مولانا محمد مدنيخَافِضَةٌ رَّافِعَةٌ 3ۙ
(اها ڪِن کي) هيٺ ڪرڻ واري (۽ ڪِن کي) مٿي ڪرڻ واري هوندي.
— مولانا محمد مدنياِذَا رُجَّتِ الْاَرْضُ رَجًّا 4ۙ
جنهن وقت زمين ڌٻائي ويندي،
— مولانا محمد مدنيوَّبُسَّتِ الْجِبَالُ بَسًّا 5ۙ
۽ جبل ذرا ذرا ڪيا ويندا.
— مولانا محمد مدنيفَكَانَتْ هَبَاۗءً مُّنْۢبَثًّا 6ۙ
پوءِ (اُهي) سنهين پکڙيل دز جهڙا ٿي پوندا،
— مولانا محمد مدنيوَّكُنْتُمْ اَزْوَاجًا ثَلٰثَةً 7ۭ
۽ اوهين ٽي قسم ٿي پوندو.
— مولانا محمد مدنيفَاَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ ڏ مَآ اَصْـحٰبُ الْمَيْمَنَةِ 8ۭ
پوءِ ساڄي پاسي وارا، ڪهڙا (نه چڱا) آهن ساڄي پاسي وارا،
— مولانا محمد مدنيوَاَصْـحٰبُ الْمَشْـَٔــمَةِ ڏ مَآ اَصْـحٰبُ الْمَشْــَٔــمَةِ 9ۭ
۽ کاٻي پاسي وارا،ڪهڙا (نه بڇڙا) آهن کاٻي پاسي وارا
— مولانا محمد مدنيوَالسّٰبِقُوْنَ السّٰبِقُوْنَ ڌ 10
۽ اڳي وڌي وڃڻ وارا (ته نيٺ) اڳي وڌڻ وارا آهن.
— مولانا محمد مدنياُولٰۗىِٕكَ الْمُقَرَّبُوْنَ ۚ11
اهي ئي ويجها آهن.
— مولانا محمد مدنيفِيْ جَنّٰتِ النَّعِيْمِ 12
نعمتن وارن باغن ۾ هوندا.
— مولانا محمد مدنيثُـلَّةٌ مِّنَ الْاَوَّلِيْنَ ۙ13
(اهي) پهرين مان وڏي جماعت
— مولانا محمد مدنيوَقَلِيْلٌ مِّنَ الْاٰخِرِيْنَ ۭ14
۽ پوين مان ٿورا هوندا.
— مولانا محمد مدنيعَلٰي سُرُرٍ مَّوْضُوْنَةٍ ۙ15
(سون سان) واڻيل کٽن تي.
— مولانا محمد مدنيمُّتَّكِـــِٕيْنَ عَلَيْهَا مُتَقٰبِلِيْنَ 16
ٽيڪ لڳائي هڪ ٻئي جي سامهون (ويٺا هوندا).
— مولانا محمد مدنييَــطُوْفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُوْنَ ۙ17
هميشه (ننڍا) رهڻ وارا ڇوڪرا وٽن،
— مولانا محمد مدنيبِاَكْوَابٍ وَّاَبَارِيْقَ ڏ وَكَاْسٍ مِّنْ مَّعِيْنٍ ۙ18
پيالن ۽ ڪوزن ۾ وهندڙ شراب جي پيالن سان پيا ايندا ويندا،
— مولانا محمد مدنيلَّا يُصَدَّعُوْنَ عَنْهَا وَلَا يُنْزِفُوْنَ ۙ19
جنهن سان نه مٿي ۾ سور پوندن ۽ نه نشو ٿيندن
— مولانا محمد مدنيوَفَاكِهَةٍ مِّـمَّا يَتَخَيَّرُوْنَ ۙ20
۽ ميوا جيڪي پسند ڪندا،
— مولانا محمد مدني