055 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 78 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
اَلرَّحْمٰنُ 1ۙ
رحمان،
— مولانا محمد مدنيعَلَّمَ الْقُرْاٰنَ 2ۭ
قرآن سيکاريو،
— مولانا محمد مدنيخَلَقَ الْاِنْسَانَ 3ۙ
انسان کي پيدا ڪيائين،
— مولانا محمد مدنيعَلَّمَهُ الْبَيَانَ 4
ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين.
— مولانا محمد مدنياَلشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْـبَانٍ 5۠
سج ۽ چنڊ (مقرر)حساب سان هلن ٿا.
— مولانا محمد مدنيوَّالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدٰنِ 6
وليو ن۽ وڻ ٻئي سجدو ڪندا رهن ٿا.
— مولانا محمد مدنيوَالسَّمَاۗءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيْزَانَ 7ۙ
۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ (اتي) ترازي رکي اٿس،
— مولانا محمد مدنياَلَّا تَطْغَوْا فِي الْمِيْزَانِ 8
ته ترازي ۾ حد کان لنگهي نه وڃو.
— مولانا محمد مدنيوَاَقِيْمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا الْمِيْزَانَ 9
۽ انصاف سان تور برابر ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.
— مولانا محمد مدنيوَالْاَرْضَ وَضَعَهَا لِلْاَنَامِ ۙ10
۽ ماڻهن لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس.
— مولانا محمد مدنيفِيْهَا فَاكِهَةٌ ۽ وَّالنَّخْلُ ذَاتُ الْاَكْمَامِ ۖ11
ان ۾ ميوا ۽ چپڙين واريون کجيون
— مولانا محمد مدنيوَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ ۚ12
۽ تُهن وارو اُن ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن.
— مولانا محمد مدنيفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 13
پوءِ (اي جنو ۽ انسانو !) اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا.
— مولانا محمد مدنيخَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ ۙ14
انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان بنايائين،
— مولانا محمد مدنيوَخَلَقَ الْجَاۗنَّ مِنْ مَّارِجٍ مِّنْ نَّارٍ ۚ15
۽ جنّ باهه جي ڄڀيءَ مان بنايائين.
— مولانا محمد مدنيفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 16
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا.
— مولانا محمد مدنيرَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ ۚ17
(اهو) ٻنهي اوڀرن جو مالڪ ۽ ٻنهي اولهن جو مالڪ آهي
— مولانا محمد مدنيفَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ 18
پوءِ اوهين ٻئي پنهنجي پاليندڙ جي ڪهڙين نعمتن کي ڪوڙو ڪريو ٿا.
— مولانا محمد مدنيمَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيٰنِ ۙ19
ٻن سمنڊن کي ڇڏيو اٿس ته ٻئي پاڻ ۾ گڏجن.
— مولانا محمد مدنيبَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيٰنِ ۚ20
انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي جو هڪ ٻئي تي زيادتي نٿا ڪن،
— مولانا محمد مدني