054 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 55 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
اِقْتَرَبَتِ السَّاعَةُ وَانْشَقَّ الْقَمَرُ 1
اها گهڙي ويجهي اچي وئي ۽ (رسول جي معجزي سان) چنڊ ڦاٽي پيو
— مولانا محمد مدنيوَاِنْ يَّرَوْا اٰيَةً يُّعْرِضُوْا وَيَقُوْلُوْا سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ 2
هوڏانهن اهي جيڪڏهن ڪابه نشاني ڏسندا ته منهن ڦيريندا ۽ چوندا ته هي جادو آهي جو اصل کان هليو اچي.
— مولانا محمد مدنيوَكَذَّبُوْا وَاتَّبَعُوْٓا اَهْوَاۗءَهُمْ وَكُلُّ اَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ 3
۽ انهن ڪوڙو ڪيو ۽ پنهنجن خواهشن تي هليا ۽ سڀ ڪو ڪم (پنهنجي وقت ۾ ) ٿيڻ وارو آهي
— مولانا محمد مدنيوَلَقَدْ جَاۗءَهُمْ مِّنَ الْاَنْۢبَاۗءِ مَا فِيْهِ مُزْدَجَرٌ 4ۙ
۽ بيشڪ انهن وٽ (اڳوڻن قومن جي) خبرن مان اهو ڪجهه آيو آهي جنهن ۾ دڙڪو آهي. اهو (دڙڪو) پوري پوري ڏاهپ (به آهي)
— مولانا محمد مدنيحِكْمَةٌۢ بَالِغَةٌ فَـمَا تُغْنِ النُّذُرُ 5ۙ
پوءِ عبرت جون ڳالهيون فائدو نه ٿيون ڏين.
— مولانا محمد مدنيفَتَوَلَّ عَنْهُمْ ۘ يَوْمَ يَدْعُ الدَّاعِ اِلٰى شَيْءٍ نُّكُرٍ 6ۙ
ان ڪري (اي پيغمبرﷺ!) تون انهن کان منهن موڙ! جنهن ڏينهن سڏيندڙ اڻوڻندڙ شيءِ ڏي سڏيندو.
— مولانا محمد مدنيخُشَّعًا اَبْصَارُهُمْ يَخْرُجُوْنَ مِنَ الْاَجْدَاثِ كَاَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنْتَشِرٌ 7ۙ
ان ڏينهن جهڪين اکين سان قبرن مان نڪرندا ڄڻ ته اهي پکڙيل مڪڙ آهن.
— مولانا محمد مدنيمُّهْطِعِيْنَ اِلَى الدَّاعِ ۭ يَقُوْلُ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ 8
سڏيندڙ ڏي ڀڄندا ويندا. ڪافر چوندا (ويندا) ته هي سخت ڏينهن آهي.
— مولانا محمد مدنيكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ فَكَذَّبُوْا عَبْدَنَا وَقَالُوْا مَجْنُوْنٌ وَّازْدُجِرَ 9
انهن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙو ڪيو جو اسان جي ٻانهي کي ڪوڙو ڪيائون ۽ چيائون ته چريو آهي ۽ ان کي ڌمڪايو ويو.
— مولانا محمد مدنيفَدَعَا رَبَّهٗ ٓ اَنِّىْ مَغْلُوْبٌ فَانْتَصِرْ 10
پوءِ ان پنهنجي پاليندڙ کي سڏيو ته آءُ عاجز ٿي ويو آهيان پوءِ تون (انهن کان) وير وٺ.
— مولانا محمد مدنيفَفَتَحْنَآ اَبْوَابَ السَّمَاۗءِ بِـمَاۗءٍ مُّنْهَمِرٍ ڮ 11
پوءِ اسان وسندڙ پاڻيءَ سان آسمان جا دروازا کولي ڇڏيا.
— مولانا محمد مدنيوَّفَجَّــرْنَا الْاَرْضَ عُيُوْنًا فَالْتَقَى الْمَاۗءُ عَلٰٓي اَمْرٍ قَدْ قُدِرَ ۚ12
۽ زمين جا چشما وهائي ڇڏياسون. پوءِ پاڻي ان ڪم لاءِ گڏ ٿيو جنهن جو فيصلو ٿي چڪو هو.
— مولانا محمد مدنيوَحَمَلْنٰهُ عَلٰي ذَاتِ اَلْوَاحٍ وَّدُسُرٍۙ13
۽ اسان ان کي تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙيءَ) تي چاڙهيو
— مولانا محمد مدنيتَـجْرِيْ بِاَعْيُنِنَا ۚ جَزَاۗءً لِّمَنْ كَانَ كُفِرَ 14
جا اسان جي اکين اڳيان ٿي هلي ان شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنهن جي بي قدري ڪئي وئي هئي
— مولانا محمد مدنيوَلَقَدْ تَّرَكْنٰهَآ اٰيَةً فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 15
۽ بيشڪ اسان ان (سزا) کي (عبرت لاءِ) هڪ نشاني ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيفَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 16
پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو.
— مولانا محمد مدنيوَلَقَدْ يَسَّرْنَا الْقُرْاٰنَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِنْ مُّدَّكِرٍ 17
۽ بيشڪ اسان قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪري ڇڏيو آهي ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي؟
— مولانا محمد مدنيكَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِيْ وَنُذُرِ 18
عاد جي قوم ڪوڙو ڪيو پوءِ ڪيئن منهنجي سزا ۽ منهنجو ڊيڄارڻ هو.
— مولانا محمد مدنياِنَّآ اَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْ يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ ۙ19
بيشڪ اسان مٿن هميشه رهندڙ بدبختي جي ڏينهن ۾ سخت هوا کي موڪليو،
— مولانا محمد مدنيتَنْزِعُ النَّاسَ ۙ كَاَنَّهُمْ اَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنْقَعِرٍ 20
جنهن ماڻهن کي پاڙ کان پٽيو ٿي ڄڻ ته اهي پاڙ کان پٽيل کجيءَ جا ٿڙ آهن.
— مولانا محمد مدني