050 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 45 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
قۗ ڗ وَالْقُرْاٰنِ الْمَجِيْدِ 1ۚ
ق. وڏي شان واري قرآن جو قسم آهي (ته اي پيغمبر!
— مولانا محمد مدنيبَلْ عَـجِبُوْٓا اَنْ جَاۗءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ ھٰذَا شَيْءٌ عَـجِيْبٌ 2ۚ
تون الله جو موڪليل آهين) پر هنن کي هي عجب ٿيو آهي ته انهن وٽ انهن مان هڪ ڊيڄاريندڙ آيو آهي پوءِ ڪافرن چيو ته هي عجب جي ڳالهه آهي.
— مولانا محمد مدنيءَاِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِيْدٌ 3
ڀلا جڏهن اسين مرنداسون ۽ مٽي ٿينداسون (تڏهن جيئرا ٿينداسون ڇا؟) اهو موٽائڻ (عقل کان) پري آهي.
— مولانا محمد مدنيقَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ ۚ وَعِنْدَنَا كِتٰبٌ حَفِيْظٌ 4
جيڪي زمين انهن مان گهٽائي ٿي سو اسان کي معلوم آهي. ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب حفاظت ڪندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيبَلْ كَذَّبُوْا بِالْـحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ فَهُمْ فِيْٓ اَمْرٍ مَّرِيْــجٍ 5
پر جڏهن سچي ڳالهه انهن وٽ آئي تڏهن ان کي ڪوڙو ڪري ڇڏيائون پوءِ اهي منجهيل ڳالهه ۾ آهن.
— مولانا محمد مدنياَفَلَمْ يَنْظُرُوْٓا اِلَى السَّمَاۗءِ فَوْقَهُمْ كَيْفَ بَنَيْنٰهَا وَزَيَّنّٰهَا وَمَا لَهَا مِنْ فُرُوْجٍ 6
ڇا پوءِ پنهنجي مٿان آسمان ڏي نه ڏٺو اٿن ته ڪيئن اسان ان کي بنايو آهي ۽ ان کي سينگاريو آهي ۽ ڪجهه به ان ۾ چير نه آهن.
— مولانا محمد مدنيوَالْاَرْضَ مَدَدْنٰهَا وَاَلْقَيْنَا فِيْهَا رَوَاسِيَ وَاَنْۢبَتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍۢ بَهِيْجٍ 7ۙ
۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي ۽ ان ۾ اسان جبل وڌا آهن ۽ ان ۾ اسان سڀ وڻندڙ نمونا ڄمايا آهن.
— مولانا محمد مدنيتَبْصِرَةً وَّذِكْرٰى لِكُلِّ عَبْدٍ مُّنِيْبٍ 8
سڀ ڪنهن (الله ڏي) ورندڙ ٻانهي جي سمجهائڻ ۽ ياد ڏيارڻ لاءِ.
— مولانا محمد مدنيوَنَزَّلْنَا مِنَ السَّمَاۗءِ مَاۗءً مُّبٰرَكًا فَاَنْۢبَتْنَا بِهٖ جَنّٰتٍ وَّحَبَّ الْـحَصِيْدِ 9ۙ
۽ اسان آسمان مان برڪت وارو پاڻي لاٿو آهي پوءِ اسان ان سان باغ ۽ لڻڻ واري (پوک) جا داڻا اڀريا آهن.
— مولانا محمد مدنيوَالنَّخْلَ بٰسِقٰتٍ لَّهَا طَلْعٌ نَّضِيْدٌ ۙ10
۽ ڊگها کجيءَ جا وڻ (به) جن جا گوشا تهه ٿيل آهن.
— مولانا محمد مدنيرِّزْقًا لِّلْعِبَادِ ۙ وَاَحْيَيْنَا بِهٖ بَلْدَةً مَّيْتًا ۭ كَذٰلِكَ الْـخُرُوْجُ 11
ٻانهن کي روزيءَ ڏيڻ لاءِ ۽ ان سان اسان ويران ملڪ کي آباد ڪيو آهي. اهڙي طرح ئي (قبرن مان) نڪرڻ آهي.
— مولانا محمد مدنيكَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّاَصْـحٰبُ الرَّسِّ وَثَـمُوْدُ ۙ12
انهن کان اڳي نوح جي قوم ڪوڙو ڪيو ۽
— مولانا محمد مدنيوَعَادٌ وَّفِرْعَوْنُ وَاِخْوَانُ لُوْطٍ ۙ13
پراڻي کوهه وارن ۽ ثمود ۽ عاد ۽ فرعون ۽ لوط جي ڀائرن
— مولانا محمد مدنيوَّ اَصْـحٰبُ الْاَيْكَةِ وَقَوْمُ تُبَّعٍ ۭ كُلٌّ كَذَّبَ الرُّسُلَ فَـحَقَّ وَعِيْدِ 14
۽ ٻيلي وارن ۽ تُبّع جي قوم (به) سڀني (پنهنجن پنهنجن) رسولن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ منهنجي ڌمڪي (مٿن) پئجي وئي.
— مولانا محمد مدنياَفَعَيِيْنَا بِالْــخَلْقِ الْاَوَّلِ ۭ بَلْ هُمْ فِيْ لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ۧ15
ڇا پوءِ اسين پهرئين پيدا ڪرڻ کان عاجز ٿي ويا آهيون؟ پر اهي نئين سر پيدا ڪرڻ کان شڪ ۾ آهن.
— مولانا محمد مدنيوَلَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ وَنَعْلَمُ مَا تُوَسْوِسُ بِهٖ نَفْسُهٗ ښ وَنَــحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ 16
۽ بيشڪ اسان ماڻهوءَ کي پيدا ڪيو آهي ۽ جيڪي سندس نفس وسوسا وجهي ٿو سي ڄاڻون ٿا ۽ اسين ساهه جي رڳ کان به ان کي گهڻو ويجها آهيون.
— مولانا محمد مدنياِذْ يَتَلَقَّى الْمُتَلَقِّيٰنِ عَنِ الْيَمِيْنِ وَعَنِ الشِّمَالِ قَعِيْدٌ 17
جنهن وقت ٻئي جهٽڻ وارا جهٽين ٿا سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ساڻس ويٺا آهن.
— مولانا محمد مدنيمَا يَلْفِظُ مِنْ قَوْلٍ اِلَّا لَـدَيْهِ رَقِيْبٌ عَتِيْدٌ 18
ڪا ڳالهه نه ٿو ڪڍي جو وٽس نگهبان تيار نه هجي.
— مولانا محمد مدنيوَجَاۗءَتْ سَكْرَةُ الْمَوْتِ بِالْـحَقِّ ۭ ذٰلِكَ مَا كُنْتَ مِنْهُ تَـحِيْدُ 19
۽ سچ پچ موت جي سختي اچي ويندي (کين چيو ويندو ته) هيءَ (حالت) اها آهي جنهن کان تون پاسو ڪندو هئين.
— مولانا محمد مدنيوَنُفِخَ فِي الصُّوْرِ ۭ ذٰلِكَ يَوْمُ الْوَعِيْدِ 20
۽ صور ۾ ڦوڪيو ويندو. اهو ڏينهن ڌمڪيءَ جو آهي.
— مولانا محمد مدني