044 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 59 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
حٰــمۗ ڔ 1
حم.
— مولانا محمد مدنيوَالْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ ڒ 2
ظاهر ڪتاب (قرآن) جو قسم آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ فِيْ لَيْلَةٍ مُّبٰرَكَةٍ اِنَّا كُنَّا مُنْذِرِيْنَ 3
بيشڪ اسان ان کي برڪت واريءَ رات ۾ نازل ڪيو بيشڪ اسين ڊيڄاريندا رهيا آهيون.
— مولانا محمد مدنيفِيْهَا يُفْرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكِيْمٍ 4ۙ
ان (رات) ۾ سڀڪو حڪمت وارو ڪم فيصل ڪيو وڃي ٿو،
— مولانا محمد مدنياَمْرًا مِّنْ عِنْدِنَا ۭ اِنَّا كُنَّا مُرْسِلِيْنَ 5ۚ
خاص اسان جي حڪم سان. بيشڪ اسين موڪليندا رهيا آهيون،
— مولانا محمد مدنيرَحْـمَةً مِّنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّهٗ هُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 6ۙ
ان رحمت جي ڪري جيڪا تنهنجي پاليندڙ جي طرفان (ماڻهن تي) آهي. بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي
— مولانا محمد مدنيرَبِّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۘ اِنْ كُنْتُمْ مُّوْقِنِيْنَ 7
جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن جو پاليندڙ آهي جيڪڏهن اوهين يقين ڪندڙ آهيو.
— مولانا محمد مدنيلَآ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ يُـحْيٖ وَيُمِيْتُ ۭ رَبُّكُمْ وَرَبُّ اٰبَاۗىِٕكُمُ الْاَوَّلِيْنَ 8
ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي جو جياري ۽ ماري ٿو. (اهوئي) اوهان جو پاليندڙ ۽ اوهان جي اڳين ابن ڏاڏن جو پاليندڙ آهي،
— مولانا محمد مدنيبَلْ هُمْ فِيْ شَكٍّ يَّلْعَبُوْنَ 9
پر اهي شڪ ۾ آهن رانديون ڪن ٿا.
— مولانا محمد مدنيفَارْتَـقِبْ يَوْمَ تَاْتِي السَّمَاۗءُ بِدُخَانٍ مُّبِيْنٍ ۙ10
پوءِ (اي پيغمبر !) تون ان ڏينهن جو انتظار ڪر جنهن ڏينهن آسمان ظاهر دونهون ڪڍندو،
— مولانا محمد مدنييَّغْشَى النَّاسَ ۭ ھٰذَا عَذَابٌ اَلِيْمٌ 11
جو ماڻهن کي ويڙهي ويندو. هي دردناڪ عذاب آهي.
— مولانا محمد مدنيرَبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ اِنَّا مُؤْمِنُوْنَ 12
(چوندا ته) اي اسان جا پاليندڙ! اسان کان عذاب دفع ڪر، بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون.
— مولانا محمد مدنياَنّٰى لَهُمُ الذِّكْرٰى وَقَدْ جَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ مُّبِيْنٌ ۙ13
ڪٿان انهن کي نصيحت ٿيندي هوڏانهن وٽن ظاهر رسول آيو وري ان کان منهن موڙيائون
— مولانا محمد مدنيثُـمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوْا مُعَلَّمٌ مَّجْنُوْنٌ ۘ14
۽ چيائون ته (هي ڪنهنجو) سيکاريل (۽) چريو آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّا كَاشِفُوا الْعَذَابِ قَلِيْلًا اِنَّكُمْ عَاۗىِٕدُوْنَ ۘ15
بيشڪ اسين ٿورو وقت عذاب ٽارڻ وارا آهيون. اوهين (وري ڪفر جي حالت ڏي) موٽڻ وارا آهيو.
— مولانا محمد مدنييَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرٰى ۚ اِنَّا مُنْتَقِمُوْنَ 16
جنهن ڏينهن وڏي پڪڙ ڪنداسون تنهن ڏينهن بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آهيون.
— مولانا محمد مدنيوَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاۗءَهُمْ رَسُوْلٌ كَرِيْـمٌ ۙ17
۽ بيشڪ اسان انهن کان اڳ فرعون جي قوم کي آزمايو ۽ وٽن عزت وارو رسول (موسيٰ) آيو
— مولانا محمد مدنياَنْ اَدُّوْٓا اِلَيَّ عِبَادَ اللّٰهِ ۭ اِنِّىْ لَكُمْ رَسُوْلٌ اَمِيْنٌ ۙ18
(۽ ان اچي چيو) ته الله جي ٻانهن کي منهنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءُ اوهان وٽ امانت وارو پيغمبر (آيو) آهيان
— مولانا محمد مدنيوَّاَنْ لَّا تَعْلُوْا عَلَي اللّٰهِ ۭ اِنِّىْٓ اٰتِيْكُمْ بِسُلْطٰنٍ مُّبِيْنٍ ۚ19
۽ (هيئن به چيائين ته) الله سان سرڪشي نه ڪريو. بيشڪ آءُ اوهان جي اڳيان (پنهنجي پيغمبر هجڻ جي) ظاهر ثابتي پيش ڪريان ٿو.
— مولانا محمد مدنيوَاِنِّىْ عُذْتُ بِرَبِّيْ وَرَبِّكُمْ اَنْ تَـرْجُـمُوْنِ ۡ20
۽ بيشڪ مون پنهنجي پاليندڙ ۽ اوهان جي پاليندڙ جي پناهه ورتي آهي هن ڳالهه کان ته متان مون کي پٿر هڻي ماريو.
— مولانا محمد مدني