1

الۡفَاتِحَۃِ

1 رڪوع 7 آيتون
2

الۡبَقَرَۃِ

40 رڪوع 286 آيتون
3

اٰلِ عِمۡرٰنَ

20 رڪوع 200 آيتون
4

النِّسَآءِ

24 رڪوع 176 آيتون
5

المَآئِدَۃِ

16 رڪوع 120 آيتون
6

الۡاَنۡعَامِ

20 رڪوع 165 آيتون
7

الۡاَعۡرَافِ

24 رڪوع 206 آيتون
8

الۡاَنۡفَالِ

10 رڪوع 75 آيتون
9

التَّوۡبَۃِ

16 رڪوع 129 آيتون
10

یُوۡنُسَ

11 رڪوع 109 آيتون
11

ہُوۡدٍ

10 رڪوع 123 آيتون
12

یُوسُفَ

12 رڪوع 111 آيتون
13

الرَّعۡدِ

6 رڪوع 43 آيتون
14

اِبۡرٰہِیۡمَ

7 رڪوع 52 آيتون
15

الۡحِجۡرِ

6 رڪوع 99 آيتون
16

النَّحۡلِ

16 رڪوع 128 آيتون
17

بَنِیۡۤ اسۡرَآءِیۡلَ

12 رڪوع 111 آيتون
18

الۡکَہۡفِ

12 رڪوع 110 آيتون
19

مَرۡیَمَ

6 رڪوع 98 آيتون
20

طٰہٰ

8 رڪوع 135 آيتون
21

الۡانۡۢبِیَآءِ

7 رڪوع 112 آيتون
22

الۡحَجِّ

10 رڪوع 78 آيتون
23

الۡمُؤۡمِنُوۡنَ

6 رڪوع 118 آيتون
24

النُّوۡرِ

9 رڪوع 64 آيتون
25

الۡفُرۡقَانِ

6 رڪوع 77 آيتون
26

الشُّعَرَآءِ

11 رڪوع 227 آيتون
27

النَّمۡلِ

7 رڪوع 93 آيتون
28

الۡقَصَصِ

9 رڪوع 88 آيتون
29

الۡعَنۡکَبُوۡتِ

7 رڪوع 69 آيتون
30

الرُّوۡمِ

6 رڪوع 60 آيتون
31

لُقۡمٰنَ

4 رڪوع 34 آيتون
32

السَّجۡدَۃِ

3 رڪوع 30 آيتون
33

الۡاَحۡزَابِ

9 رڪوع 73 آيتون
34

سَـبَاٍ

6 رڪوع 54 آيتون
35

فَـاطِرٍ

5 رڪوع 45 آيتون
36

یٰسٓ

5 رڪوع 83 آيتون
37

الصّٰٓفّٰت

5 رڪوع 182 آيتون
38

صٓ

5 رڪوع 88 آيتون
39

الزُّمَرِ

8 رڪوع 75 آيتون
40

الۡمُؤۡمِنِ

9 رڪوع 85 آيتون
41

حٰمٓ السَّجۡدَۃِ

6 رڪوع 54 آيتون
42

الشُّوۡرٰی

5 رڪوع 53 آيتون
43

الزُّخۡرُفِ

7 رڪوع 89 آيتون
44

الدُّخَانِ

3 رڪوع 59 آيتون
45

الۡجَاثِیَۃِ

4 رڪوع 37 آيتون
46

الۡاَحۡقَافِ

4 رڪوع 35 آيتون
47

مُحَمَّدٍ

4 رڪوع 38 آيتون
48

الۡفَتۡحِ

4 رڪوع 29 آيتون
49

الۡحُجُرٰتِ

2 رڪوع 18 آيتون
50

قٓ

3 رڪوع 45 آيتون
51

الذّٰرِیٰتِ

3 رڪوع 60 آيتون
52

الطُّوۡرِ

2 رڪوع 49 آيتون
53

النَّجۡمِ

3 رڪوع 62 آيتون
54

الۡقَمَرِ

3 رڪوع 55 آيتون
55

الرَّحۡمٰنِ

3 رڪوع 78 آيتون
56

الۡوَاقِعَۃِ

3 رڪوع 96 آيتون
57

الۡحَدِیۡدِ

4 رڪوع 29 آيتون
58

الۡمُجَادَلَۃِ

3 رڪوع 22 آيتون
59

الۡحَشۡرِ

3 رڪوع 24 آيتون
60

الۡمُمۡتَحِنَۃِ

2 رڪوع 13 آيتون
61

الصَّفِّ

2 رڪوع 14 آيتون
62

الۡجُمُعَۃِ

2 رڪوع 11 آيتون
63

الۡمُنٰفِقُوۡنَ

2 رڪوع 11 آيتون
64

التَّغَابُنِ

2 رڪوع 18 آيتون
65

الطَّلَاقِ

2 رڪوع 12 آيتون
66

التَّحۡرِیۡمِ

2 رڪوع 12 آيتون
67

الۡمُلۡکِ

2 رڪوع 30 آيتون
68

الۡقَلَمِ

2 رڪوع 52 آيتون
69

الۡحَآقَّــۃِ

2 رڪوع 52 آيتون
70

الۡمَعَارِجِ

2 رڪوع 44 آيتون
71

نُوۡحٍ

2 رڪوع 28 آيتون
72

الۡجِنِّ

2 رڪوع 28 آيتون
73

الۡمُزَّمِّلِ

2 رڪوع 20 آيتون
74

الۡمُدَّثِّرِ

2 رڪوع 56 آيتون
75

الۡقِیٰمَۃِ

2 رڪوع 40 آيتون
76

الدَّھۡرِ

2 رڪوع 31 آيتون
77

الۡمُرۡسَلٰتِ

2 رڪوع 50 آيتون
78

النَّبَاِ

2 رڪوع 40 آيتون
79

النّٰزِعٰتِ

2 رڪوع 46 آيتون
80

عَبَـسَ

1 رڪوع 42 آيتون
81

التَّکۡوِیۡرِ

1 رڪوع 29 آيتون
82

الۡاِنۡفِطَارِ

1 رڪوع 19 آيتون
83

المُطَفِّفِیۡنَ

1 رڪوع 36 آيتون
84

الاِنۡشقَاقِ

1 رڪوع 25 آيتون
85

الۡبُرُوۡجِ

1 رڪوع 22 آيتون
86

الطَّارِقِ

1 رڪوع 17 آيتون
87

الۡاَعۡلٰی

1 رڪوع 19 آيتون
88

الۡغَاشِیَۃِ

1 رڪوع 26 آيتون
89

الۡفَجۡرِ

1 رڪوع 30 آيتون
90

الۡبَلَدِ

1 رڪوع 20 آيتون
91

الشَّمۡسِ

1 رڪوع 15 آيتون
92

الَّیۡلِ

1 رڪوع 21 آيتون
93

الضُّحٰی

1 رڪوع 11 آيتون
94

اَلَمۡ نَشۡرَحَ

1 رڪوع 8 آيتون
95

التِّــیۡنِ

1 رڪوع 8 آيتون
96

الۡعَـلَقِ

1 رڪوع 19 آيتون
97

الۡقَدۡرِ

1 رڪوع 5 آيتون
98

الۡبَـیِّنَـۃِ

1 رڪوع 8 آيتون
99

الزِّلۡزَالِ

1 رڪوع 8 آيتون
100

الۡعٰدِیٰتِ

1 رڪوع 11 آيتون
101

الۡقَارِعَۃِ

1 رڪوع 11 آيتون
102

التَّکَاثُرِ

1 رڪوع 8 آيتون
103

الۡعَصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
104

الۡہُمَزَۃِ

1 رڪوع 9 آيتون
105

الۡفِیۡـلِ

1 رڪوع 5 آيتون
106

قُرَیۡشٍ

1 رڪوع 4 آيتون
107

الۡمَاعُوۡنِ

1 رڪوع 7 آيتون
108

الۡکَوۡثَرِ

1 رڪوع 3 آيتون
109

الۡکٰفِرُوۡنَ

1 رڪوع 6 آيتون
110

النَّصۡرِ

1 رڪوع 3 آيتون
111

اللَّھَبِ

1 رڪوع 5 آيتون
112

الۡاِخۡلَاصِ

1 رڪوع 4 آيتون
113

الۡفَلَقِ

1 رڪوع 5 آيتون
114

النَّاسِ

1 رڪوع 6 آيتون

004 surah

ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن

الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني

واپس وڃو

بِسْمِ اللَّـهِ الرَّحْمَـٰنِ الرَّحِيمِ

4:1

يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1‏۝

اي انسانو ! پنهنجي پاليندڙ کان ڊڄو، جنهن اوهان کي هڪ جان (يعني آدم) مان پيدا ڪيو ۽ ان مان سندس زال پيدا ڪيائين ۽ انهن ٻنهي مان گهڻا مرد ۽ زالون پکيڙيائين ۽ الله کان ڊڄو جنهن (جي نالي) سان هڪ ٻئي کان گهرو ٿا ۽ مائٽي (ڇنڻ) کان (ڊڄو) بيشڪ الله اوهان تي نگهبان آهي.

— مولانا محمد مدني

4:2

وَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2‏۝

۽ يتيمن کي سندن مال ڏيو ۽ (پنهنجيءَ) خراب شيءِ کي (يتيم جي) چڱيءَ شيءِ سان نه بدلايو ۽ نه سندن مال پنهنجن مالن سان گڏي کائو. بيشڪ اهو وڏو گناه آهي.

— مولانا محمد مدني

4:3

وَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3‏۝ۭ

۽ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته يتيم ڇوڪرين جي حق ۾ (انهن سان نڪاح ڪرڻ وقت) انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ (ٻيون) جيڪي زالون اوهان کي وڻن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار نڪاح ڪريو. پوءِ جيڪڏهن اوهين ڊڄو ته (هن صورت ۾ به) اوهين انصاف نه ڪري سگهندو ته پوءِ هڪ سان (شادي ڪريو) يا اوها ن جا هٿ جن(ٻانهين) جا مالڪ ٿيا آهن تن سان. اها (هلت) هن جي ويجهو آهي ته ظلم نه ڪريو ۽

— مولانا محمد مدني

4:4

وَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4‏۝

زالن کي سندن مهر خوشيءَ سان ڏيو. پوءِ جيڪڏهن پنهنجي خوشيءَ سان اوهان کي ان مان ڪجهه معاف ڪن ته پوءِ ان کي وڻندڙ سهائيندڙ سمجهي کائو

— مولانا محمد مدني

4:5

وَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5‏؁

۽ بي عقلن کي پنهنجا اهي مال نه ڏيو، جن کي الله اوهان جي گذران جو سبب ڪيو آهي، ۽ انهن مان انهن کي کارايو ۽ ڍڪايو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چؤ.

— مولانا محمد مدني

4:6

وَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6‏؁

۽ يتيمن کي آزمائيندا ڪريو ايتري تائين جو اهي جڏهن نڪاح (جي عمر) کي پهچن ته پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ ڪا هوشياري ڏسو ته سندن مال کين حوالي ڪريو. ۽ انهن (مالن) کي اجايو ۽ سندن وڏي ٿيڻ جي ڊپ کان تڪڙ ڪري نه کائو. ۽ جنهن (سنڀاليندڙ) کي گهرج نه هجي سو (يتيم جي مال کائڻ کان) بچي ۽ جيڪو مسڪين هجي سو دستور جي موافق کائي. پوءِ جڏهن انهن کي سندن مال حوالي ڪريو ته مٿن شاهد ڪريو. ۽ الله حساب وٺندڙ بس آهي.

— مولانا محمد مدني

4:7

لِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7‏۝

جنهن (مال) کي ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا ان مان مَردن لاءِ (هڪ) حصو آهي ۽ زالن لاءِ به ان (مال)مان جنهن کي (سندن) ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي ويا، ٿورو هجي يا گهڻو (هڪ) حصو آهي. مقرر ڪيل حصو.

— مولانا محمد مدني

4:8

وَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8‏۝

۽ جڏهن ورهائڻ وقت قرابت وارا ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر ٿين ته ان مان کين ڪجهه ڏيو ۽ انهن کي چڱي ڳالهه چؤ.

— مولانا محمد مدني

4:9

وَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9‏۝

۽ اهي (الله کان) ڊڄن جيڪي جيڪڏهن پنهنجي پٺيان ضعيف اولاد ڇڏين ته انهن (جي ضايع ٿيڻ) جو ڊپ ٿئين پوءِ اُهي الله کان ڊڄن ۽ سڌي ڳالهه چون.

— مولانا محمد مدني

4:10

اِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ؀ۧ10

بيشڪ جيڪي يتيمن جا مال ظلم سان کائين ٿا، سي پنهنجي پيٽن ۾ رڳو باهه کائين ٿا. ۽ باه ۾ داخل ٿيندا.

— مولانا محمد مدني

4:11

يُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا ؀11

الله اوهان جي اولاد جي حق ۾ اوهان کي حڪم ڪري ٿو ته هڪ مرد جو حصو ٻن زالن جي حصي جهڙو آهي. پوءِ جيڪڏهن (مئل جو اولاد سڀ) ڌيئرون هجن، ٻن کان مٿي ته (ان) جيڪي ڇڏيو تنهن جون ٻه ٽهايون انهن لاءِ آهن۽ جيڪڏهن اها هڪ هجي ته ان لاءِ اڌ آهي، ۽ (مئل) جيڪي ڇڏيو تنهن مان ان جي ماءُ پيءُ هرهڪ لاءِ ڇهون (حصو) آهي، جيڪڏهن ان (مئل) کي اولاد هجي. پوءِ جيڪڏهن ان کي اولاد نه هجي ۽ سندس ماءُ پيءُ ان جا وارث ٿين ته ماڻس لاءِ ٽيون حصو آهي (باقي پڻس لاءِ آهي) پوءِ جيڪڏهن ان (مئل) کي ڀائر هجن ته ماڻس لاءِ ڇهون حصو آهي جنهن جي (مئل) وصيت ڪري ٿو تنهن وصيت يا (سندس) قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. اوهين نه ٿا ڄاڻو ته اوهان جا پيئر ۽ اوهان جا پٽ انهن مان ڪير فائدي پهچائڻ ۾ اوهان کي زياده ويجهو آهي. (اهو ورهاڱو) الله جي طرفان فرض ڪيل آهي. بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

— مولانا محمد مدني

4:12

وَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ؀ۭ12

۽ جيڪي اوهان جي زالن ڇڏيو تنهن جو اڌ اوهان لاءِ آهي، جيڪڏهن انهن جو ڪو اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن انهن کي ڪو اولاد آهي ته جيڪي انهن ڇڏيو تنهن مان اوهان لاءِ چوٿون حصو آهي جنهن جي اهي وصيت ڪن ٿيون تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ. ۽ جيڪي اوها ن ڇڏيو تنهن مان انهن (زالن) لاءِ چوٿون حصو آهي جيڪڏهن اوهان کي ڪو اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪو اولاد آهي ته جيڪي اوهان ڇڏيو تنهن مان انهن لاءِ اٺون حصو آهي جنهن جي وصيت ڪريو ٿا تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کان پوءِ ۽ جيڪڏهن ڪو (مئل) مڙس ملڪيت ڇڏي ۽ کيس نه پيءُ ۽ نه اولاد هجي يا ڪا (مئل) زال (اهڙي هجي) ۽ ان کي (مائتو) هڪ ڀاءُ يا هڪ ڀيڻ هجي ته انهن ٻنهي مان هرهڪ لاءِ ڇهون حصو آهي پوءِ جيڪڏهن ان کان (يعني هڪ کان) گهڻا هجن ته اهي ٽئين حصي ۾ ڀائيوار آهن جنهن جي وصيت ڪئي وڃي ٿي تنهن وصيت يا قرض (ادا ڪرڻ) کانپوءِ، بشرطيڪ (مئل وصيت سان ڪنهن کي) نقصان پهچائيندڙ نه هجي. اهو الله جي طرفان حڪم آهي ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ بردبار آهي.

— مولانا محمد مدني

4:13

تِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ ؀13

اهي الله جون (مقرر ڪيل) حدون آهن. ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان واهه وهن ٿا، انهن ۾ پيا رهندا. ۽ اها وڏي ڪاميابي آهي.

— مولانا محمد مدني

4:14

وَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ؀ۧ14

۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪندو ۽ سندس حدن کان لنگهندو تنهن کي باهه ۾ داخل ڪندو ان ۾ پيو رهندو. ۽ ان لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آهي.

— مولانا محمد مدني

4:15

وَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا ؀15

۽ اوهان جي زالن مان جيڪي بدڪاري ڪن تن تي پاڻ مان چار شاهد ڪريو. پوءِ جيڪڏهن شاهدي ڏين ته انهن کي گهرن ۾ جهليو (يعني بند رکو) جيستائين انهن کي موت نه ماري يا الله انهن لاءِ ڪو رستو (مقرر) نه ڪري.

— مولانا محمد مدني

4:16

وَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا ؀16

۽ جيڪي ٻه ماڻهو اوهان مان اها (بدڪاري) ڪن تن کي سزا ڏيو. پوءِ جيڪڏهن اهي ٻئي توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته انهن کان مڙي وڃو. بيشڪ الله مهرباني ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي .

— مولانا محمد مدني

4:17

اِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا ؀17

الله جي ذمي فقط انهن جي توبه قبول ڪرڻ جو وعدو آهي، جيڪي بي سمجهيءَ سان بڇڙائي ڪن ٿا، وري جلد توبه ڪن ٿا پوءِ انهن تي الله مهرباني ڪندو. ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.

— مولانا محمد مدني

4:18

وَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا ؀18

۽ انهن جي توبه قبول نه آهي جيڪي بڇڙايون ڪن ٿا، ايتري تائين جو جڏهن انهن مان ڪنهن جي سامهون موت اچي ٿو ته چوي ٿو ته مون هاڻي توبه ڪئي۽ نه ڪي انهن جي جيڪي ڪافر ٿي مرن ٿا. انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪيو آهي.

— مولانا محمد مدني

4:19

يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا ؀19

اي ايمان وارؤ ! اوهان کي زالن جو زبردستيءَ سان وارث ٿيڻ جائز نه آهي ۽ انهن کي هن لاءِ (شادي ڪرڻ کان) نه روڪيو ته جيڪي اوهان کين ڏنو تنهن مان ڪجهه موٽائي وٺو پر جنهن وقت ظاهر بدڪاري ڪن. ۽ زالن سان دستور جي موافق گڏجي رهو، ۽ پوءِ جيڪڏهن اهي اوهان کي نه وڻن ته شايد اوهان کي ڪا شيءِ نه وڻي ۽ الله ان ۾ ڪا گهڻي خوبي پيدا ڪري .

— مولانا محمد مدني

4:20

وَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا ؀20

۽ جيڪڏهن هڪ زال جي جاءِ تي ٻي زال کي بدلي (يعني نڪاح) ۾ آڻڻ گهرو ۽ اوهان انهن مان هڪ (پهرينءَ کي) گهڻو مال (مهر) ڏنو هجي ته ان مان ڪجهه به موٽائي نه وٺو. ڇا؟ ان کي ظلم ۽ پڌري گناهه سان وٺو ٿا.

— مولانا محمد مدني