033 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 73 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اتَّقِ اللّٰهَ وَلَا تُطِـعِ الْكٰفِرِيْنَ وَالْمُنٰفِقِيْنَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِـيْمًا حَكِــيْمًا 1ۙ
اي نبي! الله کان ڊڄ ۽ ڪافرن ۽ منافقن جو چيو نه مڃ. بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَّاتَّبِـعْ مَا يُوْحٰٓى اِلَيْكَ مِنْ رَّبِّكَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ خَبِيْرًا 2ۙ
۽ پنهنجي پاليندڙ جي طرفان جيڪي تو ڏي وحي ڪيو وڃي ٿو تنهن جي تابعداري ڪر! بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيوَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ ۭ وَكَفٰي بِاللّٰهِ وَكِيْلًا 3
۽ الله تي ڀروسو ڪر ۽ الله ڪارساز بس آهي.
— مولانا محمد مدنيمَا جَعَلَ اللّٰهُ لِرَجُلٍ مِّنْ قَلْبَيْنِ فِيْ جَوْفِهٖ ۚ وَمَا جَعَلَ اَزْوَاجَكُمُ اڿ تُظٰهِرُوْنَ مِنْهُنَّ اُمَّهٰتِكُمْ ۚ وَمَا جَعَلَ اَدْعِيَاۗءَكُمْ اَبْنَاۗءَكُمْ ۭ ذٰلِكُمْ قَوْلُكُمْ بِاَفْوَاهِكُمْ ۭ وَاللّٰهُ يَـقُوْلُ الْــحَـقَّ وَهُوَ يَهْدِي السَّبِيْلَ 4
الله ڪنهن به ماڻهوءَ جي اندر ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن، ۽ نه اوهان جي انهن عورتن کي جن کي اوهان پاڻ تي مائرن جهڙو ڪيو آهي (تن کي) اوهان جون مائرون ڪيون اٿس ۽ نه اوهان جي پٽيلن کي اوهان جا پٽ ڪيو اٿس. اهو اوهان جي واتن سان اوهان جو چوڻ آهي. ۽ الله سچ چوي ٿو ۽ اهو رستو ڏيکاري ٿو.
— مولانا محمد مدنياُدْعُوْهُمْ لِاٰبَاۗىِٕهِمْ هُوَ اَقْسَطُ عِنْدَ اللّٰهِ ۚ فَاِنْ لَّمْ تَعْلَمُوْٓا اٰبَاۗءَهُمْ فَاِخْوَانُكُمْ فِي الدِّيْنِ وَمَوَالِيْكُمْ ۭ وَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ فِيْمَآ اَخْطَاْتُـمْ بِهٖ ۙ وَلٰكِنْ مَّا تَعَمَّدَتْ قُلُوْبُكُمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِـيْمًا 5
کين سندن پيئن جا پٽ ڪري سڏيو اهو الله وٽ وڌيڪ انصاف آهي. پوءِ جيڪڏهن اوهين سندن پيئن کي نه ڄاڻو ته (اهي) اوهان جا ديني ڀائر ۽ اوهان جا دوست آهن. ۽ جنهن (لفظ ڳالهائڻ) سان اوهان کان خطا ٿي تنهن ۾ اوهان تي گناه نه آهي پر (گناهه اهو آهي) جنهن جو اوهان جي دلين ارادو ڪيو. ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— مولانا محمد مدنياَلنَّبِيُّ اَوْلٰى بِالْمُؤْمِنِيْنَ مِنْ اَنْفُسِهِمْ وَاَزْوَاجُهٗ ٓ اُمَّهٰتُهُمْ ۭ وَاُولُوا الْاَرْحَامِ بَعْضُهُمْ اَوْلٰى بِبَعْضٍ فِيْ كِتٰبِ اللّٰهِ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ وَالْمُهٰجِرِيْنَ اِلَّآ اَنْ تَفْعَلُوْٓا اِلٰٓى اَوْلِيٰۗىِٕكُمْ مَّعْرُوْفًا ۭ كَانَ ذٰلِكَ فِي الْكِتٰبِ مَسْطُوْرًا 6
نبيءَ جو ايمان وارن تي سندن جانين کان به زياده حق آهي ۽ سندس زالون انهن جون مائرون آهن. ۽ مائٽيءَ وارا (پاڻ ۾ ) هڪ ٻئي کي الله جي ڪتاب ۾ (ٻين) ايمان وارن ۽ مهاجرن کان زياده ويجها آهن پر پنهنجن دوستن سان ڪا ڀلائي ڪريو (ته جائز آهي)، اهو (حڪم) ڪتاب ۾ لکيل آهي.
— مولانا محمد مدنيوَ اِذْ اَخَذْنَا مِنَ النَّـبِيّٖنَ مِيْثَاقَهُمْ وَ مِنْكَ وَمِنْ نُّوْحٍ وَّ اِبْرٰهِيْمَ وَ مُوْسٰى وَ عِيْسَى ابْنِ مَرْيَـمَ ۠ وَاَخَذْنَا مِنْهُمْ مِّيْثَاقًا غَلِيْظًا 7ۙ
۽ (اي پيغمبر! اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اسان نبين کان سندن انجام ورتو. ۽ (خاص ڪري) توکان ۽ نوح ۽ ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ مريم جي پٽ عيسيٰ کان ۽ اسان کانئن پڪو انجام ورتو.
— مولانا محمد مدنيلِّيَسْـَٔـلَ الصّٰدِقِيْنَ عَنْ صِدْقِهِمْ ۚ وَاَعَدَّ لِلْكٰفِرِيْنَ عَذَابًا اَلِـــيْمًا 8ۧ
هن لاءِ ته سچن کان سندن سچ بابت پڇي ۽ ڪافرن لاءِ دردناڪ عذاب تيار ڪيو اٿس.
— مولانا محمد مدنييٰٓاَيُّهَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوا اذْكُرُوْا نِعْمَةَ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ اِذْ جَاۗءَتْكُمْ جُنُوْدٌ فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا وَّجُنُوْدًا لَّمْ تَرَوْهَا ۭ وَكَانَ اللّٰهُ بِـمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِيْرًا 9ۚ
اي ايمان وارؤ! پاڻ تي الله جو احسان ياد ڪريو جڏهن اوهان تي لشڪر چڙهائي ڪري آيا پوءِ اسان مٿن هوا موڪلي ۽ اهڙا لشڪر (موڪليا) جنکي اوهان نه ٿي ڏٺو. ۽ الله اوهان جي ڪم (يعني جنگي تدبيرن) کي ڏسي رهيو هو.
— مولانا محمد مدنياِذْ جَاۗءُوْكُمْ مِّنْ فَوْقِكُمْ وَمِنْ اَسْفَلَ مِنْكُمْ وَاِذْ زَاغَتِ الْاَبْصَارُ وَبَلَغَتِ الْقُلُوْبُ الْحَـنَاجِرَ وَتَظُنُّوْنَ بِاللّٰهِ الظُّنُوْنَا 10
جنهن وقت اوهان جي مٿان ۽ اوهان جي هيٺان اوهان تي چڙهائي ڪري آيا ۽ ان وقت اکيون ڏرا ڏيئي ويون ۽ دليون نڙگهٽن کي پهتيون ۽ اوهان الله به نسبت ڪيترا گمان ٿي ڪيا.
— مولانا محمد مدنيهُنَالِكَ ابْتُلِيَ الْمُؤْمِنُوْنَ وَزُلْزِلُوْا زِلْزَالًا شَدِيْدًا 11
اتي ايمان وارن کي آزمايو ويو ۽ کين سخت لوڏيو ويو.
— مولانا محمد مدنيوَاِذْ يَقُوْلُ الْمُنٰفِقُوْنَ وَالَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ مَّرَضٌ مَّا وَعَدَنَا اللّٰهُ وَرَسُوْلُهٗ ٓ اِلَّا غُرُوْرًا 12
۽ ان وقت منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري آهي تن ٿي چيو ته الله ۽ سندس رسول اسان سان رڳو ڌوکي جو انجام ڪيو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَاِذْ قَالَتْ طَّاۗىِٕفَةٌ مِّنْهُمْ يٰٓاَهْلَ يَثْرِبَ لَا مُقَامَ لَكُمْ فَارْجِعُوْا ۚ وَيَسْتَاْذِنُ فَرِيْقٌ مِّنْهُمُ النَّبِيَّ يَقُوْلُوْنَ اِنَّ بُيُوْتَنَا عَوْرَةٌ ړ وَمَا هِىَ بِعَوْرَةٍ ڔ اِنْ يُّرِيْدُوْنَ اِلَّا فِرَارًا 13
۽ ان وقت انهن مان هڪ جماعت ٿي چيو ته اي مديني وارو! اوهان لاءِ (هتي دشمن جي مقابلي ۾ ) بيهڻ جي جاءِ نه آهي تنهنڪري موٽي وڃو ۽ انهن مان هڪ جماعت نبيءَ کان موڪل ٿي گهري. چيائون ٿي ته اسان جا گهر هيڪلا آهن هوڏانهن اهي هيڪلا نه آهن. اهي رڳو ڀڄڻ جو ارادو ٿا ڪن.
— مولانا محمد مدنيوَلَوْ دُخِلَتْ عَلَيْهِمْ مِّنْ اَقْطَارِهَا ثُـمَّ سُىِٕلُوا الْفِتْنَةَ لَاٰتَوْهَا وَمَا تَلَبَّثُوْا بِهَآ اِلَّا يَسِيْرًا 14
۽ جيڪڏهن شهر ۾ مٿن ان جي آس پاس کان ڪا فوج گهڙي اچي ها وري کين خانه جنگي جو چيو وڃي ها ته اها ضرور ڪن ها ۽ ان (ڪرڻ) ۾ ٿوريءَ دير کان سواءِ بالڪل نه ترسن ها.
— مولانا محمد مدنيوَلَقَدْ كَانُوْا عَاهَدُوا اللّٰهَ مِنْ قَبْلُ لَا يُوَلُّوْنَ الْاَدْبَارَ ۭ وَكَانَ عَهْدُ اللّٰهِ مَسْـُٔــوْلًا 15
۽ بيشڪ انهن هن کان اڳي الله سان انجام ڪيو هو ته پٺيون نه ڦيريندا ۽ الله جي انجام جي پڇا ٿيندي.
— مولانا محمد مدنيقُلْ لَّنْ يَّنْفَعَكُمُ الْفِرَارُ اِنْ فَرَرْتُمْ مِّنَ الْمَوْتِ اَوِ الْقَتْلِ وَاِذًا لَّا تُـمَـتَّعُوْنَ اِلَّا قَلِيْلًا 16
(اي پيغمبر! کين) چئو ته جيڪڏهن اوهين مرڻ يا مارجڻ کان ڀڄو ٿا ته اوهان کي ڀڄڻ فائدو نه ڏيندو ۽ ان حالت ۾ ٿورن ڏينهن کان سواءِ اوهان کي فائدو نه ڏنو ويندو.
— مولانا محمد مدنيقُلْ مَنْ ذَا الَّذِيْ يَعْصِمُكُمْ مِّنَ اللّٰهِ اِنْ اَرَادَ بِكُمْ سُوْۗءًا اَوْ اَرَادَ بِكُمْ رَحْـمَةً ۭ وَلَايَجِدُوْنَ لَهُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ وَلِيًّا وَّلَا نَصِيْرًا 17
(اي نبيﷺ !) کين چئو ته جيڪڏهن الله اوهان سان برائي ڪرڻ گهري ته ڪير اوهان کي الله (جي عذاب) کان بچائيندو يا اوهان سان مهرباني ڪرڻ گهري (ته ڪير ان کي روڪي سگهندو) ۽ اهي الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نه ڪو دوست ۽ نه مددگار لهندا.
— مولانا محمد مدنيقَدْ يَعْلَمُ اللّٰهُ الْمُعَوِّقِيْنَ مِنْكُمْ وَالْقَاۗىِٕلِيْنَ لِاِخْوَانِهِمْ هَلُمَّ اِلَيْنَا ۚ وَلَا يَاْتُوْنَ الْبَاْسَ اِلَّا قَلِيْلًا ۙ18
بيشڪ الله اوهان مان (جنگ کان) جهليندڙن ۽ پنهنجن ڀائرن کي هيئن چوندڙن کي ته (جنگ کي ڇڏي) اسان ڏي اچو، ڄاڻي ٿو. ۽ اهي اوهان (کي مدد ڪرڻ) کان ڪنجوسي ڪندي جنگ ۾
— مولانا محمد مدنياَشِحَّةً عَلَيْكُمْ ښ فَاِذَا جَاۗءَ الْخَوْفُ رَاَيْتَهُمْ يَنْظُرُوْنَ اِلَيْكَ تَدُوْرُ اَعْيُنُهُمْ كَالَّذِيْ يُغْشٰى عَلَيْهِ مِنَ الْمَوْتِ ۚ فَاِذَا ذَهَبَ الْـخَوْفُ سَلَقُوْكُمْ بِاَلْسِـنَةٍ حِدَادٍ اَشِحَّةً عَلَي الْـخَــيْرِ ۭ اُولٰۗىِٕكَ لَمْ يُؤْمِنُوْا فَاَحْبَطَ اللّٰهُ اَعْـمَالَهُمْ ۭ وَكَانَ ذٰلِكَ عَلَي اللّٰهِ يَسِيْرًا 19
بالڪل ٿورو ٿا اچن. پوءِ جڏهن ڊپ (جووقت) اچي ٿو ته تون کين ڏسين ٿو ته (نااميديءَ کان) تو ڏي پيا ڏسن سندن اکيون پيون ڦرن ان (ماڻهوءَ) وانگر جنهن تي موت جي بيهوشي اچي ٿي. پوءِ جڏهن ڊپ لهي وڃي ٿو (۽ مسلمانن جي فتح ٿئي ٿي) ته (غنيمت جي) مال (وٺڻ) تي لالچي ٿي اوهان تي تيز زبانن سان زبان درازي ڪن ٿا. انهن (ماڻهن شروع کان) ايمان نه آندو آهي پوءِ الله سندن عمل ناس ڪري ڇڏيا. ۽ اهو (ڪم) الله تي آسان آهي.
— مولانا محمد مدنييَحْسَبُوْنَ الْاَحْزَابَ لَمْ يَذْهَبُوْا ۚ وَاِنْ يَّاْتِ الْاَحْزَابُ يَوَدُّوْا لَوْ اَنَّهُمْ بَادُوْنَ فِي الْاَعْرَابِ يَسْاَلُوْنَ عَنْ اَنْۢبَاۗىِٕكُمْ ۭ وَلَوْ كَانُوْا فِيْكُمْ مَّا قٰتَلُوْٓا اِلَّا قَلِيْلًا ۧ20
اهي (ڊپ جي ڪري) گمان ٿا ڪن ته (ڪافرن جون) جماعتون ويون نه آهن ۽ جيڪڏهن اهي جماعتون (موٽي) اچن ته (اهي ماڻهو) هيءَ خواهش ڪندا ته پاڻ جيڪر شهر کان ٻاهر جهنگلي عربن (جي وچ) ۾ ويٺل هجن (۽ پري ويهي) اوهانجون خبرون پڇندا رهن. ۽ جيڪڏهن اهي اوهان جي وچ ۾ هوندا ته رڳو ٿوري دير جنگ ۾ وڙهندا.
— مولانا محمد مدني