032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
الۗمّۗ 1ۚ
الم
— مولانا محمد مدنيتَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
ڪتاب جو نازل ڪرڻ جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي، جهانن جي پاليندڙ جي طرفان آهي.
— مولانا محمد مدنياَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
يا ته اهي چون ٿا ته اهو ڪوڙ ٺاهيو اٿس (سو اي پيغمبر! ائين نه آهي) بلڪ اهو تنهنجي پاليندڙ جي طرفان سچ آهي هن لاءِ ته تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن وٽ توکان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ نه آيو ته مَنَ اهي رستي تي اچن.
— مولانا محمد مدنياَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
الله اهو آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو وري عرش تي قائم ٿيو. ان کانسواءِ اوهان جو نه ڪو مددگار ۽ نه ڪو سفارشي آهي. ڇا پوءِ به ڌيان نه ٿا ڪريو؟
— مولانا محمد مدنييُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
آسمان کان وٺي زمين تائين ڪم جو بندوبست ڪري ٿو. وري اهو (ڪم) ان ڏي اهڙي ڏينهن ۾ چڙهي ٿو جنهن جو اندازو اوهان جي شمار سان هزار ورهيه آهي.
— مولانا محمد مدنيذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
اهو ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻندڙ، زبردست، نهايت رحم وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيالَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
جنهن جيڪا به شئي پيدا ڪئي سا سٺي بنائي ۽ انسان جو پيدا ڪرڻ گاري مان شروع ڪيائين.
— مولانا محمد مدنيثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
وري سدس اولاد کي (مني جي) خلاصي (يعني) بيقدر پاڻيءَ مان بنايائين،
— مولانا محمد مدنيثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
پوءِ ان کي صحيح سالم ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين. اوهين ٿورو شڪرڪريو ٿا.
— مولانا محمد مدنيوَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
۽ چون ٿا ته ڇا جڏهن اسين زمين ۾ رلي ملي وينداسون تڏهن به اسان کي نئين سر بنايو ويندو. بلڪ اهي پنهنجي پاليندڙ سان ملڻ کي نه ٿا مڃين
— مولانا محمد مدنيقُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
(اي پيغمبرﷺ! تون) چئو ته جيڪو موت جوفرشتو اوهان تي مقرر ڪيو ويو آهي اهو اوهان جو روح قبض ڪري ٿو. وري اوهان کي پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽايو ويندو
— مولانا محمد مدنيوَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
۽ (اي پيغمبرﷺ! توکي عجب ٿيندو) جيڪڏهن تون (ان وقت) ڏسندين جنهن وقت گنهگار پنهنجي پاليندڙ وٽ پنهنجا مٿا هيٺ ڪندڙ هوندا (چوندا ته) اي اسان جا پاليندڙ! اسان ڏٺو ۽ اسان ٻڌو پوءِ تون اسان کي (دنيا ڏي) موٽاءِ ته چڱا ڪم ڪريون بيشڪ اسين يقين ڪندڙ آهيون
— مولانا محمد مدنيوَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
۽ (الله فرمائيندو ته) جيڪڏهن اسين گهرون ها ته سڀڪنهن شخص کي (دنيا ۾ ) سندس رستو سمجهائي ڇڏيون ها پر منهنجي طرفان هيءَ ڳالهه ٺهرائجي چڪي آهي ته ضرور آءُ جهنم کي جنن ۽ ماڻهن سڀني مان گڏ ڀري ڇڏيندس.
— مولانا محمد مدنيفَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
پوءِ پنهنجي هن ڏينهن جي ملڻ کي جو اوهان وساريو هو تنهن جي ڪري عذاب (جو مزو) چکو. بيشڪ اسان (به) اوهان کي وساريو ۽ جيڪي اوهين ڪندا هوا تنهن جي ڪري هميشه جو عذاب چکو.
— مولانا محمد مدنياِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
اسان جي آيتن تي رڳو اهي ايمان آڻين ٿا جن کي جڏهن انهن (آيتن) سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اهي وڏائي نه ٿا ڪن.
— مولانا محمد مدنيتَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
سندن پاسا سمهڻ جي هنڌ کان پري ٿين ٿا، پنهنجي پاليندڙ کي ڊپ ۽ اميد سان سڏين ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان خرچ ڪن ٿا.
— مولانا محمد مدنيفَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
پوءِ جيڪو اکين جو ٺار انهن لاءِ لڪايو ويو آهي تنهن کي ڪو شخص نه ٿو ڄاڻي، جيڪي عمل پيا ڪن تن جو بدلو ڏنو ويندن.
— مولانا محمد مدنياَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
ڇا ڀلا پوءِ جيڪو ايمان وارو آهي سو نافرمان جهڙو آهي؟ اهي (ٻئي) برابر نه ٿيندا.
— مولانا محمد مدنياَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ مهمانيءَ طور رهڻ جا باغ آهن انهن ڪمن جي ڪري جيڪي پيا ڪن.
— مولانا محمد مدنيوَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
۽ جن نافرماني ڪئي تن جي رهڻ جي جاءِ باهه آهي جڏهن به ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ موٽايا ويندا ۽ کين چيو ويندو ته باهه جي سزا جو مزو چکو جنهن کي اوهين ڪوڙو ڪندا هئا.
— مولانا محمد مدني