003 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 200 آيتون ۽ 20 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
الۗـۗمَّ 1ۙ
المَّ. الله اهو آهي.
— مولانا محمد مدنياللّٰهُ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ الْـحَيُّ الْقَيُّوْمُ 2ۭ
جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي (اهو) جيئرو (۽ هميشه) قائم رهندڙ آهي .
— مولانا محمد مدنينَزَّلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ بِالْـحَقِّ مُصَدِّقًا لِّمَا بَيْنَ يَدَيْهِ وَاَنْزَلَ التَّوْرٰىةَ وَالْاِنْـجِيْلَ 3ۙ
(اي رسول !) توتي حق سان (اُهو) ڪتاب (قرآن) لاٿائين جو جيڪي (ڪتاب) ان جي اڳيان آهن تن کي سچو چوندڙ آهي ۽ تورات ۽ انجيل کي هن کان اڳي ماڻهن جي هدايت لاءِ لاٿائين.
— مولانا محمد مدنيمِنْ قَبْلُ ھُدًى لِّلنَّاسِ وَاَنْزَلَ الْفُرْقَانَ ڛ اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا بِاٰيٰتِ اللّٰهِ لَھُمْ عَذَابٌ شَدِيْدٌ ۭ وَاللّٰهُ عَزِيْزٌ ذُو انْتِقَامٍ 4
۽ فرقان (به) لاٿائين. بيشڪ جن الله جي آيتن جو انڪار ڪيو تن لاءِ سخت عذاب آهي. ۽ الله زبردست (۽) بدلي وٺڻ وارو آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّ اللّٰهَ لَا يَـخْفٰى عَلَيْهِ شَيْءٌ فِي الْاَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاۗءِ 5ۭ
بيشڪ الله کان ڪابه شي نڪي زمين ۾ ۽ نه ڪي آسمان ۾ ڳجهي رهي ٿي.
— مولانا محمد مدنيھُوَ الَّذِيْ يُصَوِّرُكُمْ فِي الْاَرْحَامِ كَيْفَ يَشَاۗءُ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ 6
هو اُهو آهي جو (مائن جي) ڳڀيرڻين ۾ جيئن گهري ٿو تيئن اوهان جي شڪل ٺاهي ٿو. ان کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي (اهو) زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيھُوَ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلَيْكَ الْكِتٰبَ مِنْهُ اٰيٰتٌ مُّـحْكَـمٰتٌ ھُنَّ اُمُّ الْكِتٰبِ وَاُخَرُ مُتَشٰبِهٰتٌ ۭ فَاَمَّا الَّذِيْنَ فِيْ قُلُوْبِهِمْ زَيْغٌ فَيَتَّبِعُوْنَ مَا تَشَابَهَ مِنْهُ ابْتِغَاۗءَ الْفِتْنَةِ وَابْتِغَاۗءَ تَاْوِيْلِهٖ څ وَمَا يَعْلَمُ تَاْوِيْلَهٗ ٓ اِلَّا اللّٰهُ ڤ وَالرّٰسِـخُوْنَ فِي الْعِلْمِ يَقُوْلُوْنَ اٰمَنَّا بِهٖ ۙ كُلٌّ مِّنْ عِنْدِ رَبِّنَا ۚ وَمَا يَذَّكَّرُ اِلَّآ اُولُوا الْاَلْبَابِ 7
هو اهو آهي جنهن توتي ڪتاب نازل ڪيو. ڪي ان مان محڪم (ظاهر معنيٰ واريون) آيتون آهن، اهي ڪتاب جو اصل آهن ۽ ٻيون متشابهات آهن (يعني انهن جي هڪ مقرر ڪيل معنيٰ نه آهي) پوءِ جن جي دلين ۾ ڏنگائي آهي سي ڪتاب مان متشابهات جي پيروي ڪن ٿا فتني پکيڙڻ جي غرض سان ۽ ان جي (دل گهرئي) مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ، هوڏانهن ان جي (خاص) مطلب کي الله کان سواءِ ڪونه ٿو ڄاڻي. ۽ مضبوط علم وارا چون ٿا ته اسان ان تي ايمان آندو. سڀئي اسان جي پاليندڙ وٽان آهي. ۽ عقل وارن کان سواءِ ڪوبه ڌيان نه ٿو ڪري.
— مولانا محمد مدنيرَبَّنَا لَا تُزِغْ قُلُوْبَنَا بَعْدَ اِذْ ھَدَيْتَنَا وَھَبْ لَنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً ۚ اِنَّكَ اَنْتَ الْوَھَّابُ 8
اي اسان جا پاليندڙ ! جڏهن تو اسان کي هدايت ڪئي تنهن کان پوءِ اسان جي دلين کي نه ڦير. ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت بخش! بيشڪ تون ئي بخشڻ وارو آهين.
— مولانا محمد مدنيرَبَّنَآ اِنَّكَ جَامِعُ النَّاسِ لِيَوْمٍ لَّا رَيْبَ فِيْهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يُـخْلِفُ الْمِيْعَادَ 9ۧ
اي اسان جا پاليندڙ ! تون اسان کي هڪ ڏينهن گڏ ڪرڻ وارو آهين جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي. بيشڪ الله (پنهنجو) انجام نه ٿو ڦيرائي.
— مولانا محمد مدنياِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لَنْ تُغْنِىَ عَنْھُمْ اَمْوَالُھُمْ وَلَآ اَوْلَادُھُمْ مِّنَ اللّٰهِ شَـيْـــــًٔـا وَاُولٰۗىِٕكَ ھُمْ وَقُوْدُ النَّارِ ۙ10
بيشڪ جن ڪفر ڪيو تن کي نه سندن مال ۽ نه سندن اولاد الله جي عذاب کان ڪجهه به ڪم ايندا. ۽ اهي ئي باهه جو ٻارڻ آهن.
— مولانا محمد مدنيكَدَاْبِ اٰلِ فِرْعَوْنَ ۙ وَالَّذِيْنَ مِنْ قَبْلِهِمْ ۭ كَذَّبُوْا بِاٰيٰتِنَا ۚ فَاَخَذَھُمُ اللّٰهُ بِذُنُوْبِهِمْ وَاللّٰهُ شَدِيْدُ الْعِقَابِ 11
فرعونين ۽ جيڪي انهن کان اڳ هئا، تن جي حال وانگر، انهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪيو پوءِ الله انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو. ۽ الله جي سزا سخت آهي.
— مولانا محمد مدنيقُلْ لِّـلَّذِيْنَ كَفَرُوْا سَـتُغْلَبُوْنَ وَتُـحْشَرُوْنَ اِلٰى جَهَنَّمَ ۭ وَبِئْسَ الْمِهَادُ 12
(اي رسول !) ڪافرن کي چئو ته اوهان جي طاقت کي ٽوڙيو ويندو ۽ اوهان کي دوزخ ڏي گڏ ڪيو ويندو. ۽ اها بڇڙي جاءِ آهي.
— مولانا محمد مدنيقَدْ كَانَ لَكُمْ اٰيَةٌ فِيْ فِئَتَيْنِ الْتَقَتَا ۭ فِئَةٌ تُقَاتِلُ فِيْ سَبِيْلِ اللّٰهِ وَاُخْرٰى كَافِرَةٌ يَّرَوْنَھُمْ مِّثْلَيْهِمْ رَاْيَ الْعَيْنِ ۭ وَاللّٰهُ يُؤَيِّدُ بِنَصْرِهٖ مَنْ يَّشَاۗءُ ۭ اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّاُولِي الْاَبْصَارِ 13
ٻه جماعتون جيڪي هڪ ٻئي سان وڙهيون، تن ۾ اوهان لاءِ نشاني آهي. هڪ جماعت الله جي رستي ۾ جنگ ٿي ڪئي ۽ ٻي ڪافرن جي هئي. مسلمانن ڪافرن کي پنهنجي ٻيڻ جيترو (ظاهر طرح) اکين سان ٿي ڏٺو، ۽ الله پنهنجي مدد سان جنهن کي گهري تنهنکي طاقت ڏي ٿو. بيشڪ ان ۾ اکين وارن لاءِ هڪ نصيحت آهي.
— مولانا محمد مدنيزُيِّنَ لِلنَّاسِ حُبُّ الشَّهَوٰتِ مِنَ النِّسَاۗءِ وَالْبَنِيْنَ وَالْقَنَاطِيْرِ الْمُقَنْطَرَةِ مِنَ الذَّھَبِ وَالْفِضَّةِ وَالْـخَيْلِ الْمُسَوَّمَةِ وَالْاَنْعَامِ وَالْـحَرْثِ ۭ ذٰلِكَ مَتَاعُ الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۚ وَاللّٰهُ عِنْدَهٗ حُسْنُ الْمَاٰبِ 14
خواهشن جي محبت ماڻهن کي وڻندڙ ڪري ڏيکاري وئي آهي جيئن زالون ۽ پٽ ۽ سون ۽ چانديءَ جا گڏ ڪيل خزانا ۽ نشان ڪيل گهوڙا ۽ جانور ۽ پوک. اهو دنيا جي حياتيءَ جو سامان آهي. ۽ الله وٽ ئي چڱي موٽڻ جي جاءِ آهي.
— مولانا محمد مدنيقُلْ اَؤُنَبِّئُكُمْ بِـخَيْرٍ مِّنْ ذٰلِكُمْ ۭ لِلَّذِيْنَ اتَّقَوْا عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتٌ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا وَاَزْوَاجٌ مُّطَهَّرَةٌ وَّرِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۚ15
(اي رسول ! کين) چو ته ڇا اوهان کي ان کان به ڀليءَ (شيءِ) جي خبر ڏيان؟ پرهيزگارن لاءِ سندن پاليندڙ وٽ باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا انهن ۾ پيا رهندا ۽ پاڪ زالون آهن ۽ الله جي طرفان رضامندي آهي. ۽ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنياَلَّذِيْنَ يَقُوْلُوْنَ رَبَّنَآ اِنَّنَآ اٰمَنَّا فَاغْفِرْ لَنَا ذُنُوْبَنَا وَقِنَا عَذَابَ النَّارِ ۚ16
جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا پاليندڙ ! بيشڪ اسان ايمان آندو پوءِ اسان کي اسان جا گناهه معاف ڪر ۽ اسان کي باهه جي عذاب کان بچاءِ.
— مولانا محمد مدنياَلصّٰبِرِيْنَ وَالصّٰدِقِيْنَ وَالْقٰنِـتِيْنَ وَالْمُنْفِقِيْنَ وَالْمُسْـتَغْفِرِيْنَ بِالْاَسْـحَارِ 17
جيڪي صبر ڪندڙ ۽ سچا ۽ فرمان بردار ۽ خرچ ڪندڙ ۽ پوئين رات ۾ معافي گهرندڙ آهن. الله شاهدي ڏني.
— مولانا محمد مدنيشَهِدَ اللّٰهُ اَنَّهٗ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ ۙ وَالْمَلٰۗىِٕكَةُ وَاُولُوا الْعِلْمِ قَاۗىِٕمًۢا بِالْقِسْطِ ۭ لَآ اِلٰهَ اِلَّا ھُوَ الْعَزِيْزُ الْـحَكِيْمُ ۭ18
ته سندس ذات کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي ۽ ملائڪن ۽ علم وارن به (شاهدي ڏني) اهو ئي انصاف سان (جهان کي) هلائيندڙ آهي ان کانسواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي (اهو) زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللّٰهِ الْاِسْلَامُ ۣ وَمَا اخْتَلَفَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَھُمُ الْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَھُمْ ۭ وَمَنْ يَّكْفُرْ بِاٰيٰتِ اللّٰهِ فَاِنَّ اللّٰهَ سَرِيْعُ الْـحِسَابِ 19
بيشڪ (معتبر) دين الله وٽ اسلام آهي. ۽ ڪتاب وارن (اسلام قبول ڪرڻ ۾ ) وٽن علم پهچڻ کان پوءِ ئي پاڻ ۾ ضد جي ڪري اختلاف ڪيو. ۽ جيڪو الله جي آيتن جو انڪار ڪندو ته الله جي طرفان حساب به جلد ٿيڻ وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيفَاِنْ حَاۗجُّوْكَ فَقُلْ اَسْلَمْتُ وَجْهِيَ لِلّٰهِ وَمَنِ اتَّبَعَنِ ۭ وَقُلْ لِّلَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ وَالْاُمِّيّٖنَ ءَاَسْلَمْتُمْ ۭ فَاِنْ اَسْلَمُوْا فَقَدِ اھْتَدَوْا ۚ وَاِنْ تَوَلَّوْا فَاِنَّـمَا عَلَيْكَ الْبَلٰغُ ۭ وَاللّٰهُ بَصِيْرٌۢ بِالْعِبَادِ ۧ20
پوءِ (اي رسول) جيڪڏهن اهي توسان جهڳڙو ڪن ته تون چو ته مون پنهنجو منهن الله جي تابع ڪيو ۽ جنهن منهنجي تابعداري ڪئي (تنهن به) ۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو تن کي ۽ اڻ پڙهيلن کي چو ته ڇا اوهان اسلام آندو؟ پوءِ جيڪڏهن اسلام آندائون ته انهن سڌو رستو لڌو. ۽ جيڪڏهن منهن ڦيريائون ته توتي رڳو (پيغام) پهچائڻ آهي ۽ الله ٻانهن کي ڏسندڙ آهي.
— مولانا محمد مدني