028 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 88 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
طٰسۗمّۗ 1
طسم.
— مولانا محمد مدنيتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
اهي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن
— مولانا محمد مدنينَتْلُوْا عَلَيْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَفِرْعَوْنَ بِالْـحَقِّ لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ 3
اسين توکي موسيٰ (عہ) ۽ فرعون جو ڪجهه احوال مڃڻ واريءَ قوم لاءِ پورو پورو پڙهي ٻڌايون ٿا.
— مولانا محمد مدنياِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِي الْاَرْضِ وَجَعَلَ اَهْلَهَا شِيَعًا يَّسْتَضْعِفُ طَاۗىِٕفَةً مِّنْهُمْ يُذَ بِّحُ اَبْنَاۗءَهُمْ وَيَسْتَحْيٖ نِسَاۗءَهُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِيْنَ 4
بيشڪ فرعون زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ ان جي رهڻ وارن کي (جدا جدا) ٽوليون ڪري ڇڏيائين، انهن مان هڪ جماعت کي ڪمزور ڪري رکيائين ٿي، سندن پٽن کي ڪٺائين ٿي ۽ انهن جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيائين ٿي. بيشڪ اهو فسادين مان هو.
— مولانا محمد مدنيوَنُرِيْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَي الَّذِيْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِي الْاَرْضِ وَنَجْعَلَهُمْ اَىِٕمَّةً وَّنَجْعَلَهُمُ الْوٰرِثِيْنَ 5ۙ
۽ اسان گهريو ته جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪيو ويو تن تي احسان ڪريون ۽ انهن کي اڳواڻ بنايون ۽ انهن کي وارث ڪريون.
— مولانا محمد مدنيوَنُمَكِّنَ لَهُمْ فِي الْاَرْضِ وَنُرِيَ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا مِنْهُمْ مَّا كَانُوْا يَحْذَرُوْنَ 6
۽ انهن جو زمين ۾ دٻدٻو ڪريون ۽ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪرن کي انهن (ضعيفن) کان اها ڳالهه ڏيکاريون جنهن کان ڊنا ٿي.
— مولانا محمد مدنيوَاَوْحَيْنَآ اِلٰٓى اُمِّ مُوْسٰٓى اَنْ اَرْضِعِيْهِ ۚ فَاِذَا خِفْتِ عَلَيْهِ فَاَلْقِيْهِ فِي الْيَمِّ وَلَا تَخَافِيْ وَلَا تَحْـزَنِيْ ۚ اِنَّا رَاۗدُّوْهُ اِلَيْكِ وَجَاعِلُوْهُ مِنَ الْمُرْسَلِيْنَ 7
۽ اسان موسيٰ (عہ) جي ماءُ کي الهام ڪيو ته تون ان کي کير پيار! پوءِ جڏهن توکي ان جو ڊپ ٿئي ته ان کي درياءَ ۾ اڇلاءِ ۽ نه ڊپ ڪج ۽ نه غمگين ٿج بيشڪ اسين ان کي توڏي موٽائڻ وارا آهيون ۽ ان کي رسولن مان ڪرڻ وارا آهيون.
— مولانا محمد مدنيفَالْتَقَطَهٗ ٓ اٰلُ فِرْعَوْنَ لِيَكُوْنَ لَهُمْ عَدُوًّا وَّحَزَنًا ۭ اِنَّ فِرْعَوْنَ وَهَامٰنَ وَجُنُوْدَهُمَا كَانُوْا خٰطِـــــِٕيْنَ 8
پوءِ ان کي فرعون جي گهر وارن لڌو، هن لاءِ ته سندن دشمن ۽ غم جو سبب ٿئي. بيشڪ فرعون ۽ هامان ۽ سندن لشڪر خطا ڪندڙ هئا.
— مولانا محمد مدنيوَقَالَتِ امْرَاَتُ فِرْعَوْنَ قُرَّةُ عَيْنٍ لِّيْ وَلَكَ ۭ لَا تَقْتُلُوْهُ ڰ عَسٰٓى اَنْ يَّنْفَعَنَآ اَوْ نَتَّخِذَهٗ وَلَدًا وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 9
۽ فرعون جي زال چيو ته (هيءَ ٻار) منهنجي لاءِ ۽ تنهنجي لاءِ اکين جو ٺار آهي. ان کي نه ڪهو، مَنَ اسان جي ڪم اچي يا ان کي پٽ بنايون، هوڏانهن انهن نه ٿي سمجهيو.
— مولانا محمد مدنيوَاَصْبَحَ فُؤَادُ اُمِّ مُوْسٰى فٰرِغًا ۭ اِنْ كَادَتْ لَتُبْدِيْ بِهٖ لَوْلَآ اَنْ رَّبَطْنَا عَلٰي قَلْبِهَا لِتَكُوْنَ مِنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 10
۽ موسيٰ (عہ) جي ماءُ جي دل بيقرار ٿي. اها ان (بي قراريءَ) کي ظاهر ڪرڻ تي هئي جيڪڏهن اسين ان جي دل کي هن لاءِ صبر جي توفيق نه ڏيون ها ته (اسان جي وعدي کي) مڃڻ وارن مان ٿئي.
— مولانا محمد مدنيوَقَالَتْ لِاُخْتِهٖ قُصِّيْهِ ۡ فَبَصُرَتْ بِهٖ عَنْ جُنُبٍ وَّهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ ۙ11
۽ موسيٰ (عہ) جي ڀيڻ کي چيائين ته ان جي پويان لڳي وڃ پوءِ اها ان کي پري کان ڏسندي رهي ۽ انهن کي خبر به نه پئي.
— مولانا محمد مدنيوَحَرَّمْنَا عَلَيْهِ الْمَرَاضِعَ مِنْ قَبْلُ فَقَالَتْ هَلْ اَدُلُّكُمْ عَلٰٓي اَهْلِ بَيْتٍ يَّكْفُلُوْنَهٗ لَكُمْ وَهُمْ لَهٗ نٰصِحُوْنَ 12
۽ (ڀيڻس جي پهچڻ کان) اڳ مٿس دائين جو کير حرام ڪيوسون پوءِ ڀيڻس چيو ته آءُ اوهان کي اهڙو گهراڻو ڏسيان جيڪي ان جي اوهان لاءِ سنڀال ڪن ۽ اهي ان جا خير خواهه به هجن.
— مولانا محمد مدنيفَرَدَدْنٰهُ اِلٰٓى اُمِّهٖ كَيْ تَــقَرَّ عَيْنُهَا وَلَا تَحْزَنَ وَلِتَعْلَمَ اَنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ وَّلٰكِنَّ اَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُوْنَ ۧ13
پوءِ اسان ان کي سندس ماءُ ڏي موٽايو هن لاءِ ته سندس اکيون ٺرن ۽ غمگين نه ٿئي ۽ هن لاءِ ته ڄاڻي ته بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن.
— مولانا محمد مدنيوَلَمَّا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَاسْتَوٰٓى اٰتَيْنٰهُ حُكْمًا وَّعِلْمًا ۭ وَكَذٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِيْنَ 14
۽ جڏهن موسيٰ (عه) پنهنجيءَ جواني کي پهتو ۽ پختو ٿيو تڏهن اسان ان کي حڪمت ۽ علم ڏنو. ۽ اهڙي طرح نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا.
— مولانا محمد مدنيوَدَخَلَ الْمَدِيْنَةَ عَلٰي حِيْنِ غَفْلَةٍ مِّنْ اَهْلِهَا فَوَجَدَ فِيْهَا رَجُلَيْنِ يَـقْتَتِلٰنِ ڭ هٰذَا مِنْ شِيْعَتِهٖ وَهٰذَا مِنْ عَدُوِّه ٖ ۚ فَاسْتَغَاثَهُ الَّذِيْ مِنْ شِيْعَتِهٖ عَلَي الَّذِيْ مِنْ عَدُوِّهٖ ۙ فَوَكَزَهٗ مُوْسٰى فَقَضٰى عَلَيْهِ ڭ قَالَ هٰذَا مِنْ عَمَلِ الشَّيْطٰنِ ۭ اِنَّهٗ عَدُوٌّ مُّضِلٌّ مُّبِيْنٌ 15
۽ (هڪ ڏينهن) جنهن وقت اتي جا رهڻ وارا بي خبر هئا، تنهن وقت شهر ۾ داخل ٿيو پوءِ اتي مڙس پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺائين. هيءَ (هڪڙو) سندس جماعت (بني اسرائيل) مان هو ۽ هيءَ (ٻيو) سندس دشمنن مان هو. پوءِ جيڪو سندس جماعت مان هو تنهن موسيٰ () کان ان سان وڙهڻ لاءِ مدد گهري جيڪو سندس دشمنن مان هو پوءِ موسيٰ () ان کي هڪ مُڪ هئين ۽ ان کي ماري وڌائين. چيائين ته هيءَ شيطان جي ڪم مان آهي. بيشڪ اهو گمراهه ڪندڙ پڌرو دشمن آهي.
— مولانا محمد مدنيقَالَ رَبِّ اِنِّىْ ظَلَمْتُ نَفْسِيْ فَاغْفِرْ لِيْ فَغَفَرَ لَهٗ ۭ اِنَّهٗ هُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 16
چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو پوءِ تون مونکي معاف ڪر! پوءِ (الله) ان کي معاف ڪيو. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيقَالَ رَبِّ بِـمَآ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ فَلَنْ اَكُوْنَ ظَهِيْرًا لِّلْمُجْرِمِيْنَ 17
(موسيٰ!) چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ تو مون تي جيڪو فضل ڪيو تنهن ڪري ڪڏهن به ڏوهارين جو مددگار نه ٿيندس.
— مولانا محمد مدنيفَاَصْبَحَ فِي الْمَدِيْنَةِ خَاۗىِٕفًا يَّتَرَقَّبُ فَاِذَا الَّذِي اسْتَـنْصَرَهٗ بِالْاَمْسِ يَسْتَــصْرِخُهٗ ۭ قَالَ لَهٗ مُوْسٰٓى اِنَّكَ لَغَوِيٌّ مُّبِيْنٌ 18
پوءِ شهر ۾ ڊڄندي انتظار ڪڍندي صبح ٿيس ته اوچتو جنهن ڪالهه ان کان مدد گهري هئي سو ان کي مدد لاءِ پيو سڏي. موسيٰ () ان کي چيو ته بيشڪ تون پڌرو گمراهه آهين.
— مولانا محمد مدنيفَلَمَّآ اَنْ اَرَادَ اَنْ يَّبْطِشَ بِالَّذِيْ هُوَ عَدُوٌّ لَّهُمَا ۙ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اَتُرِيْدُ اَنْ تَــقْتُلَنِيْ كَـمَا قَتَلْتَ نَفْسًۢا بِالْاَمْسِ ڰ اِنْ تُرِيْدُ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَ جَبَّارًا فِي الْاَرْضِ وَمَا تُرِيْدُ اَنْ تَكُوْنَ مِنَ الْمُصْلِحِيْنَ 19
پوءِ جيڪو ٻنهي جو دشمن هو تنهن تي جڏهن هٿ ڊگهيرڻ گهريائين تڏهن ان (اسرائيلي پاڻ تي موسيٰ کي حملو ڪندڙ سمجهي) چيو ته اي موسيٰ! ڇا تون مون کي قتل ڪرڻ گهرين ٿو جيئن ڪالهه تو هڪ ماڻهوءَ کي قتل ڪيو؟ تون رڳو زمين ۾ زبردست ٿيڻ گهرين ٿو ۽ صلح ڪرائڻ وارن مان ٿيڻ نه ٿو گهرين.
— مولانا محمد مدنيوَجَاۗءَ رَجُلٌ مِّنْ اَقْصَا الْمَدِيْنَةِ يَسْعٰى ۡ قَالَ يٰمُوْسٰٓى اِنَّ الْمَلَاَ يَاْتَمِرُوْنَ بِكَ لِيَقْتُلُوْكَ فَاخْرُجْ اِنِّىْ لَكَ مِنَ النّٰصِحِيْنَ 20
۽ هڪ مڙس شهر جي پرئين پاسي کان ڊوڙندو آيو اُن چيو ته اي موسيٰ! سردار تنهنجي باري ۾ پاڻ ۾ مشورو ڪن ٿا ته توکي قتل ڪن سو تون (شهر مان) نڪري وڃ! بيشڪ آءُ تنهنجي خير خواهن مان آهيان.
— مولانا محمد مدني