026 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 227 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
طٰسۗمّۗ 1
طسم.
— مولانا محمد مدنيتِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
اهي کولي ٻڌائيندڙ ڪتاب (قرآن) جون آيتون آهن.
— مولانا محمد مدنيلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ 3
(اي پيغمبرﷺ!) متان تون پاڻ کي هن ڪري هلاڪت ۾ وجهين جو اُهي ايمان نه ٿا آڻين.
— مولانا محمد مدنياِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ اٰيَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ لَهَا خٰضِعِيْنَ 4
جيڪڏهن اسين گهرون ته مٿن آسمان مان ڪا نشاني لاهيون پوءِ سندن ڪنڌ ان جي اڳيان جهڪا ٿي پون.
— مولانا محمد مدنيوَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا عَنْهُ مُعْرِضِيْنَ 5
۽ انهن وٽ رحمان جي طرفان (اهڙي) ڪا (به) نئين نصيحت نه ٿي اچي جنهن کان هو منهن نه ٿا موڙين.
— مولانا محمد مدنيفَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَيَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 6
پوءِ انهن ڪوڙو ڪيو آهي تنهن ڪري وٽن ان (عذاب) جي حقيقت پهچندي جنهن تي ٺٺوليون پيا ڪن.
— مولانا محمد مدنياَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الْاَرْضِ كَمْ اَنْۢبَـتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 7
ڇا انهن زمين ڏي نه ڏٺو ته اسان ان ۾ سڀ ڪنهن جنس مان ڇا ڇا ڄمايو آهي؟
— مولانا محمد مدنياِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً ۭ وَمَا كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
بيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آهي ۽ هوڏانهن انهن مان گهڻا مڃڻ وارا نه آهن.
— مولانا محمد مدنيوَاِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 9ۧ
۽ (اي پيغمبرﷺ!) بيشڪ تنهنجو پاليندڙ غالب نهايت رحم وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَاِذْ نَادٰي رَبُّكَ مُوْسٰٓي اَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۙ10
۽ (اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پاليندڙ موسيٰ کي سڏيو ته ظالم قوم ڏي وڃ!
— مولانا محمد مدنيقَوْمَ فِرْعَوْنَ ۭ اَلَا يَتَّقُوْنَ 11
فرعون جي قوم ڏي ڇا اهي نٿا ڊڄن؟
— مولانا محمد مدنيقَالَ رَبِّ اِنِّىْٓ اَخَافُ اَنْ يُّكَذِّبُوْنِ ۭ12
ان چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي ڪوڙو ڪن ۽ منهنجو سينو تنگ ٿئي ٿو.
— مولانا محمد مدنيوَيَضِيْقُ صَدْرِيْ وَلَا يَنْطَلِقُ لِسَانِيْ فَاَرْسِلْ اِلٰى هٰرُوْنَ 13
۽ منهنجي زبان نه ٿي هلي پوءِ هارون ڏي به (پيغام پهچائڻ جو حڪم) موڪل.
— مولانا محمد مدنيوَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنْۢبٌ فَاَخَافُ اَنْ يَّقْتُلُوْنِ ۚ14
۽ انهن جو مون تي هڪ ڏوهه آهي سو آءُ ڊڄان ٿو ته متان مون کي قتل ڪن.
— مولانا محمد مدنيقَالَ كَلَّا ۚ فَاذْهَبَا بِاٰيٰتِنَآ اِنَّا مَعَكُمْ مُّسْتَمِعُوْنَ 15
الله فرمايو ته ائين ڪڏهن به نه ٿيندو پوءِ اوهين ٻئي اسان جي نشانين سان وڃو بيشڪ اسين اوهان سان گڏ ٻڌندڙ آهيون.
— مولانا محمد مدنيفَاْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُوْلَآ اِنَّا رَسُوْلُ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۙ16
پوءِ فرعون وٽ وڃو پوءِ چو ته بيشڪ اسين جهان جي پاليندڙ جا موڪليل آهيون.
— مولانا محمد مدنياَنْ اَرْسِلْ مَعَنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ ۭ17
ته تون اسان سان بني اسرائيلن کي وڃڻ ڏي.
— مولانا محمد مدنيقَالَ اَلَمْ نُرَبِّكَ فِيْنَا وَلِيْدًا وَّلَبِثْتَ فِيْنَا مِنْ عُمُرِكَ سِـنِيْنَ ۙ18
(فرعون) چيو ته ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو ۽ تون اسان ۾ پنهنجي عمر جا ڪيترا ورهه رهئين.
— مولانا محمد مدنيوَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِيْ فَعَلْتَ وَاَنْتَ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ 19
۽ تو پنهنجو اهو ڪم ڪيو جو ڪري چڪين۽ تون احسان نه مڃيندڙن مان آهين.
— مولانا محمد مدنيقَالَ فَعَلْتُهَآ اِذًا وَّاَنَا مِنَ الضَّاۗلِّيْنَ ۭ20
موسيٰ چيو ته مون اهو ڪم تڏهن ڪيو ۽ آءُ ان وقت صحيح رستي تي نه هوس.
— مولانا محمد مدني