024 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 64 آيتون ۽ 9 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
سُوْرَةٌ اَنْزَلْنٰهَا وَفَرَضْنٰهَا وَاَنْزَلْنَا فِيْهَآ اٰيٰتٍۢ بَيِّنٰتٍ لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ 1
هي هڪ سورت آهي جا اسان نازل ڪئي آهي ۽ ان جا حڪم فرض ڪيا اٿئون ۽ ان ۾ پڌريون ڳالهيون نازل ڪيون اٿئون، مَنَ اوهين ڌيان ڪريو.
— مولانا محمد مدنياَلزَّانِيَةُ وَالزَّانِيْ فَاجْلِدُوْا كُلَّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا مِائَةَ جَلْدَةٍ ۠ وَّلَا تَاْخُذْكُمْ بِهِمَا رَاْفَةٌ فِيْ دِيْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ۚ وَلْيَشْهَدْ عَذَابَهُمَا طَاۗىِٕفَةٌ مِّنَ الْمُؤْمِنِيْنَ 2
زنا ڪندڙ زال ۽ زنا ڪندڙ مرد سو ٻنهين مان هر هڪ کي سؤ لڪڻ ماريو ۽ اوهان کي انهن ٻنهين تي الله جي حڪم (جاري ڪرڻ) ۾ ڪجهه به شفقت نه ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن اوهين الله تي ۽ پڇاڙيءَ جي ڏينهن تي ايمان آڻيو ٿا. ۽ ايمان وارن مان هڪ جماعت کي انهن ٻنهين جي سزا مهل حاضر رهڻ گهرجي.
— مولانا محمد مدنياَلزَّانِيْ لَا يَنْكِحُ اِلَّا زَانِيَةً اَوْ مُشْرِكَةً ۡ وَّالزَّانِيَةُ لَا يَنْكِحُهَآ اِلَّا زَانٍ اَوْ مُشْرِكٌ ۚ وَحُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَي الْمُؤْمِنِيْنَ 3
زاني مرد، زانياڻي يا مشرڪ زال کانسواءِ ٻيءَ سان نڪاح نه ٿو ڪري ۽ زانياڻي زال سان زاني يا مشرڪ مرد کانسواءِ ٻيو نڪاح نه ٿو ڪري. ۽ اهو ايمان وارن تي حرام ڪيو ويو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ الْمُحْصَنٰتِ ثُـمَّ لَمْ يَاْتُوْا بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ فَاجْلِدُوْهُمْ ثَمٰنِيْنَ جَلْدَةً وَّلَا تَــقْبَلُوْا لَهُمْ شَهَادَةً اَبَدًا ۚ وَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْفٰسِقُوْنَ 4ۙ
۽ جيڪي پاڪدامن زالن ڏي بدڪاريءَ جي نسبت ڪن ٿا وري چار شاهد نه ٿا آڻين،تن کي اسي لڪڻ ماريو ۽ سندن ڪابه شاهدي ڪڏهن به قبول نه ڪريو ۽ اهي ئي نافرمان آهن.
— مولانا محمد مدنياِلَّا الَّذِيْنَ تَابُوْا مِنْۢ بَعْدِ ذٰلِكَ وَاَصْلَحُوْا ۚ فَاِنَّ اللّٰهَ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 5
پر جن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ (پاڻ) سڌاريائون ته پوءِ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَالَّذِيْنَ يَرْمُوْنَ اَزْوَاجَهُمْ وَلَمْ يَكُنْ لَّهُمْ شُهَدَاۗءُ اِلَّآ اَنْفُسُهُمْ فَشَهَادَةُ اَحَدِهِمْ اَرْبَعُ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الصّٰدِقِيْنَ 6
۽ جيڪي (مرد) پنهنجين زالن ڏي بدڪاريءَ جي نسبت ڪن ٿا ۽ انهن وٽ پاڻ کانسواءِ (ٻيا) شاهد نه آهن ته انهن مان هڪ کي الله جو قسم کڻي چار ڀيرا (هن طرح) شاهدي ڏيڻي آهي ته بيشڪ هو سچن مان آهي.
— مولانا محمد مدنيوَالْخَامِسَةُ اَنَّ لَعْنَتَ اللّٰهِ عَلَيْهِ اِنْ كَانَ مِنَ الْكٰذِبِيْنَ 7
۽ پنجون ڀيرو هيئن چوي ته جيڪڏهن هو ڪوڙن مان آهي ته مٿس الله جي لعنت آهي.
— مولانا محمد مدنيوَيَدْرَؤُا عَنْهَا الْعَذَابَ اَنْ تَشْهَدَ اَرْبَعَ شَهٰدٰتٍۢ بِاللّٰهِ ۙ اِنَّهٗ لَمِنَ الْكٰذِبِيْنَ 8ۙ
۽ زال کان سزا کي هيءَ ڳالهه ٽاريندي ته اها الله جو قسم کڻي چار ڀيرا شاهدي ڏئي ته بيشڪ اهو مرد ڪوڙن مان آهي.
— مولانا محمد مدنيوَالْخَامِسَةَ اَنَّ غَضَبَ اللّٰهِ عَلَيْهَآ اِنْ كَانَ مِنَ الصّٰدِقِيْنَ 9
۽ پنجون ڀيرو هيئن چوي ته جيڪڏهن مرد سچن مان آهي ته ان (زال) تي الله جو غضب اچي.
— مولانا محمد مدنيوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ تَوَّابٌ حَكِيْمٌ ۧ10
۽ جيڪڏهن الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي، ۽ هيءَ ته الله مهرباني ڪندڙ حڪمت وارو آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّ الَّذِيْنَ جَاۗءُوْ بِالْاِفْكِ عُصْبَةٌ مِّنْكُمْ ۭ لَا تَحْسَبُوْهُ شَرًّا لَّكُمْ ۭ بَلْ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ ۭ لِكُلِّ امْرِۍ مِّنْهُمْ مَّا اكْتَسَبَ مِنَ الْاِثْمِ ۚ وَالَّذِيْ تَوَلّٰى كِبْرَهٗ مِنْهُمْ لَهٗ عَذَابٌ عَظِيْمٌ 11
(ته خراب ٿيو ها) بيشڪ جن ڪوڙو بهتان لڳايو، سي اوهان مان هڪ جماعت آهن. ان (بهتان) کي پنهنجي حق ۾ بڇڙو نه سمجهو، بلڪه اهو اوهان لاءِ چڱو آهي. انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ تي اوترو گناهه آهي جيترو اُن ڪيو. ۽ انهن مان جنهن ان (بهتان) ۾ وڏو حصو ورتو تنهن لاءِ وڏو عذاب آهي.
— مولانا محمد مدنيلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ ظَنَّ الْمُؤْمِنُوْنَ وَالْمُؤْمِنٰتُ بِاَنْفُسِهِمْ خَيْرًا ۙ وَّقَالُوْا ھٰذَآ اِفْكٌ مُّبِيْنٌ 12
جنهن وقت اوهان اهو بهتان ٻڌو تڏهن ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن پنهنجن ماڻهن ۾ ڇو چڱو گمان نه ڪيو ۽ ڇو نه چيائون ته هي ظاهر ڪوڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيلَوْلَا جَاۗءُوْ عَلَيْهِ بِاَرْبَعَةِ شُهَدَاۗءَ ۚ فَاِذْ لَمْ يَاْتُوْا بِالشُّهَدَاۗءِ فَاُولٰۗىِٕكَ عِنْدَ اللّٰهِ هُمُ الْكٰذِبُوْنَ 13
ان (ڳالهه) تي چار شاهد ڇو نه آندائون. پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون ته اهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن.
— مولانا محمد مدنيوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ لَمَسَّكُمْ فِيْ مَآ اَفَضْتُمْ فِيْهِ عَذَابٌ عَظِيْمٌ ښ 14
۽ جيڪڏهن اوهان تي دنيا ۽ آخرت ۾ الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته ان ڳالهه جي چوٻولي ڪرڻ ۾ اوهان تي (ان ئي وقت) وڏي آفت پوي ها.
— مولانا محمد مدنياِذْ تَلَقَّوْنَهٗ بِاَلْسِنَتِكُمْ وَتَــقُوْلُوْنَ بِاَفْوَاهِكُمْ مَّا لَيْسَ لَكُمْ بِهٖ عِلْمٌ وَّتَحْسَبُوْنَهٗ هَيِّنًا ڰ وَّهُوَ عِنْدَ اللّٰهِ عَظِيْمٌ 15
جنهن وقت اوهان ان ڳالهه کي پنهنجي زبانن تي آندو ٿي ۽ پنهنجي واتن سان اها ڳالهه چئي ٿي جنهن جي اوهان کي خبر نه هئي ۽ اوهان کي هلڪو سمجهيو ٿي هوڏانهن اها ڳالهه الله وٽ وڏي هئي.
— مولانا محمد مدنيوَلَوْلَآ اِذْ سَمِعْتُمُوْهُ قُلْتُمْ مَّا يَكُوْنُ لَنَآ اَنْ نَّتَكَلَّمَ بِھٰذَا ڰ سُـبْحٰنَكَ ھٰذَا بُهْتَانٌ عَظِيْمٌ 16
۽ جڏهن اوهان اها ڳالهه ٻڌي تڏهن اوهان ڇو نه چيو ته اسان کي اها ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي. (اي الله ) تون پاڪ آهين. هيءَ وڏو بهتان آهي.
— مولانا محمد مدنييَعِظُكُمُ اللّٰهُ اَنْ تَعُوْدُوْا لِمِثْلِهٖٓ اَبَدًا اِنْ كُنْتُمْ مُّؤْمِنِيْنَ ۚ17
الله اوهان کي نصيحت ڪري ٿو ته متان موٽي ڪڏهن به اهڙو ڪم ڪريو.
— مولانا محمد مدنيوَيُبَيِّنُ اللّٰهُ لَكُمُ الْاٰيٰتِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 18
جيڪڏهن اوهين ايمان وارا آهيو. ۽ الله اوهان لاءِ آيتون بيان ڪري ٿو ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
— مولانا محمد مدنياِنَّ الَّذِيْنَ يُـحِبُّوْنَ اَنْ تَشِيْعَ الْفَاحِشَةُ فِي الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَهُمْ عَذَابٌ اَلِيْمٌ ۙ فِي الدُّنْيَا وَالْاٰخِرَةِ ۭ وَاللّٰهُ يَعْلَمُ وَاَنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 19
بيشڪ جيڪي ايمان وارن ۾ بدڪاريءَ جي (تهمت) پکڙجڻ کي پسند ڪن ٿا، تن لاءِ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب آهي. ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ اوهين نٿا ڄاڻو.
— مولانا محمد مدنيوَلَوْلَا فَضْلُ اللّٰهِ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَتُهٗ وَاَنَّ اللّٰهَ رَءُوْفٌ رَّحِيْمٌ ۧ20
۽ جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ سندس رحمت نه هجي ها ۽ هي ڳالهه به ته الله گهڻي شفقت ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي (ته خراب ٿيو ها).
— مولانا محمد مدني