019 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 98 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
كۗهٰيٰعۗصۗ ڗ 1
ڪهيعص.
— مولانا محمد مدنيذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِيَّا ڻ 2
(اي پيغمبر! هي) تنهنجي پاليندڙ جي رحمت جو بيان آهي
— مولانا محمد مدنياِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَاۗءً خَفِيًّا 3
پنهنجي ٻانهي زڪريا تي.جڏهن اُن پنهنجي پاليندڙ کي ڳجهيءَ طرح سڏيو.
— مولانا محمد مدنيقَالَ رَبِّ اِنِّىْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّيْ وَاشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَيْبًا وَّلَمْ اَكُنْۢ بِدُعَاۗىِٕكَ رَبِّ شَقِيًّا 4
چيائين ته اي منهنجا پاليندڙ! منهنجا هڏا سُست ٿيا آهن ۽ مٿي جو ٻڍاپڻ چمڪيو آهي ۽ آءُ توکان گهرڻ ۾ (ڪڏهن به) نااُميد نه ٿيو آهيان
— مولانا محمد مدنيوَاِنِّىْ خِفْتُ الْمَوَالِيَ مِنْ وَّرَاۗءِيْ وَكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا فَهَبْ لِيْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِيًّا 5ۙ
۽ آءُ پاڻ کان پوءِ (پنهنجي) وارثن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي زال سنڍ آهي. سو مون کي پاڻ وٽان هڪ وارث (پٽ) عطا ڪر
— مولانا محمد مدنييَّرِثُنِيْ وَيَرِثُ مِنْ اٰلِ يَعْقُوْبَ ڰ وَاجْعَلْهُ رَبِّ رَضِيًّا 6
جو منهنجو ورثو وٺي ۽ يعقوب جي اولاد جو وارث ٿئي ۽ ان کي اي منهنجا پاليندڙ مقبول ڪر.
— مولانا محمد مدنييٰزَكَرِيَّآ اِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلٰمِ ۨاسْمُهٗ يَحْــيٰى ۙ لَمْ نَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ قَبْلُ سَمِيًّا 7
(الله فرمايو ته) اي زڪريا! اسين توکي هڪ ڇوڪري جي خوشخبري ٻڌايون ٿا جنهن جو نالو يحييٰ آهي هن کان اڳ ان جي نالي وارو اسان پيدا نه ڪيو آهي.
— مولانا محمد مدنيقَالَ رَبِّ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّكَانَتِ امْرَاَتِيْ عَاقِرًا وَّقَدْ بَلَغْتُ مِنَ الْكِبَرِ عِتِيًّا 8
زڪريا چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي ڪيئن ڇوڪرو ٿيندو ۽ منهنجي زال سنڍ آهي ۽ آءُ نهايت ٻڍاپي کي پهتو آهيان.
— مولانا محمد مدنيقَالَ كَذٰلِكَ ۚ قَالَ رَبُّكَ هُوَ عَلَيَّ هَيِّنٌ وَّقَدْ خَلَقْتُكَ مِنْ قَبْلُ وَلَمْ تَكُ شَـيْـــــًٔـا 9
چيائين ته ائين ئي ٿيندو، تنهنجي پاليندڙ فرمايو ته اهو ڪم مون تي آسان آهي ۽ مون توکي هن کان اڳ پيدا ڪيو ۽ تون ڪابه شيءِ نه هئين.
— مولانا محمد مدنيقَالَ رَبِّ اجْعَلْ لِّيْٓ اٰيَةً ۭ قَالَ اٰيَتُكَ اَلَّا تُكَلِّمَ النَّاسَ ثَلٰثَ لَيَالٍ سَوِيًّا ١0
زڪريا چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون لاءِ ڪا نشاني مقرر ڪر! چيائين ته تنهنجي نشاني هيءَ آهي ته تون تندرست هوندي به ٽي راتيون ماڻهن سان ڳالهائي نه سگهندين.
— مولانا محمد مدنيفَخَرَجَ عَلٰي قَوْمِهٖ مِنَ الْمِحْرَابِ فَاَوْحٰٓى اِلَيْهِمْ اَنْ سَبِّحُوْا بُكْرَةً وَّعَشِـيًّا 11
پوءِ پنهنجي قوم ڏي محراب مان نڪتو، پوءِ اشاري سان انهن کي چيائين ته صبح ۽ شام جو (الله جي) پاڪائي بيان ڪريو.
— مولانا محمد مدنييٰــيَحْـيٰى خُذِ الْكِتٰبَ بِقُوَّةٍ ۭ وَاٰتَيْنٰهُ الْحُكْمَ صَبِيًّا ۙ12
اي يحييٰ! ڪتاب کي سوگهو وٺ! ۽ اسان کيس ٻالپڻ ۾ سمجهه ڏني.
— مولانا محمد مدنيوَّحَنَانًا مِّنْ لَّدُنَّا وَزَكٰوةً ۭ وَكَانَ تَقِيًّا ۙ13
۽ پاڻ وٽان دل جي نرمي ۽ پاڪائي ڏني سون
— مولانا محمد مدنيوَّځ ابِوَالِدَيْهِ وَلَمْ يَكُنْ جَبَّارًا عَصِيًّا ١4
۽ (اهو) پرهيزگار هو. ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ سان نيڪي ڪرڻ وارو هو ۽ سرڪش نافرمان نه هو.
— مولانا محمد مدنيوَسَلٰمٌ عَلَيْهِ يَوْمَ وُلِدَ وَيَوْمَ يَمُوْتُ وَيَوْمَ يُـبْعَثُ حَيًّا ۧ15
۽ جنهن ڏينهن ڄائو ۽ جنهن ڏينهن مرندو ۽ جنهن ڏينهن جيئرو ڪري اٿاريو ويندس تنهن ڏينهن ۾ مٿس سَلام هجي.
— مولانا محمد مدنيوَاذْكُرْ فِى الْكِتٰبِ مَرْيَـمَ ۘاِذِ انْتَبَذَتْ مِنْ اَهْلِهَا مَكَانًا شَرْقِيًّا ۙ16
۽ ڪتاب ۾ مريم جي ڳالهه بيان ڪر، جڏهن اڀرندي واري جاءِ ۾ پنهنجي مائٽن کان جدا ٿي. پوءِ ماڻهن جي پاسي کان هڪ پردو لڳايائين.
— مولانا محمد مدنيفَاتَّخَذَتْ مِنْ دُوْنِهِمْ حِجَابًا ڨ فَاَرْسَلْنَآ اِلَيْهَا رُوْحَنَا فَتَمَثَّلَ لَهَا بَشَرًا سَوِيًّا 17
پوءِ اسان ان ڏي پنهنجو روح موڪليو. اهو ان جي اڳيان صحيح سالم ماڻهوءَ جي صورت ۾ آيو.
— مولانا محمد مدنيقَالَتْ اِنِّىْٓ اَعُوْذُ بِالرَّحْمٰنِ مِنْكَ اِنْ كُنْتَ تَقِيًّا 18
مريم چيو ته آءُ توکان وڏي مهربان (الله) جي پناهه وٺان ٿي جيڪڏهن تون پرهيزگار آهين (ته پري ٿيءُ).
— مولانا محمد مدنيقَالَ اِنَّـمَآ اَنَا رَسُوْلُ رَبِّكِ ڰ لِاَهَبَ لَكِ غُلٰمًا زَكِيًّا 19
ان چيو ته آءُ رڳو تنهنجي پاليندڙ جو موڪليل آهيان ته توکي هڪ پاڪ ڇوڪرو بخشيان.
— مولانا محمد مدنيقَالَتْ اَنّٰى يَكُوْنُ لِيْ غُلٰمٌ وَّلَمْ يَمْسَسْنِيْ بَشَرٌ وَّلَمْ اَكُ بَغِيًّا 20
مريم چيو ته مون کي ڇوڪرو ڪيئن ٿيندو ۽ مون کي ڪنهن ماڻهوءَ به هٿ نه لاتو آهي ۽ نه آءُ زناڪار آهيان.
— مولانا محمد مدني