018 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 110 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
اَلْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْٓ اَنْزَلَ عَلٰي عَبْدِهِ الْكِتٰبَ وَلَمْ يَجْعَلْ لَّهٗ عِوَجًا ڸ 1
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن پنهنجي ٻانهي تي ڪتاب نازل ڪيو. ۽ ان ۾ ڪجهه به ور وڪڙ نه رکيو اٿس.
— مولانا محمد مدنيقَـيِّمًا لِّيُنْذِرَ بَاْسًا شَدِيْدًا مِّنْ لَّدُنْهُ وَيُبَشِّرَ الْمُؤْمِنِيْنَ الَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ الصّٰلِحٰتِ اَنَّ لَهُمْ اَجْرًا حَسَـنًا 2ۙ
ان کي سڌو (فطرت جي موافق) لاٿو اٿس ته جيئن پاڻ وٽان (ايندڙ) سخت آفت کان ڊيڄاري ۽ جيڪي ايمان وارا چڱا ڪم ڪن ٿا تن کي هيءَ خوشخبري ٻڌائي ته انهن لاءِ چڱو اجر آهي،
— مولانا محمد مدنيمَّاكِثِيْنَ فِيْهِ اَبَدًا 3ۙ
جنهن ۾ اهي هميشه رهندا،
— مولانا محمد مدنيوَّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ قَالُوا اتَّخَذَ اللّٰهُ وَلَدًا 4ۤ
۽ انهن کي ڊيڄاري جن چيو ته الله (پاڻ لاءِ) اولاد ورتو آهي.
— مولانا محمد مدنيمَا لَهُمْ بِهٖ مِنْ عِلْمٍ وَّلَا لِاٰبَاۗىِٕهِمْ ۭ كَبُرَتْ كَلِمَةً تَخْرُجُ مِنْ اَفْوَاهِهِمْ ۭ اِنْ يَّقُوْلُوْنَ اِلَّا كَذِبًا 5
ڪي کين ۽ نڪي سندن ابن ڏاڏن کي ان جي ڪا خبر آهي. جيڪا ڳالهه سندن وات مان نڪري ٿي، سا وڏي آهي. اهي رڳو ڪوڙ چون ٿا.
— مولانا محمد مدنيفَلَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ عَلٰٓي اٰثَارِهِمْ اِنْ لَّمْ يُؤْمِنُوْا بِهٰذَا الْحَدِيْثِ اَسَفًا 6
پوءِ متان پنهنجي جان کي غم جي ڪري سندن پٺيان هلاڪ ڪرين جيڪڏهن اهي ان ڳالهه کي نه مڃين.
— مولانا محمد مدنياِنَّا جَعَلْنَا مَا عَلَي الْاَرْضِ زِيْنَةً لَّهَا لِنَبْلُوَهُمْ اَيُّهُمْ اَحْسَنُ عَمَلًا 7
جيڪي زمين تي آهي تنهن کي اسان ان جو سينگار ڪيو آهي ته جيئن اسين کين آزمايون ته ڪنهنجو عمل چڱو آهي.
— مولانا محمد مدنيوَاِنَّا لَجٰعِلُوْنَ مَا عَلَيْهَا صَعِيْدًا جُرُزًا 8ۭ
۽ جيڪي ان تي آهي تنهن کي اسين صاف ميدان ڪرڻ وارا آهيون.
— مولانا محمد مدنياَمْ حَسِبْتَ اَنَّ اَصْحٰبَ الْكَهْفِ وَالرَّقِيْمِ ۙ كَانُوْا مِنْ اٰيٰتِنَا عَجَبًا 9
ڀلا تو خيال ڪيو آهي ڇا ته غار ۽ رقيم وارا، اسان جي نشانين مان عجيب شئي هئا.
— مولانا محمد مدنياِذْ اَوَى الْفِتْيَةُ اِلَى الْكَهْفِ فَقَالُوْا رَبَّنَآ اٰتِنَا مِنْ لَّدُنْكَ رَحْـمَةً وَّهَيِّئْ لَنَا مِنْ اَمْرِنَا رَشَدًا 10
(اهو وقت ياد ڪر) جڏهن اهي جوان غار ۾ وڃي ويٺا، پوءِ چيائون ته اي اسان جا پاليندڙ! تون اسان تي پنهنجي طرفان مهرباني ڪر ۽ اسان جي ڪم ۾ اسان لاءِ سڌي رستي تي هلڻ جو بندوبست ڪر.
— مولانا محمد مدنيفَضَرَبْنَا عَلٰٓي اٰذَانِهِمْ فِي الْكَهْفِ سِنِيْنَ عَدَدًا ۙ11
پوءِ اسان ان غار ۾ انهن جي ڪنن تي ڪيترائي ورهه ننڊ جو پردو وڌو.
— مولانا محمد مدنيثُـمَّ بَعَثْنٰهُمْ لِنَعْلَمَ اَيُّ الْحِزْبَيْنِ اَحْصٰى لِمَا لَبِثُوْٓا اَمَدًا ۧ12
(ان کان) پوءِ اسان کين اٿاريو ته معلوم ڪريون ته جا مدت اهي رهيا سا ٻنهين جماعتن مان ڪنهن ياد رکي.
— مولانا محمد مدنينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ نَبَاَهُمْ بِالْـحَقِّ ۭ اِنَّهُمْ فِتْيَةٌ اٰمَنُوْا بِرَبِّهِمْ وَزِدْنٰهُمْ هُدًى ڰ 13
اسين توکي سندن سچي خبر ٻڌايون ٿا. بيشڪ اهي ڪيترا جوان هئا جن پنهنجي پاليندڙ تي ايمان آندو ۽ اسان کين زياده هدايت ڏني.
— مولانا محمد مدنيوَّرَبَطْنَا عَلٰي قُلُوْبِهِمْ اِذْ قَامُوْا فَقَالُوْا رَبُّنَا رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَنْ نَّدْعُوَا۟ مِنْ دُوْنِهٖٓ اِلٰـهًا لَّقَدْ قُلْنَآ اِذًا شَطَطًا 14
۽ اسان سندن دليون (صبر سان) مضبوط ڪيون. جنهن وقت اهي (همت ڪري) اٿيا پوءِ چيائون ته اسان جو پاليندڙ آسمانن ۽ زمين جو پاليندڙ آهي ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به معبود نه چونداسون نه ته (سمجهه ته) اسان تڏهن حد کان لنگهيل ڳالهه چئي.
— مولانا محمد مدنيهٰٓؤُلَاۗءِ قَوْمُنَا اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اٰلِهَةً ۭ لَوْلَا يَاْتُوْنَ عَلَيْهِمْ بِسُلْطٰنٍۢ بَيِّنٍ ۭ فَـمَنْ اَظْلَمُ مِـمَّنِ افْتَرٰى عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا ۭ15
هيءَ اسان جي قوم آهي هنن ان کان سواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا آهن، انهن بابت ڪو ظاهر دليل ڇو نه ٿا آڻين؟ پوءِ جنهن الله تي ڪوڙ ٺاهيو تنهن کان وڏو ظالم ڪير آهي؟
— مولانا محمد مدنيوَاِذِ اعْتَزَلْتُمُوْهُمْ وَمَا يَعْبُدُوْنَ اِلَّا اللّٰهَ فَاْوٗا ٓ اِلَى الْكَهْفِ يَنْشُرْ لَكُمْ رَبُّكُمْ مِّنْ رَّحْمَتِهٖ وَيُهَــيِّئْ لَكُمْ مِّنْ اَمْرِكُمْ مِّرْفَقًا 16
۽ جڏهن اوهان انهن کان ۽ الله کان سواءِ جن جي اهي عبادت ڪن ٿا تن کان پاسو ڪيو آهي ته (هاڻي) غار ۾ وڃي ويهو ته اوهان تي اوهان جو پاليندڙ پنهنجي رحمت پکيڙي ۽ اوهان جي ڪم ۾ اوهان لاءِ آرام جو سامان تيار ڪري.
— مولانا محمد مدنيوَتَرَى الشَّمْسَ اِذَا طَلَعَتْ تَّزٰوَرُ عَنْ كَهْفِهِمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَاِذَا غَرَبَتْ تَّقْرِضُهُمْ ذَاتَ الشِّمَالِ وَهُمْ فِيْ فَجْــوَةٍ مِّنْهُ ۭ ذٰلِكَ مِنْ اٰيٰتِ اللّٰهِ ۭ مَنْ يَّهْدِ اللّٰهُ فَهُوَ الْمُهْتَدِ ۚ وَمَنْ يُّضْلِلْ فَلَنْ تَـجِدَ لَهٗ وَلِيًّا مُّرْشِدًا ۧ17
۽ جڏهن سج اڀري ٿو ته تون ڏسندين ته انهن جي غار کان اُس سڄي پاسي لڙي وڃي ٿي ۽ جڏهن لهي ٿو ته انهن کان کٻي پاسي مڙي وڃي ٿي ۽ اهي غار جي ويڪرائي ۾ آهن. اهو الله جي نشانين مان آهي. جنهن کي الله رستو ڏيکاري سو ئي رستو لهندڙ آهي ۽ جنهن کي گمراهه ڪري تنهن لاءِ توکي ڪوبه رستو ڏيکاريندڙ دوست نه ملندو.
— مولانا محمد مدنيوَتَحْسَبُهُمْ اَيْقَاظًا وَّهُمْ رُقُوْدٌ ڰ وَّنُقَلِّبُهُمْ ذَاتَ الْيَمِيْنِ وَذَاتَ الشِّمَالِ ڰ وَكَلْبُهُمْ بَاسِطٌ ذِرَاعَيْهِ بِالْوَصِيْدِ ۭ لَوِ اطَّلَعْتَ عَلَيْهِمْ لَوَلَّيْتَ مِنْهُمْ فِرَارًا وَّلَمُلِئْتَ مِنْهُمْ رُعْبًا 18
۽ تون انهن کي جاڳيل خيال ڪندين هوڏانهن اهي ستل آهن، ۽ انهن کي ساڄي پاسي تي ۽ کاٻي پاسي تي پيا اُٿلايون. ۽ سندن ڪتو چائنٺ تي پنهنجيون اڳيون ٽنگيون پکيڙيو پيو آهي. جيڪڏهن اوچتو مٿن وڃي پوين ها ته انهن کان پٺ ڦيري ڀڄين ها ۽ انهن کان دهشت ۾ ڀرجي وڃين ها.
— مولانا محمد مدنيوَكَذٰلِكَ بَعَثْنٰهُمْ لِيَتَسَاۗءَلُوْا بَيْنَهُمْ ۭ قَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ كَمْ لَبِثْتُمْ ۭ قَالُوْا لَبِثْنَا يَوْمًا اَوْ بَعْضَ يَوْمٍ ۭ قَالُوْا رَبُّكُمْ اَعْلَمُ بِـمَا لَبِثْتُمْ ۭ فَابْعَثُوْٓا اَحَدَكُمْ بِوَرِقِكُمْ هٰذِهٖٓ اِلَى الْمَدِيْنَةِ فَلْيَنْظُرْ اَيُّهَآ اَزْكٰى طَعَامًا فَلْيَاْتِكُمْ بِرِزْقٍ مِّنْهُ وَلْيَتَلَطَّفْ وَلَا يُشْعِرَنَّ بِكُمْ اَحَدًا 19
اهڙي طرح اسان کين جاڳايو ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي کان پڇن. انهن مان هڪ چوندڙ چيو ته ڪيترو رهيا آهيو؟ چيائون ته (هڪ) ڏينهن يا ڏينهن کان گهٽ رهيا آهيون. چيائون ته جيترو رهيا آهيو، تنهن کي اوهان جو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي، پوءِ پاڻ مان هڪ کي هيءَ پنهنجي چاندي ڏيئي شهر ڏي موڪليو پوءِ هو ڏسي ته ڪهڙو کاڌو زياده سٺو آهي سو ان مان اوهان لاءِ ڪجهه کاڌو وٺي اچي ۽ ڊڄي ڊڄي اهو ڪم ڪري ۽ اوهان جي حال جي خبر ڪنهن کي به نه ڏي.
— مولانا محمد مدنياِنَّهُمْ اِنْ يَّظْهَرُوْا عَلَيْكُمْ يَرْجُمُوْكُمْ اَوْ يُعِيْدُوْكُمْ فِيْ مِلَّتِهِمْ وَلَنْ تُفْلِحُوْٓا اِذًا اَبَدًا 20
ڇو ته جيڪڏهن کين اوهان جي خبر پوندي ته اوهان کي پٿرن سان ماريندا يا اوهان کي پنهنجي دين ۾ موٽائيندا ۽ ان وقت اوهين ڪنهن به ڪامياب نه ٿيندو.
— مولانا محمد مدني