012 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 111 آيتون ۽ 12 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
الۗرٰ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 1ۣ
الر. اهي ظاهر ڪتاب جون آيتون آهن.
— مولانا محمد مدنياِنَّآ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِيًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ 2
بيشڪ اسان عربي (زبان) ۾ قرآن لاٿو آهي مَنَ اوهين سمجهو.
— مولانا محمد مدنينَـحْنُ نَقُصُّ عَلَيْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِـمَآ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ ھٰذَا الْقُرْاٰنَ ڰ وَاِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِيْنَ 3
(اي پيغمبر!) اسين توڏي هن قرآن جي موڪلڻ سان توکي تمام چڱو بيان ٻڌايون ٿا.۽ بيشڪ هن کان اڳ تون بي خبرن مان هئين.
— مولانا محمد مدنياِذْ قَالَ يُوْسُفُ لِاَبِيْهِ يٰٓاَبَتِ اِنِّىْ رَاَيْتُ اَحَدَ عَشَرَ كَوْكَبًا وَّالشَّمْسَ وَالْقَمَرَ رَاَيْتُهُمْ لِيْ سٰجِدِيْنَ 4
(اهو وقت ياد ڪر) جڏهن يوسف پنهنجي پيءَ کي چيو ته اي بابا! مون خواب ۾ يارهن تارن ۽ سج ۽ چنڊ کي ڏٺو آهي مون انهن کي پنهنجي سامهون سجدو ڪندي ڏٺو.
— مولانا محمد مدنيقَالَ يٰبُنَيَّ لَا تَقْصُصْ رُءْيَاكَ عَلٰٓي اِخْوَتِكَ فَيَكِيْدُوْا لَكَ كَيْدًا ۭ اِنَّ الشَّيْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِيْنٌ 5
(يعقوب) چيو ته اي منهنجا پٽڙا! پنهنجو خواب پنهنجن ڀائرن وٽ بيان نه ڪج نه ته توسان برائي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪندا. بيشڪ شيطان انسان جو پڌرو دشمن آهي.
— مولانا محمد مدنيوَكَذٰلِكَ يَجْتَبِيْكَ رَبُّكَ وَيُعَلِّمُكَ مِنْ تَاْوِيْلِ الْاَحَادِيْثِ وَيُـــتِمُّ نِعْمَتَهٗ عَلَيْكَ وَعَلٰٓي اٰلِ يَعْقُوْبَ كَـمَآ اَتَمَّــهَا عَلٰٓي اَبَوَيْكَ مِنْ قَبْلُ اِبْرٰهِيْمَ وَاِسْـحٰقَ ۭ اِنَّ رَبَّكَ عَلِيْمٌ حَكِيْمٌ 6ۧ
۽ اهڙيءَ طرح تنهنجو پاليندڙ توکي پسند ڪندو ۽ توکي ڳالهين جو مطلب بيان ڪرڻ سيکاريندو ۽ توتي ۽ يعقوب جي اولاد تي پنهنجي نعمت پوري ڪندو جيئن هن کان اڳ تنهنجن ابن ڏاڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي ان کي پورو ڪيائين. بيشڪ تنهنجو پاليندڙ (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
— مولانا محمد مدنيلَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِهٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 7
بيشڪ يوسف ۽ سندس ڀائرن (جي بيان) ۾ پڇڻ وارن لاءِ نشانيون آهن.
— مولانا محمد مدنياِذْ قَالُوْا لَيُوْسُفُ وَاَخُوْهُ اَحَبُّ اِلٰٓي اَبِيْنَا مِنَّا وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ ۭ اِنَّ اَبَانَا لَفِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنِ ښ 8
جڏهن انهن چيو ته يوسف ۽ سندس ڀاءُ اسان جي پيءُ وٽ اسان کان زياده پيارا آهن هوڏانهن اسين زبردست جماعت آهيون. بيشڪ اسان جو پيءُ پڌري گمراهيءَ ۾ آهي.
— مولانا محمد مدنيۨاقْــتُلُوْا يُوْسُفَ اَوِ اطْرَحُوْهُ اَرْضًا يَّخْلُ لَكُمْ وَجْهُ اَبِيْكُمْ وَتَكُوْنُوْا مِنْۢ بَعْدِهٖ قَوْمًا صٰلِحِيْنَ 9
يوسف کي قتل ڪريو يا کيس ڪنهن زمين ۾ اڇلايو ته اوهان جي پيءُ جو منهن رڳو اوهان ڏي ئي ٿئي ۽ اوهين ان کان پوءِ سڌريل ماڻهو ٿيو.
— مولانا محمد مدنيقَالَ قَاۗىِٕلٌ مِّنْهُمْ لَا تَـقْتُلُوْا يُوْسُفَ وَاَلْقُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ يَلْتَقِطْهُ بَعْضُ السَّـيَّارَةِ اِنْ كُنْتُمْ فٰعِلِيْنَ 10
انهن مان هڪ ڳالهائيندڙ چيو ته يوسف کي قتل نه ڪريو ۽ کيس کوهه جي تري ۾ اڇليو ته ان کي ڪي مسافر کڻي وڃن جيڪڏهن اوهين (ڪجهه) ڪرڻ وارا آهيو (ته ائين ڪريو).
— مولانا محمد مدنيقَالُوْا يٰٓاَبَانَا مَالَكَ لَا تَاْمَنَّا عَلٰي يُوْسُفَ وَاِنَّا لَهٗ لَنٰصِحُوْنَ 11
انهن چيو ته اي اسان جا پيءُ! توکي ڇا ٿيو آهي جو تون يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نه ٿو ڪرين ۽ اسين سندس خيرخواهه آهيون.
— مولانا محمد مدنياَرْسِلْهُ مَعَنَا غَدًا يَّرْتَعْ وَيَلْعَبْ وَاِنَّا لَهٗ لَحٰفِظُوْنَ 12
سڀاڻ کيس اسان سان گڏ موڪل ته خوب کائي ۽ کيڏي ۽ اسين ان جا نگهبان آهيون.
— مولانا محمد مدنيقَالَ اِنِّىْ لَيَحْزُنُنِيْٓ اَنْ تَذْهَبُوْا بِهٖ وَاَخَافُ اَنْ يَّاْكُلَهُ الذِّئْبُ وَاَنْتُمْ عَنْهُ غٰفِلُوْنَ 13
يعقوب چيو ته اوهان جو ان کي وٺي وڃڻ مون کي ڏکيو ٿو لڳي ۽ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان کيس بگهڙ کائي ۽ اوهين ان کان بي خبر هجو.
— مولانا محمد مدنيقَالُوْا لَىِٕنْ اَكَلَهُ الذِّئْبُ وَنَـحْنُ عُصْبَةٌ اِنَّآ اِذًا لَّخٰسِرُوْنَ 14
انهن چيو ته جيڪڏهن ان کي بگهڙ کاڌو هوڏانهن اسين (زبردست) جماعت آهيون ته اسين ان وقت نقصان وارا آهيون.
— مولانا محمد مدنيفَلَمَّا ذَهَبُوْا بِهٖ وَاَجْمَعُوْٓا اَنْ يَّجْعَلُوْهُ فِيْ غَيٰبَتِ الْجُبِّ ۚ وَاَوْحَيْنَآ اِلَيْهِ لَتُنَبِّئَنَّهُمْ بِاَمْرِهِمْ ھٰذَا وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 15
پوءِ جڏهن ان کي وٺي ويا ۽ ان کي کوهه جي تري ۾ (ڦٽو) ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائون ۽ اسان ان ڏي وحي ڪئي ته تون انهن کي سندن هن ڪم جي خبر ڏيندين ۽ اهي (توکي ان وقت) نه سڃاڻي سگهندا.
— مولانا محمد مدنيوَجَاۗءُوْٓا اَبَاهُمْ عِشَاۗءً يَّبْكُوْنَ ۭ16
۽ اهي پنهنجي پيءُ وٽ رات جو روئندا آيا.
— مولانا محمد مدنيقَالُوْا يٰٓاَبَانَآ اِنَّا ذَهَبْنَا نَسْتَبِقُ وَتَرَكْنَا يُوْسُفَ عِنْدَ مَتَاعِنَا فَاَكَلَهُ الذِّئْبُ ۚ وَمَآ اَنْتَ بِـمُؤْمِنٍ لَّنَا وَلَوْ كُنَّا صٰدِقِيْنَ 17
چيائون ته اي اسان جا پيءُ! اسين گڏجي ڊوڙ پورائڻ لڳاسون ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسون پوءِ ان کي بگهڙ کاڌو. ۽ تون اسان تي يقين ڪونه ڪندين توڙي اسين سچا هجون.
— مولانا محمد مدنيوَجَاۗءُوْ عَلٰي قَمِيْصِهٖ بِدَمٍ كَذِبٍ ۭ قَالَ بَلْ سَوَّلَتْ لَكُمْ اَنْفُسُكُمْ اَمْرًا ۭ فَصَبْرٌ جَمِيْلٌ ۭ وَاللّٰهُ الْمُسْتَعَانُ عَلٰي مَا تَصِفُوْنَ 18
۽ اهي ان جي قميص تي ڪوڙو رت لڳائي کڻي آيا. يعقوب چيو ته (ائين نه آهي) پر اوهان جي نفسن اوهان کي هڪ ڳالهه چڱي ڪري ڏيکاري آهي پوءِ صبر ڪرڻ ئي چڱو آهي. ۽ جيڪي اوهين بيان ٿا ڪريو تنهن تي الله کان مدد گهران ٿو.
— مولانا محمد مدنيوَجَاۗءَتْ سَيَّارَةٌ فَاَرْسَلُوْا وَارِدَهُمْ فَاَدْلٰى دَلْوَهٗ ۭ قَالَ يٰبُشْرٰي ھٰذَا غُلٰمٌ ۭ وَاَسَرُّوْهُ بِضَاعَةً ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌۢ بِـمَا يَعْمَلُوْنَ 19
۽ هڪ قافلو آيو پوءِ انهن پنهنجي پاڻي ڀرڻ واري کي موڪليو پوءِ ان پنهنجو ڏول وڌو، چيائين ڪهڙي خوشيءَ جي ڳالهه آهي هي ڇوڪرو آهي! ۽ ان کي واپار جو مال ٺهرائي لڪايائون. هوڏانهن جيڪي پئي ڪيائون تنهن کي الله ڄاڻندڙ آهي.
— مولانا محمد مدنيوَشَرَوْهُ بِثَمَنٍۢ بَخْسٍ دَرَاهِمَ مَعْدُوْدَةٍ ۚ وَكَانُوْا فِيْهِ مِنَ الزَّاهِدِيْنَ ۧ20
۽ ان کي انهن وڪيو گهٽ قيمت تي جي ڳڻيل پائليون هيون. ۽ اهي ان کان بيزار ٿي رهيا هئا.
— مولانا محمد مدني