113 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 5 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
113:1
قُلْ اَعُوْذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ 1ۙ
(اي پيغمبر) چئو ته صبح جي مالڪ جي پناهه وٺان ٿو
— مولانا محمد مدني
113:2
مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ 2ۙ
انهن جي بڇڙائي کان جن کي پيدا ڪيو اٿس
— مولانا محمد مدني
113:3
وَمِنْ شَرِّ غَاسِقٍ اِذَا وَقَبَ 3ۙ
۽ انڌيري رات جي بڇڙائي کان جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي
— مولانا محمد مدني
113:4
وَمِنْ شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِي الْعُقَدِ 4ۙ
۽ ڳنڍين ۾ ڦوڪيندڙن جي بڇڙائي کان
— مولانا محمد مدني
113:5
وَمِنْ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ 5ۧ
۽ حسد ڪندڙ جي بڇڙائي کان جڏهن حسد ڪري ٿو.
— مولانا محمد مدني