100 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 11 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
الھامُ الرحمان
مُترجم: مولانا محمد مدني
وَالْعٰدِيٰتِ ضَبْحًا 1ۙ
قسم آهي هنبارو هڻي ڊوڙندڙن (گهوڙن) جو
— مولانا محمد مدنيفَالْمُوْرِيٰتِ قَدْحًا 2ۙ
پوءِ چڻنگن ڪڍندڙن جو
— مولانا محمد مدنيفَالْمُغِيْرٰتِ صُبْحًا 3ۙ
پوءِ صبح جي وقت حملو ڪندڙن جو
— مولانا محمد مدنيفَاَثَرْنَ بِهٖ نَقْعًا 4ۙ
پوءِ ان وقت رئي اٿاريندڙن جو
— مولانا محمد مدنيفَوَسَطْنَ بِهٖ جَمْعًا 5ۙ
پوءِ ان گهڙيءَ (دشمنن جي) ٽولي جي وچ ۾ اچي پوندڙن جو
— مولانا محمد مدنياِنَّ الْاِنْسَانَ لِرَبِّهٖ لَكَنُوْدٌ 6ۚ
ته بيشڪ انسان پنهنجي پاليندڙ جو وڏو بي شڪر آهي
— مولانا محمد مدنيوَاِنَّهٗ عَلٰي ذٰلِكَ لَشَهِيْدٌ 7ۚ
۽ بيشڪ هو پاڻ انهيءَ (پنهنجي حالت) تي شاهد (به) آهي
— مولانا محمد مدنيوَاِنَّهٗ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيْدٌ 8ۭ
۽ بيشڪ هو مال جي محبت ۾ سخت آهي
— مولانا محمد مدنياَفَلَا يَعْلَمُ اِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُوْرِ 9ۙ
ڇا پوءِ ان وقت کي نٿو ڄاڻي جڏهن انهن کي اٿاربو جيڪي قبرن ۾ آهن
— مولانا محمد مدنيوَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُوْرِ ۙ10
۽ جيڪي سينن ۾ آهي سو ظاهر ڪبو
— مولانا محمد مدنياِنَّ رَبَّهُمْ بِهِمْ يَوْمَىِٕذٍ لَّخَبِيْرٌ ۧ11
بيشڪ سندن پاليندڙ سندن حال کان ان ڏينهن پورو واقف آهي
— مولانا محمد مدني