099 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَا 1ۙ
جڏهن زمين لرزائي ويندي جيئن ان جو لرزڻ مقرر ٿيل آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَا 2ۙ
۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَقَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَا 3ۚ
۽ انسان چوندو ته: ”ان کي ڇا ٿيو آهي“؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَا 4ۙ
ان ڏينهن اِها (مٿس رونما ٿيل) پنهنجون سڀ خبرون بيان ڪندي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)بِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَا 5ۭ
ان ڪري جو تنهنجي پالڻهار ان کي حڪم ڪيو هوندو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يَوْمَىِٕذٍ يَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا ڏ لِّيُرَوْا اَعْـمَالَهُمْ 6ۭ
ان ڏينهن ماڻهو (پنهنجي مالڪ جي طرف) مختلف حالتن ۾ موٽندا جيئن سندن عمل کين ڏيکاريا وڃن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَـمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَيْرًا يَّرَهٗ 7ۭ
پوءِ جنهن ذري برابر نيڪي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي اجر کي ڏسندو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَنْ يَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا يَّرَهٗ 8ۧ
۽ جنهن ذري برابر برائي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي بدلي کي ڏسندو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)