098 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 8 آيتون ۽ 1 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ مُنْفَكِّيْنَ حَتّٰى تَاْتِيَهُمُ الْبَيِّنَةُ 1ۙ
۽ مشرڪ ايستائين (ڪفر کان) جدا ٿيڻ وارا نه هئا جيستائين انهن وٽ چِٽو دليل نه اچي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)رَسُوْلٌ مِّنَ اللّٰهِ يَتْلُوْا صُحُفًا مُّطَهَّرَةً 2ۙ
(اُهو) الله جي طرفان رسول آهي جو پاڪ صحيفا پڙهي ٿو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فِيْهَا كُتُبٌ قَيِّمَةٌ 3ۭ
جنهن ۾ سڌا سنوان حڪم لکيل آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَا تَفَرَّقَ الَّذِيْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ مَا جَاۗءَتْهُمُ الْبَيِّنَةُ 4ۭ
۽ پهريان جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو هيو سي هڪ ٻئي کان نه جدا ٿيا مگر ان کان پوءِ جو جڏهن انهن وٽ چِٽو دليل پهچي ويو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَآ اُمِرُوْٓا اِلَّا لِيَعْبُدُوا اللّٰهَ مُخْلِصِيْنَ لَهُ الدِّيْنَ ڏ حُنَفَاۗءَ وَيُقِيْمُوا الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوا الزَّكٰوةَ وَذٰلِكَ دِيْنُ الْقَيِّمَةِ 5ۭ
حالانڪه انهن کي فقط اهو ئي حڪم ڏنو ويو هيو جو صرف الله جي عبادت ڪن پنهنجي دين کي ان لاءِ خالص ڪندي (باطل کان جدا ٿي) حق ڏانهن يڪسو ٿيندي ۽ نماز قائم رکن ۽ زڪواة ادا ڪن ۽ اهو ئي سڌو دين آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَهْلِ الْكِتٰبِ وَالْمُشْرِكِيْنَ فِيْ نَارِ جَهَنَّمَ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۭ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ شَرُّ الْبَرِيَّةِ 6ۭ
بيشڪ جيڪي ماڻهو اهلِ ڪتاب مان ڪافر ٿي ويا ۽ مشرڪ ماڻهو سي دوزخ جي باهه ۾ پوندا اُهي هميشه ان ۾ رهڻ وارا آهن. اُهي ئي سڄي مخلوق ۾ زور بڇڙا آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ۙ اُولٰۗىِٕكَ هُمْ خَيْرُ الْبَرِيَّةِ 7ۭ
بيشڪ اُهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون اُهي ئي سڄي مخلوق ۾ بهتر آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)جَزَاۗؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَرَضُوْا عَنْهُ ۭ ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِيَ رَبَّهٗ 8ۧ
انهن جو بدلو سندن پالڻهار وٽ سدا بهار باغ آهن جن جي هيٺان کان نهرون وهن ٿيون اُهي انهن ۾ هميشه رهندا. الله انهن کان راضي ٿي ويو ۽ اُهي ان کان راضي ٿي ويا. اهو (وعدو) ان لاءِ آهي جيڪو پنهنجي پالڻهار کان ڊنو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)