078 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 40 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
عَمَّ يَتَسَاۗءَلُوْنَ 1ۚ
اِهي ڇا جي باري ۾ پڇن ٿا؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)عَنِ النَّبَاِ الْعَظِيْمِ 2ۙ
تمام وڏي خبر جي باري ۾.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)الَّذِيْ هُمْ فِيْهِ مُخْـتَلِفُوْنَ 3ۭ
جنهن بابت اِهي اختلاف ڪن ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 4ۙ
خبردار! سِگهو اِهي ڄاڻي وٺندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ثُـمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُوْنَ 5
وري خبردار جلد اِهي ڄاڻي وٺندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًا 6ۙ
ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو آهي؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّالْـجِبَالَ اَوْتَادًا ۽ 7
۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون بنايو آهي؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّخَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًا 8ۙ
۽ اسان اوهان کي (مردن ۽ عورتن جي) جوڙن ۾ پيدا ڪيو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا 9ۙ
۽ اسان اوهان جي ننڊ کي راحت ڪيو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّجَعَلْنَا الَّيْلَ لِبَاسًا ۙ10
۽ اسان رات کي پردو بنايو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا ۠11
۽ اسان ڏينهن کي روزگار (جو وقت) بنايو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا ۙ12
۽ اسان توهان جي مٿان ست مضبوط (آسمان) بنايا آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّجَعَلْنَا سِرَاجًا وَّهَّاجًا ۽ 13
۽ اسان هڪ چمڪندڙ روشن چراغ (سج) بنايو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنْزَلْنَا مِنَ الْمُعْــصِرٰتِ مَاۗءً ثَجَّاجًا ۙ14
۽ اسان ڪڪرن مان گهڻو وهندڙ پاڻي نازل ڪيو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لِّنُخْرِجَ بِهٖ حَبًّا وَّنَبَاتًا ۙ15
هن لاءِ ته ان جي ذريعي اناج ۽ گاهه ڄمايون.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّجَنّٰتٍ اَلْفَافًا ۭ16
۽ گهاٽا باغ (ڄمايون).
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيْقَاتًا ۙ17
بيشڪ فيصلي جي ڏينهن جو وقت مقرر آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يَّوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ فَتَاْتُوْنَ اَفْوَاجًا ۙ18
جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي پوءِ توهان ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّفُتِحَتِ السَّمَاۗءُ فَكَانَتْ اَبْوَابًا ۙ19
۽ آسمان کوليو ويندو پوءِ (ان ۾) دروازا دروازا ٿي پوندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا ۭ20
۽ جبل هلايا ويندا پوءِ اُهي رُڃَ وانگر ٿي پوندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)