072 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 28 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
قُلْ اُوْحِيَ اِلَيَّ اَنَّهُ اسْتَـمَعَ نَفَرٌ مِّنَ الْجِنِّ فَقَالُوْٓا اِنَّا سَمِعْنَا قُرْاٰنًا عَجَبًا 1ۙ
(اي نبي!) چؤ ته: مون ڏي وحي ڪئي وئي آهي ته جنن جي هڪ جماعت (منهنجي تلاوت کي) ٻڌو پوءِ (پنهنجي قوم کي) چيائون: ”بيشڪ اسان هڪ عجيب قرآن ٻڌو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يَّهْدِيْٓ اِلَى الرُّشْدِ فَاٰمَنَّا بِهٖ ۭ وَلَنْ نُّشْرِكَ بِرَبِّنَآ اَحَدًا 2ۙ
جيڪو هدايت جي واٽ ڏيکاري ٿو سو اسان ان تي ايمان آندو آهي. ۽ اسان پنهنجي پالڻهار سان ڪنهن کي به شريڪ ڪونه ڪنداسين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّهٗ تَعٰلٰى جَدُّ رَبِّنَا مَا اتَّخَذَ صَاحِبَةً وَّلَا وَلَدًا 3ۙ
۽ هي ته: ”اسان جي پالڻهار جو شان بلند آهي نه ان ڪنهن کي (پنهنجي) زال بنايو آهي نه اولاد“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّهٗ كَانَ يَقُوْلُ سَفِيْهُنَا عَلَي اللّٰهِ شَطَطًا 4ۙ
۽ هي ته: ”اسان مان ڪو بيوقوف الله جي باري ۾ خلافِ حق ڳالهيون ڪندو هيو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ تَقُوْلَ الْاِنْسُ وَالْجِنُّ عَلَي اللّٰهِ كَذِبًا 5ۙ
۽ هي ته ”اسان سمجهيو هيو ته ناممڪن آهي جو ڪو انسان ۽ ڪو جِنُ الله جي باري ۾ ڪوڙي ڳالهه چوي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّهٗ كَانَ رِجَالٌ مِّنَ الْاِنْسِ يَعُوْذُوْنَ بِرِجَالٍ مِّنَ الْجِنِّ فَزَادُوْهُمْ رَهَقًا 6ۙ
۽ هي ته: ”انسانن مان ڪجهه ماڻهو جِنن مان ڪن فردن جي پناهه وٺندا هئا پوءِ انهن ماڻهن انهن جنن جي سرڪشي وڌائي ڇڏي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّهُمْ ظَنُّوْا كَـمَا ظَنَنْتُمْ اَنْ لَّنْ يَّبْعَثَ اللّٰهُ اَحَدًا 7ۙ
۽ (”اي جنو!) انهن (انسانن به) اهو خيال ڪيو هيو جيئن اوهان (جنن) خيال ڪيو آهي ته الله ڪنهن کي رسول بنائي نه موڪليندو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّا لَمَسْنَا السَّمَاۗءَ فَوَجَدْنٰهَا مُلِئَتْ حَرَسًا شَدِيْدًا وَّشُهُبًا 8ۙ
۽ هي ته : ”اسان آسمان کي ڇُهيو پوءِ اسان ان کي سخت پهريدارن ۽ سخت شعلن سان ڀريل لڌو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّا كُنَّا نَقْعُدُ مِنْهَا مَقَاعِدَ لِلسَّمْعِ ۭ فَـمَنْ يَّسْتَمِعِ الْاٰنَ يَجِدْ لَهٗ شِهَابًا رَّصَدًا 9ۙ
۽ هي ته : ”اڳي اسان (آسماني غيبي) خبرن ٻڌڻ لاءِ ڪن جاين تي وڃي ويهندا هئاسين مگر هاڻي جو به ڪَنُ لڳائي ٿو ته اهو هڪ شعلي کي پنهنجي تاڙ ۾ لهي ٿو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّا لَا نَدْرِيْٓ اَشَرٌّ اُرِيْدَ بِمَنْ فِي الْاَرْضِ اَمْ اَرَادَ بِهِمْ رَبُّهُمْ رَشَدًا ۙ10
۽ هي ته: ”اسان نه ٿا ڄاڻون ته (اسان کي روڪڻ سان) جيڪي ماڻهو زمين ۾ آهن تن سان ڪنهن برائي جو ارادو ڪيو ويو آهي يا سندن پالڻهار انهن سان ڀلائي جو ارادو ڪيو آهي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّا مِنَّا الصّٰلِحُوْنَ وَمِنَّا دُوْنَ ذٰلِكَ ۭ كُنَّا طَرَاۗىِٕقَ قِدَدًا ۙ11
۽ هي ته: ”اسان مان ڪي نيڪوڪار آهن ۽ اسان مان ڪي ٻي طرح جا آهن. ڇو ته اسان مختلف طريقن تي آهيون“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّا ظَنَنَّآ اَنْ لَّنْ نُّعْجِزَ اللّٰهَ فِي الْاَرْضِ وَلَنْ نُّعْجِزَهٗ هَرَبًا ۙ12
۽ هي ته: ”اسان هي يقين ڪيو آهي ته اسان زمين ۾ (رهي ڪري) ڪڏهن به الله کي عاجز ڪري نه ٿا سگهون ۽ نه ئي (زمين کان) ڀڄي ان کي عاجز ڪري سگهون ٿا“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّا لَمَّا سَمِعْنَا الْهُدٰٓى اٰمَنَّا بِهٖ ۭ فَـمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِرَبِّهٖ فَلَا يَخَافُ بَخْسًا وَّلَا رَهَقًا ۙ13
۽ هي ته: ”اسان جڏهن هدايت جي ڳالهه ٻڌي ته اسان ان تي ايمان آندو. پوءِ جيڪو پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيندو سو نه ڪنهن نقصان کان ۽ نه ڪنهن ظلم کان خوفزده ٿيندو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّا مِنَّا الْمُسْلِمُوْنَ وَمِنَّا الْقٰسِطُوْنَ ۭ فَـمَنْ اَسْلَمَ فَاُولٰۗىِٕكَ تَحَرَّوْا رَشَدًا 14
۽ هي ته : ”اسان مان ڪي فرمانبردار آهن ته اسان مان ڪي ظالم آهن. پوءِ جيڪو فرمانبردار ٿيو انهن سڌو رستو ڳولي ورتو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاَمَّا الْقٰسِطُوْنَ فَكَانُوْا لِجَهَنَّمَ حَطَبًا ۙ15
۽ جيڪي ظالم آهن سي جهنم جو ٻارڻ ٿيندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنْ لَّوِ اسْتَــقَامُوْا عَلَي الطَّرِيْقَةِ لَاَسْقَيْنٰهُمْ مَّاۗءً غَدَقًا ۙ16
۽ (اي نبي چؤ مون تي وحي ڪئي وئي آهي ته) جيڪڏهن ماڻهو رستي تي سڌا ٿي هلن ها ته اسان انهن کي گهڻي پاڻي سان سيراب ڪيون ها.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لِّنَفْتِنَهُمْ فِيْهِ ۭ وَمَنْ يُّعْرِضْ عَنْ ذِكْرِ رَبِّهٖ يَسْلُكْهُ عَذَابًا صَعَدًا ۙ17
هن لاءِ ته ان (نعمت) ۾ اسان انهن جو امتحان ڪيون. ۽ جيڪو به پنهنجي پالڻهار جي ذڪر کان مُنهن موڙيندو تنهن کي الله سخت عذاب ۾ مبتلا ڪندو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّ الْمَسٰجِدَ لِلّٰهِ فَلَا تَدْعُوْا مَعَ اللّٰهِ اَحَدًا ۙ18
۽ هي ته بيشڪ مسجدون الله جي (عبادت) لاءِ آهن پوءِ توهان الله سان گڏ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّاَنَّهٗ لَمَّا قَامَ عَبْدُ اللّٰهِ يَدْعُوْهُ كَادُوْا يَكُوْنُوْنَ عَلَيْهِ لِبَدًا ۉ 19
۽ جڏهن الله جو ٻانهو (محمد ڪريم ﷺ) ان جي عبادت ڪرڻ بيٺو پوءِ قريب هو جو اُهي (جن ۽ انسان) ان تي انبوهه ڪري مِڙي وڃن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قُلْ اِنَّـمَآ اَدْعُوْا رَبِّيْ وَلَآ اُشْرِكُ بِهٖٓ اَحَدًا 20
چؤ ته: ”آءٌ صرف پنهنجي پالڻهار جي عبادت ڪيان ٿو ۽ ان سان ڪنهن کي شريڪ نه ٿو ڪيان“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)