007 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 206 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
الۗمّۗصۗ 1ۚ
الف لام ميم صاد (هي حروفِ مقطعات آهن، هنن جو مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)كِتٰبٌ اُنْزِلَ اِلَيْكَ فَلَا يَكُنْ فِيْ صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنْذِرَ بِهٖ وَذِكْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2
(هي) ڪتاب آهي جيڪو تو ڏانهن لاٿو ويو آهي پوءِ (ڪفار جي انڪار سبب) تنهنجي سيني ۾ تنگي نه اچڻ گهرجي هن لاءِ (لاٿو ويو آهي) ته تون ان جي ذريعي ڊيڄارين ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِتَّبِعُوْا مَآ اُنْزِلَ اِلَيْكُمْ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوْا مِنْ دُوْنِهٖٓ اَوْلِيَاۗءَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَذَكَّرُوْنَ 3
(اي انسانو) تابعداري ڪيو ان (قرآن) جي جيڪو اوهان ڏانهن اوهان جي پالڻهار پاران نازل ڪيو ويو آهي ۽ ان (الله) کي ڇڏي ٻين دوستن جي پويان نه هلو. اوهان ٿوري نصيحت قبول ڪيو ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَكَمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا فَـجَاۗءَهَا بَاْسُنَا بَيَاتًا اَوْ هُمْ قَاۗىِٕلُوْنَ 4
۽ ڪيترا ئي ڳوٺ آهن جن کي اسان هلاڪ ڪيو پوءِ انهن کي اسان جو عذاب رات جو آيو يا اُهي منجهند جي ننڊ ۾ هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَـمَا كَانَ دَعْوٰىهُمْ اِذْ جَاۗءَهُمْ بَاْسُنَآ اِلَّآ اَنْ قَالُوْٓا اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 5
پوءِ جڏهن انهن تي اسان جو عذاب آيو ته انهن جي پُڪار ان کان سواءِ ٻي نه هئي جو چوڻ لڳا: ”بيشڪ اسان پاڻ ظلم ڪرڻ وارا هئاسين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الَّذِيْنَ اُرْسِلَ اِلَيْهِمْ وَلَنَسْــــَٔـلَنَّ الْمُرْسَلِيْنَ 6ۙ
پوءِ اسان ضرور انهن ماڻهن کان پڇاڻو ڪنداسين جن ڏانهن رسول موڪليا ويا ۽ اسان رسولن کان به (ماڻهن جي رد عمل بابت) ضرور پڇنداسين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِمْ بِعِلْمٍ وَّمَا كُنَّا غَاۗىِٕبِيْنَ 7
پوءِ اسان انهن کي علم سان (سڀ ڪجھه) ضرور ٻڌائينداسين ۽ اسان (انهن کان) پري نه هئاسين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَالْوَزْنُ يَوْمَىِٕذِ ۨالْـحَقُّ ۚ فَـمَنْ ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ 8
۽ ان ڏينهن (عملن جو) تورجڻ حق آهي، پوءِ جن جا (نيڪين جا) پُڙَ ڳرا ٿيا ته پوءِ اُهي ئي ڪامياب آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَنْ خَفَّتْ مَوَازِيْنُهٗ فَاُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ خَسِرُوْٓا اَنْفُسَهُمْ بِـمَا كَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَظْلِمُوْنَ 9
۽ جن جا (نيڪين جا)پُڙَ هلڪا ٿيا ته اُهي ئي آهن جن پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وڌو ان ڪري جو اُهي اسان جي آيتن سان ظلم ڪندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَقَدْ مَكَّنّٰكُمْ فِي الْاَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيْهَا مَعَايِشَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ ۧ10
۽ تحقيق اسان اوهان کي زمين ۾ (اختيارات سان) آباد ڪيو ۽ ان ۾ اسان اوهان لاءِ گذران جا اسباب بنايا. توهان ٿورڙو شڪر ادا ڪيو ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَقَدْ خَلَقْنٰكُمْ ثُـمَّ صَوَّرْنٰكُمْ ثُـمَّ قُلْنَا لِلْمَلٰۗىِٕكَةِ اسْـجُدُوْا لِاٰدَمَ ڰ فَسَجَدُوْٓا اِلَّآ اِبْلِيْسَ ۭ لَمْ يَكُنْ مِّنَ السّٰجِدِيْنَ 11
۽ تحقيق اسان اوهان کي پيدا ڪيو پوءِ اسان اوهان کي صورت ڏني پوءِ اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪيو پوءِ سڀني سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي. اُهو سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ مَا مَنَعَكَ اَلَّا تَسْجُدَ اِذْ اَمَرْتُكَ ۭ قَالَ اَنَا خَيْرٌ مِّنْهُ ۚ خَلَقْتَنِيْ مِنْ نَّارٍ وَّخَلَقْتَهٗ مِنْ طِيْنٍ 12
(الله) پڇيو: ”تو کي سجدي ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو؟ جڏهن مون تو کي حڪم ڪيو هو“. چيائين: ”آءٌ هن (آدم) کان ڀلو آهيان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ فَاهْبِطْ مِنْهَا فَـمَا يَكُوْنُ لَكَ اَنْ تَتَكَبَّرَ فِيْهَا فَاخْرُجْ اِنَّكَ مِنَ الصّٰغِرِيْنَ 13
فرمايائين: ”تون هتان هيٺ لهي وڃ تو کي نه پيو جُڳائي جو تون ان ۾ وڏائي ڪرين! پوءِ (منهنجي بارگاهه مان) ٻاهر نڪر بيشڪ تون خوار ٿيلن مان آهين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ اَنْظِرْنِيْٓ اِلٰي يَوْمِ يُبْعَثُوْنَ 14
چيائين: ”مون کي مُهلت ڏي ان ڏينهن تائين جڏهن (مُردا قبرن مان) اٿاريا ويندا“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ اِنَّكَ مِنَ الْمُنْظَرِيْنَ 15
فرمايائين: ”بيشڪ تون مهلت ڏنلن مان آهين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ فَبِـمَآ اَغْوَيْتَنِيْ لَاَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَاطَكَ الْمُسْتَقِيْمَ ۙ16
چيائين: ”ان ڪري جو تو مون کي گمراهه ڪيو آءٌ انهن (کي گمراهه ڪرڻ) لاءِ ضرور تنهنجي سڌي واٽ تي ويهندس.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ثُـمَّ لَاٰتِيَنَّهُمْ مِّنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ اَيْـمَانِهِمْ وَعَنْ شَـمَاۗىِٕلِهِمْ ۭ وَلَا تَـجِدُ اَكْثَرَهُمْ شٰكِرِيْنَ 17
پوءِ آءٌ ضرور انهن جي اڳيان ۽ انهن جي پٺيان ۽ انهن جي ساڄي ۽ انهن جي کاٻي کان ايندس ۽ تون انهن مان گھڻن ماڻهن کي شڪر گذار نه لهندين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ اخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُوْمًا مَّدْحُوْرًا ۭ لَمَنْ تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنْكُمْ اَجْمَعِيْنَ 18
فرمايائين: ”تون هتان کان ذليل ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ. جيڪو به انهن مان تنهنجي پيروي ڪندو ته آءٌ ضرور توهان سڀني سان دوزخ کي ڀريندس.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَيٰٓاٰدَمُ اسْكُنْ اَنْتَ وَزَوْجُكَ الْـجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِـئْتُـمَا وَلَا تَقْرَبَا هٰذِهِ الشَّجَرَةَ فَتَكُوْنَا مِنَ الظّٰلِمِيْنَ 19
۽ اي آدم ! تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو، پوءِ ٻئي ڄڻا جتان چاهيو کائو ۽ (رڳو) هن وڻ جي ويجهو نه وڃجو نه ته توهان ٻئي (پنهنجو پاڻ سان) نا انصافي ڪرڻ وارن مان ٿي پوندئو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَوَسْوَسَ لَهُمَا الشَّيْطٰنُ لِيُبْدِيَ لَهُمَا مَا وٗرِيَ عَنْهُمَا مِنْ سَوْاٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهٰىكُـمَا رَبُّكُـمَا عَنْ هٰذِهِ الشَّجَرَةِ اِلَّآ اَنْ تَكُوْنَا مَلَكَيْنِ اَوْ تَكُوْنَا مِنَ الْـخٰلِدِيْنَ 20
پوءِ شيطان انهن ٻنهين کي وسوسو وڌو، ته جيئن انهن جون شرمگاهون جيڪي هڪ ٻئي کان لِڪايون ويون هيون سي سندن سامهون ظاهر ڪري ۽ چيائين: ”اوهان جي پروردگار اوهان ٻنهين کي هن وڻ کائڻ کان رڳو هن لاءِ روڪيو آهي ته (ان جي کائڻ سان ڪٿي) اوهان ملائڪ نه ٿي وڃو يا هميشه رهڻ وارن مان نه ٿي وڃو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)