065 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 12 آيتون ۽ 2 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
يٰٓاَيُّهَا النَّبِيُّ اِذَا طَلَّقْتُمُ النِّسَاۗءَ فَطَلِّقُوْهُنَّ لِعِدَّتِهِنَّ وَاَحْصُواالْعِدَّةَ ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ رَبَّكُمْ ۚ لَا تُخْرِجُوْهُنَّ مِنْۢ بُيُوْتِهِنَّ وَلَا يَخْرُجْنَ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۭ وَتِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يَّتَعَدَّ حُدُوْدَ اللّٰهِ فَقَدْ ظَلَمَ نَفْسَهٗ ۭ لَا تَدْرِيْ لَعَلَّ اللّٰهَ يُحْدِثُ بَعْدَ ذٰلِكَ اَمْرًا 1
اي نبي! (پنهنجي امت کي فرماءِ ته) ”جيڪڏهن توهان (پنهنجي) زالن کي طلاق ڏيڻ چاهيو ته انهن کي سندن عدت (يعني پاڪائي وارن ڏينهن بنا صحبت جي) ۾ طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو، ۽ الله کان ڊڄو جيڪو توهان جو پالڻهار آهي، ۽ (عدت دوران) انهن کي سندن گهرن کان ٻاهر نه ڪڍو ۽ نه اُهي خود ٻاهر نڪرن سواءِ هن جي جو اُهي کُلي بي حيائي ڪري ويهن. ۽ هي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن. ۽ جيڪو ماڻهو الله جون حدون اورانگهيندو ته بيشڪ ان پنهنجي جان سان ظلم ڪيو. (اي مخاطب!) تون نه ٿو ڄاڻين ته شايد الله ان جي (طلاق ڏيڻ) بعد (موافقت جي) ڪا نئين صورت پيدا ڪري.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَاِذَا بَلَغْنَ اَجَلَهُنَّ فَاَمْسِكُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ اَوْ فَارِقُوْهُنَّ بِمَعْرُوْفٍ وَّاَشْهِدُوْا ذَوَيْ عَدْلٍ مِّنْكُمْ وَاَقِيْمُوا الشَّهَادَةَ لِلّٰهِ ۭ ذٰلِكُمْ يُوْعَظُ بِهٖ مَنْ كَانَ يُؤْمِنُ بِاللّٰهِ وَالْيَوْمِ الْاٰخِرِ ڛ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مَخْرَجًا 2ۙ
پوءِ جڏهن اُهي عورتون پنهنجي عدت (جي مُدت) جي خاتمي تي پهچن ته پوءِ انهن کي ڀلي طريقي سان (پنهنجي نڪاح ۾) روڪي رکو يا انهن کي ڀلي طريقي سان جدا ڪري ڇڏيو، ۽ پنهنجن مان ٻه عادل مردن کي شاهد بنايو ۽ (اي شاهد بنجڻ وارئو)شاهدي الله جي لاءِ ٺيڪ ٺيڪ ادا ڪيو. هي ڳالهيون آهن جن سان اوهان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي هر ان ماڻهو کي جيڪو الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکي ٿو. ۽ جيڪو الله کان ڊڄي ٿو ته الله ان لاءِ (مشڪلاتن مان) نڪرڻ جو رستو پيدا فرمائي ٿو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَّيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ ۭ وَمَنْ يَّتَوَكَّلْ عَلَي اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗ ۭ اِنَّ اللّٰهَ بَالِغُ اَمْرِهٖ ۭ قَدْ جَعَلَ اللّٰهُ لِكُلِّ شَيْءٍ قَدْرًا 3
۽ ان کي اهڙي جاءِ تان روزي ڏئي ٿو جتي ان جو گمان به نه ويندو هجي. ۽ جو ماڻهو الله تي ڀروسو رکي ٿو ته پوءِ الله ان جي لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي پورو ڪرڻ وارو آهي. بيشڪ الله هر شيءِ لاءِ اندازو مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاڿ يَىِٕسْنَ مِنَ الْمَحِيْضِ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ اِنِ ارْتَبْتُمْ فَعِدَّتُهُنَّ ثَلٰثَةُ اَشْهُرٍ ۙ وَّاڿ لَمْ يَحِضْنَ ۭ وَاُولَاتُ الْاَحْمَالِ اَجَلُهُنَّ اَنْ يَّضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يَجْعَلْ لَّهٗ مِنْ اَمْرِهٖ يُسْرًا 4
۽ اوهان جي عورتن مان جيڪي عورتون حيض کان مايوس ٿي چڪيون آهن (انهن جي عدت بابت) اگر توهان کي شڪ هجي ته انهن جي عدت ٽي مهينا آهي. ۽ اُهي عورتون جن کي حيض نه آيو هجي (تن جي عدت به ٽي مهينا آهي) ۽ حمل وارين زالن جي عدت پنهنجي ٻار ڄڻڻ تائين آهي. ۽ جو ماڻهو الله کان ڊڄي ٿو ته اُهو ان جي ڪم ۾ آساني پيدا ڪري ٿو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ذٰلِكَ اَمْرُ اللّٰهِ اَنْزَلَهٗ ٓ اِلَيْكُمْ ۭ وَمَنْ يَّتَّقِ اللّٰهَ يُكَفِّرْ عَنْهُ سَـيِّاٰتِهٖ وَيُعْظِمْ لَهٗ ٓ اَجْرًا 5
اهو الله جو امر آهي جيڪو ان توهان جي طرف نازل ڪيو آهي. ۽ جيڪو ماڻهو الله کان ڊڄي ٿو ته اُهو ان جي گناهن کي ميٽي ڇڏي ٿو ۽ ثواب کي ان لاءِ وڌائي وڏو ڪري ڇڏي ٿو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَسْكِنُوْهُنَّ مِنْ حَيْثُ سَكَنْتُمْ مِّنْ وُّجْدِكُمْ وَلَا تُضَاۗرُّوْهُنَّ لِتُضَيِّقُوْا عَلَيْهِنَّ ۭ وَاِنْ كُنَّ اُولَاتِ حَمْلٍ فَاَنْفِقُوْا عَلَيْهِنَّ حَتّٰى يَضَعْنَ حَمْلَهُنَّ ۚ فَاِنْ اَرْضَعْنَ لَكُمْ فَاٰتُوْهُنَّ اُجُوْرَهُنَّ ۚ وَاْتَمِرُوْا بَيْنَكُمْ بِمَعْرُوْفٍ ۚ وَاِنْ تَعَاسَرْتُمْ فَسَتُرْضِــعُ لَهٗ ٓ اُخْرٰى 6ۭ
اوهان انهن (طلاق يافته زالن) کي اتي رهايو جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهو ٿا ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ لاءِ تڪليف نه پهچايو. ۽ اگر اهي حمل سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو ايستائين جو پنهنجو ٻار ڄڻن، پوءِ جيڪڏهن اُهي توهان جي خاطر (ٻار کي) کير پيارن ته کين سندن معاوضو ڏيو، ۽ (معاوضي طئي ڪرڻ وقت) پاڻ ۾ مناسب طور تي مشورو ڪيو اگر توهان پاڻ ۾ اهنجائي محسوس ڪيو ته ان (ٻار کي) هاڻي ڪا ٻي عورت کير پياريندي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لِيُنْفِقْ ذُوْ سَعَةٍ مِّنْ سَعَتِهٖ ۭ وَمَنْ قُدِرَ عَلَيْهِ رِزْقُهٗ فَلْيُنْفِقْ مِمَّآ اٰتٰىهُ اللّٰهُ ۭ لَا يُكَلِّفُ اللّٰهُ نَفْسًا اِلَّا مَآ اٰتٰىهَا ۭ سَيَجْعَلُ اللّٰهُ بَعْدَ عُسْرٍ يُّسْرًا 7ۧ
ڪشادگي وارو پنهنجي ڪشادگي آهر خرچ ڪري. ۽ جنهن تي ان جي رزق ۾ تنگي ڪئي وئي هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري جو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن ماڻهو کي تڪليف نه ٿو ڏئي مگر ان مطابق جيڪي ان کي ڏنائين. جلد ئي الله تنگيءَ کان پوءِ آساني پيدا ڪندو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَكَاَيِّنْ مِّنْ قَرْيَةٍ عَتَتْ عَنْ اَمْرِ رَبِّهَا وَرُسُلِهٖ فَحَاسَبْنٰهَا حِسَابًا شَدِيْدًا ۙ وَّعَذَّبْنٰهَا عَذَابًا نُّكْرًا 8
۽ گهڻن ڳوٺن (وارن) پنهنجي پالڻهار ۽ سندس رسولن جي حڪم جي نافرماني ڪئي ته اسان به انهن سان سخت حساب ڪيو، ۽ انهن کي عذاب ڪيو اڻ ڏٺو (سخت) عذاب.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَذَاقَتْ وَبَالَ اَمْرِهَا وَكَانَ عَاقِبَةُ اَمْرِهَا خُسْرًا 9
پوءِ انهن پنهنجي ڪرتوتن جو مزو چکيو ۽ انهن جي ڪم جو انجام نقصان ئي هيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَعَدَّ اللّٰهُ لَهُمْ عَذَابًا شَدِيْدًا ۙ فَاتَّقُوا اللّٰهَ يٰٓاُولِي الْاَلْبَابِ ڂ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا ٽ قَدْ اَنْزَلَ اللّٰهُ اِلَيْكُمْ ذِكْرًا ۙ10
الله انهن جي لاءِ (آخرت ۾ به) سخت عذاب تيار ڪري رکيو آهي، پوءِ الله کان ڊڄندا رهو اي عقل وارؤ جن ايمان آندو آهي! بيشڪ الله اوهان ڏانهن هڪ نصيحت نازل ڪئي آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)رَّسُوْلًا يَّتْلُوْا عَلَيْكُمْ اٰيٰتِ اللّٰهِ مُبَيِّنٰتٍ لِّيُخْرِجَ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ ۭ وَمَنْ يُّؤْمِنْۢ بِاللّٰهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُّدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْهَآ اَبَدًا ۭ قَدْ اَحْسَنَ اللّٰهُ لَهٗ رِزْقًا 11
(يعني اهو) رسول (موڪليو آهي) جو اوهان کي الله جون پڌريون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو هن لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيائون تن کي اونداهين مان ڪڍي روشنيءَ ڏانهن آڻي. ۽ جيڪو ماڻهو الله تي ايمان آڻي ٿو ۽ صالح عمل ڪري ٿو ان کي اهڙين جنتن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن، اُهي ان ۾ هميشه هميشه رهڻ وارا آهن. بيشڪ الله انهن جي لاءِ سهڻو رزق (تيار ڪري) رکيو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ سَبْعَ سَمٰوٰتٍ وَّمِنَ الْاَرْضِ مِثْلَهُنَّ ۭ يَـتَنَزَّلُ الْاَمْرُ بَيْنَهُنَّ لِتَعْلَمُوْٓا اَنَّ اللّٰهَ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ ڏ وَّاَنَّ اللّٰهَ قَدْ اَحَاطَ بِكُلِّ شَيْءٍ عِلْمًا ۧ12
الله ئي آهي جنهن ست آسمان بنايا آهن ۽ انهيءَ جي برابر زمينون به بنايون. انهن جي وچ ۾ حڪم نازل ٿيندو رهندو آهي هن لاءِ ته توهان ڄاڻو ته بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھه رکڻ وارو آهي ۽ هي ته الله هر شيءِ جو پنهنجي علم سان گهيرو ڪري رکيو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)