046 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 35 آيتون ۽ 4 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
حٰــمۗ 1ۚ
حاميم (هي حروف مقطعات آهن هنن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)تَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِيْزِ الْحَكِيْمِ 2
(هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جو غالب حڪمت وارو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)مَا خَلَقْنَا السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ اِلَّا بِالْـحَـقِّ وَاَجَلٍ مُّسَمًّى ۭ وَالَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَمَّآ اُنْذِرُوْا مُعْرِضُوْنَ 3
۽ اسان آسمانن کي ۽ زمين کي ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀني)کي نه پيدا ڪيو آهي مگر حق سان ۽ هڪ مقرر مدت لاءِ. ۽ جن ماڻهن ڪفر ڪيو انهن کي جنهن شيءِ کان ڊيڄاريو وڃي ٿو ان کان منهن موڙيندڙ آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قُلْ اَرَءَيْتُمْ مَّا تَدْعُوْنَ مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ اَرُوْنِيْ مَاذَا خَلَقُوْا مِنَ الْاَرْضِ اَمْ لَــهُمْ شِرْكٌ فِي السَّمٰوٰتِ ۭ اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَةٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ 4
چؤ: ”ڀلا ڪڏهن اوهان (اکيون کولي) ڏٺو به آهي ته توهان الله کي ڇڏي جن (بتن) کي پوڄيو ٿا مون کي ڏيکاريو ته سهي انهن ڪهڙي شيءِ زمين ۾ پيدا ڪئي آهي؟ يا آسمانن ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي؟ هن (قرآن) کان اڳ جو ڪو ڪتاب يا ڪا علمي روايت (ئي) پيش ڪيو جيڪڏهن توهان سچا آهيو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَنْ اَضَلُّ مِـمَّنْ يَّدْعُوْا مِنْ دُوْنِ اللّٰهِ مَنْ لَّا يَسْتَجِيْبُ لَهٗ ٓ اِلٰى يَوْمِ الْقِيٰمَةِ وَهُمْ عَنْ دُعَاۗىِٕهِمْ غٰفِلُوْنَ 5
۽ ان کان وڌيڪ گمراهه ٻيو ڪير آهي؟ جيڪو الله کي ڇڏي اهڙن (بتن) کي سڏي ٿو جيڪي قيامت جي ڏينهن تائين ان کي جواب نه ڏئي سگھن ۽ اُهي سندن سڏڻ کان ئي بي خبر آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِذَا حُشِرَ النَّاسُ كَانُوْا لَهُمْ اَعْدَاۗءً وَّكَانُوْا بِعِبَادَتِهِمْ كٰفِرِيْنَ 6
۽ جڏهن (بروزِ حشر) ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو تڏهن اُهي (ڪوڙا معبود) سندن دشمن ٿي پوندا ۽ انهن جي عبادت ڪرڻ جو انڪار ڪندڙ هوندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِذَا تُتْلٰى عَلَيْهِمْ اٰيٰتُنَا بَيِّنٰتٍ قَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلْحَقِّ لَمَّا جَاۗءَهُمْ ۙ ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ 7ۭ
۽ جڏهن انهن تي اسان جون پڌريون آيتون پڙهيون وڃن ٿيون ته ڪافر حق جي ڳالهه کي جڏهن انهن وٽ پهچي ٿي ته چون ٿا هي کُلو جادو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۭ قُلْ اِنِ افْتَرَيْتُهٗ فَلَا تَمْلِكُوْنَ لِيْ مِنَ اللّٰهِ شَيْـــــًٔا ۭ هُوَ اَعْلَمُ بِـمَا تُفِيْضُوْنَ فِيْهِ ۭ كَفٰى بِهٖ شَهِيْدًۢا بَيْنِيْ وَبَيْنَكُمْ ۭ وَهُوَ الْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ 8
ڇا اُهي چون ٿا ته هن (قرآن) کي پاڻ ٺاهيو اٿس. چؤ: ”جيڪڏهن مون ان کي پاڻ ٺاهيو آهي ته توهان الله جي مقابلي ۾ مون لاءِ ڪجهه به ڪري نه ٿا سگهو. ۽ اُهو ان کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو جن ڳالهين ۾ توهان مشغول آهيو. منهنجي ۽ توهان جي وچ ۾ اهو ئي شاهدي ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. ۽ اُهو بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قُلْ مَا كُنْتُ بِدْعًا مِّنَ الرُّسُلِ وَمَآ اَدْرِيْ مَا يُفْعَلُ بِيْ وَلَا بِكُمْ ۭ اِنْ اَتَّبِــعُ اِلَّا مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ وَمَآ اَنَا اِلَّا نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ 9
چؤ ته: ”آءٌ رسولن مان ڪو نئون رسول نه آهيان ۽ آءٌ (از خود) نه ٿو ڄاڻان ته مون سان ڇا ڪيو ويندو ۽ توهان سان ڇا ڪيو ويندو؟ آءٌ نه ٿو پيروي ڪيان سواءِ ان جي جيڪو مون ڏانهن وحي ڪيو وڃي ٿو ۽ آءٌ ته صرف پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قُلْ اَرَءَيْتُمْ اِنْ كَانَ مِنْ عِنْدِ اللّٰهِ وَكَفَرْتُمْ بِهٖ وَشَهِدَ شَاهِدٌ مِّنْۢ بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ عَلٰي مِثْلِهٖ فَاٰمَنَ وَاسْـتَكْبَرْتُمْ ۭ اِنَّ اللّٰهَ لَا يَهْدِي الْــقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۧ10
چؤ: ”ڀلا ٻڌايو ته سهي جيڪڏهن هي (قرآن) الله جي طرفان هجي ۽ توهان ان سان ڪفر ڪيو هجي، (ته اوهان جو انجام ڇا ٿيندو؟) ۽ بني اسرائيل مان هڪ شاهدُ اهڙي (ڪتاب) جي شاهدي به ڏئي چڪو هجي، پوءِ ان ايمان آندو ۽ توهان وڏائي ڪئي. بيشڪ الله ظالم قوم کي هدايت نه ٿو ڏئي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَقَالَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِلَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَوْ كَانَ خَيْرًا مَّا سَبَقُوْنَآ اِلَيْهِ ۭ وَاِذْ لَمْ يَهْتَدُوْا بِهٖ فَسَيَقُوْلُوْنَ ھٰذَآ اِفْكٌ قَدِيْمٌ 11
۽ ڪافرن مؤمنن بابت چيو ته اگر اهو (دين) ڀلو هجي ها ته اُهي ان ڏانهن اسان کان اڳي نه پهچن ها (بلڪه اسان ئي اڳ ۾ قبول ڪيون ها). ۽ جڏهن انهن (ڪافرن) ان سان هدايت نه پِرائي ته هاڻي چوندا ته هي پراڻو بهتان آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمِنْ قَبْلِهٖ كِتٰبُ مُوْسٰٓى اِمَامًا وَّرَحْـمَةً ۭ وَھٰذَا كِتٰبٌ مُّصَدِّقٌ لِّسَانًا عَرَبِيًّا لِّيُنْذِرَ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ وَبُشْرٰى لِلْمُحْسِـنِيْنَ ۚ12
حالانڪه ان (قرآن) کان اڳ موسى جو ڪتاب (تورات) اڳواڻ ۽ رحمت بنجي اچي چڪو آهي. ۽ هي ڪتاب (ان جي) تصديق ڪندڙ آهي عربي زبان ۾ آهي، هن لاءِ ته ظالمن کي ڊيڄاري ۽ نيڪوڪارن لاءِ خوشخبري آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللّٰهُ ثُـمَّ اسْـتَـقَامُوْا فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُوْنَ ۚ13
بيشڪ جن ماڻهن چيو ته اسان جو پالڻهار الله آهي پوءِ ان تي ڄمي بيٺا ته پوءِ انهن تي نه ڪو خوف آهي ۽ نه اُهي غمگين ٿيندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اُولٰۗىِٕكَ اَصْـحٰبُ الْـجَنَّةِ خٰلِدِيْنَ فِيْهَا ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 14
اهي جنتي آهن ان ۾ هميشه رهڻ وارا آهن، هي انهن عملن جو بدلو آهي جيڪي اُهي ڪندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَوَصَّيْنَا الْاِنْسَانَ بِوَالِدَيْهِ اِحْسٰـنًا ۭ حَمَلَتْهُ اُمُّهٗ كُرْهًا وَّوَضَعَتْهُ كُرْهًا ۭ وَحَمْلُهٗ وَفِصٰلُهٗ ثَلٰثُوْنَ شَهْرًا ۭ حَتّىٰٓ اِذَا بَلَغَ اَشُدَّهٗ وَبَلَـغَ اَرْبَعِيْنَ سَـنَةً ۙ قَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَصْلِحْ لِيْ فِيْ ذُرِّيَّتِيْ ڝ اِنِّىْ تُبْتُ اِلَيْكَ وَاِنِّىْ مِنَ الْمُسْلِمِيْنَ 15
۽ اسان انسان کي سندس ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو. سندس ماءُ ان کي تڪليف سان پيٽ ۾ کنيو آهي ۽ تڪليف سان ان کي ڄڻيو آهي. ۽ ان جو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ ان جي ٿڃ ڇڏائڻ (جو عرصو) ٽيهه مهينا آهي. ايستائين جو جڏهن اُهو پنهنجي جواني کي پهچي ٿو ۽ چاليهه سالن کي پهچي ٿو ته چوي ٿو: ”اي منهنجا پالڻهار مون کي توفيق ڏي ته آءٌ تنهنجي ان احسان جو شڪر ادا ڪيان جيڪو تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪيو آهي، ۽ هي ته آءٌ اهڙا صالح عمل ڪيان جن کان تون راضي ٿين ۽ مون لاءِ منهنجي اولاد ۾ نيڪائي رک. بيشڪ آءٌ تو ڏانهن موٽان ٿو ۽ بيشڪ آءٌ فرمانبردارن مان آهيان“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ نَتَقَبَّلُ عَنْهُمْ اَحْسَنَ مَا عَـمِلُوْا وَنَتَجَاوَزُ عَنْ سَـيِّاٰتِهِمْ فِيْٓ اَصْحٰبِ الْـجَــنَّةِ ۭ وَعْدَ الصِّدْقِ الَّذِيْ كَانُوْا يُوْعَدُوْنَ 16
اهي اهڙا (خوشنصيب) ماڻهو آهن جن جا نيڪ عمل اسان قبول ڪيون ٿا ۽ سندن ڪوتاهين کان درگذر ڪيون ٿا اُهي اهلِ بهشت ۾ (شامل ٿيندا). هي سچو وعدو آهي جيڪو ساڻن ڪيو پيو وڃي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَالَّذِيْ قَالَ لِوَالِدَيْهِ اُفٍّ لَّكُمَآ اَتَعِدٰنِنِيْٓ اَنْ اُخْرَجَ وَقَدْ خَلَتِ الْقُرُوْنُ مِنْ قَبْلِيْ ۚ وَهُمَا يَسْتَغِيْثٰنِ اللّٰهَ وَيْلَكَ اٰمِنْ ڰ اِنَّ وَعْدَ اللّٰهِ حَقٌّ ښ فَيَقُوْلُ مَا ھٰذَآ اِلَّآ اَسَاطِيْرُ الْاَوَّلِيْنَ 17
۽ جنهن ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ کي چيو: ”اف اوهان مون کي تنگ ڪري ڇڏيو، ڇا اوهان مون کي خوف ڏياريو ٿا ته مون کي (قبر مان زنده ڪري) ڪڍيو ويندو حالانڪه مون کان اڳ گهڻيون امتون گذري چڪيون آهن (انهن مان ته ڪير اٿي نه آيو آهي)“ ۽ اُهي ٻئي (ماءُ ۽ پيءُ) الله کي فرياد ڪري ( پُٽ کي چئي رهيا آهن) ”تون برباد ٿي وئين ايمان آڻ! بيشڪ الله جو وعدو سچو آهي“، مگر اُهو چوي ٿو ته: ”اهي رڳو اڳين ماڻهن جا (ڪوڙا) افسانا آهن“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ حَقَّ عَلَيْهِمُ الْقَوْلُ فِيْٓ اُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا خٰسِرِيْنَ 18
اِهي (اهڙا بدبخت) ماڻهو آهن جن تي (سزا جو) فرمان ثابت ٿي چُڪو آهي، اهي اهڙن گروهن ۾ شامل هوندا جيڪي انهن کان اڳ جِنن ۽ انسانن مان گذري چڪا آهن. بيشڪ اهي نقصان وارا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلِكُلٍّ دَرَجٰتٌ مِّـمَّا عَـمِلُوْا ۚ وَلِيُوَفِّيَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُوْنَ 19
۽ هر هڪ لاءِ انهن جي عملن آهر درجا آهن، ۽ هن لاءِ ته (الله) انهن کي سندن عملن جو پورو پورو بدلو ڏئي ۽ انهن تي ڪو ظلم ڪونه ڪيو ويندو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَيَوْمَ يُعْرَضُ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا عَلَي النَّارِ ۭ اَذْهَبْتُمْ طَيِّبٰتِكُمْ فِيْ حَيَاتِكُمُ الدُّنْيَا وَاسْتَمْتَعْتُمْ بِهَا ۚ فَالْيَوْمَ تُجْـزَوْنَ عَذَابَ الْهُوْنِ بِـمَا كُنْتُمْ تَسْـتَكْبِرُوْنَ فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَبِـمَا كُنْتُمْ تَفْسُقُوْنَ ۧ20
۽ جنهن ڏينهن ڪافر باهه اڳيان پيش ڪيا ويندا. (چيو ويندو) ”توهان پنهنجي حصي جون نعمتون پنهنجي دنياوي حياتي ۾ ختم ڪري چڪا آهيو ۽ انهن جا مزا ماڻي چُڪا آهيو، پوءِ اڄ ڏينهن توهان کي ذلت جي عذاب جي سزا ڏني ويندي ان ڪري جو توهان زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا ۽ هن ڪري (به) جو توهان نافرماني ڪندا هئا“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)