041 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 54 آيتون ۽ 6 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
حٰـمۗ 1ۚ
حاميم (هي حروف مقطعات آهن هنن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)تَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْـمِ 2ۚ
(هي) وڏي مهربان ٻاجهاري (الله) جي طرفان نازل ڪيل آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)كِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ 3ۙ
هڪ ڪتاب آهي جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيون ويون آهن (هي) قرآن آهي جو عربي ٻولي ۾ آهي ان قوم لاءِ جي ڄاڻ رکن ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)بَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ 4
خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي، پوءِ انهن مان گهڻن ماڻهن منهن موڙيو سو اُهي (ان کي) ٻڌن ئي نه ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَقَالُوْا قُلُوْبُنَا فِيْٓ اَكِنَّةٍ مِّـمَّا تَدْعُوْنَآ اِلَيْهِ وَفِيْٓ اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّمِنْۢ بَيْنِنَا وَبَيْنِكَ حِـجَابٌ فَاعْـمَلْ اِنَّنَا عٰـمِلُوْنَ 5
۽ چون ٿا ته: ”اسان جون دليون پردي ۾ آهن ان ڳالهه کان جنهن ڏانهن تون اسان کي سڏين ٿو ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي وچ ۾ پردو آهي پوءِ تون (پنهنجو) ڪم ڪر ۽ اسان (پنهنجو) ڪم ڪرڻ وارا آهيون“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قُلْ اِنَّـمَآ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُوْحٰٓى اِلَيَّ اَنَّـمَآ اِلٰــهُكُمْ اِلٰهٌ وَّاحِدٌ فَاسْتَقِيْمُوْٓا اِلَيْهِ وَاسْتَغْفِرُوْهُ ۭ وَوَيْلٌ لِّـلْمُشْرِكِيْنَ 6ۙ
چؤ آءٌ (آدمي هجڻ ۾) اوهان وانگر هڪ بشر ئي آهيان، مون ڏي وحي ڪيو ويندو آهي ته توهان جو معبود صرف هڪ ئي معبود آهي، پوءِ توهان ان جي طرف سڌا ٿي متوجه رهو ۽ ان کان بخشش گهرو. ۽ مشرڪن جي لاءِ بربادي آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)الَّذِيْنَ لَا يُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ كٰفِرُوْنَ 7ۙ
جيڪي زڪواة نه ٿا ڏين ۽ اُهي آخرت جا (به) انڪاري آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ لَهُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَـمْنُوْنٍ 8ۧ
بيشڪ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون انهن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قُلْ اَىِٕنَّكُمْ لَتَكْفُرُوْنَ بِالَّذِيْ خَلَقَ الْاَرْضَ فِيْ يَوْمَيْنِ وَتَجْعَلُوْنَ لَهٗ ٓ اَنْدَادًا ۭ ذٰلِكَ رَبُّ الْعٰلَمِيْنَ 9ۚ
چؤ ڇا توهان ان (الله) جو انڪار ڪيو ٿا؟ جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ توهان ان جي لاءِ همسر بنايو ٿا. اُهو جهانن جو پالڻهار آهي. (ان جو همسر ڪير ٿي سگھي ٿو؟)
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَجَعَلَ فِيْهَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِهَا وَبٰرَكَ فِيْهَا وَقَدَّرَ فِيْهَآ اَقْوَاتَهَا فِيْٓ اَرْبَعَةِ اَيَّامٍ ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ 10
۽ (زمين بنائڻ بعد) ان ۾ کوڙيل جبل بنايائين جيڪي ان جي مٿان (اُڀريَلَ) آهن ۽ ان ۾ برڪت رکايائين ۽ ان ۾ (رهڻ وارن لاءِ) غذائون مقرر ڪيائين (اهو سڀ) چئن ڏينهن ۾ ڪيائين. (اهو سڀ رزق) طلبگارن جي لاءِ برابر آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ثُـمَّ اسْتَوٰٓى اِلَى السَّمَاۗءِ وَهِىَ دُخَانٌ فَقَالَ لَهَا وَلِلْاَرْضِ ائْتِيَا طَوْعًا اَوْ كَرْهًا ۭ قَالَتَآ اَتَيْنَا طَاۗىِٕعِيْنَ 11
پوءِ آسمان ڏانهن متوجه ٿيو ته اهو دونهون هيو، پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته: ”توهان ٻئي اچو خوشيءَ سان يا نا خوشيءَ سان. ته ٻنهين چيو: ”اسان خوشيءَ سان حاضر آهيون فرمانبردارن وانگر“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَقَضٰهُنَّ سَبْعَ سَمٰوَاتٍ فِيْ يَوْمَيْنِ وَاَوْحٰى فِيْ كُلِّ سَمَاۗءٍ اَمْرَهَا ۭ وَزَيَّنَّا السَّمَاۗءَ الدُّنْيَا بِـمَصَابِيْحَ ڰ وَحِفْظًا ۭ ذٰلِكَ تَقْدِيْرُ الْعَزِيْزِ الْعَلِيْمِ 12
پوءِ ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان بنايائين ۽ هر آسمان ۾ ان جي مناسب احڪام جي وحي موڪليائين. ۽ اسان دنيا واري آسمان کي ڏيئن (يعني ستارن ۽ سيارن) سان سينگاريو ۽ خوب محفوظ ڪيو. اهو سڀ غالب علم واري (الله) جو منصوبو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَاِنْ اَعْرَضُوْا فَقُلْ اَنْذَرْتُكُمْ صٰعِقَةً مِّثْلَ صٰعِقَةِ عَادٍ وَّثَـمُوْدَ ۭ13
پوءِ جيڪڏهن اُهي منهن موڙن ته پوءِ چؤ ته آءٌ اوهان کي ان خوفناڪ عذاب کان ڊيڄاريان ٿو جيڪو عاد ۽ ثمود جي هلاڪت وانگر هوندو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِذْ جَاۗءَتْهُمُ الرُّسُلُ مِنْۢ بَيْنِ اَيْدِيْهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّا اللّٰهَ ۭ قَالُوْا لَوْ شَاۗءَ رَبُّنَا لَاَنْزَلَ مَلٰۗىِٕكَةً فَاِنَّا بِـمَآ اُرْسِلْتُمْ بِهٖ كٰفِرُوْنَ 14
جڏهن انهن وٽ رسول انهن جي اڳيان کان آيا ۽ پويان کان آيا (۽ سمجھايائون) ته توهان الله کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪيو. ته انهن چيو ته: ”جيڪڏهن اسان جو پالڻهار چاهي ها ته ضرور ملائڪ لاهي ها سو اسان ان جا منڪر آهيون جنهن سان توهان موڪليا ويا آهيو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَاَمَّا عَادٌ فَاسْـتَكْبَرُوْا فِي الْاَرْضِ بِغَيْرِ الْـحَقِّ وَقَالُوْا مَنْ اَشَدُّ مِنَّا قُوَّةً ۭ اَوَلَمْ يَرَوْا اَنَّ اللّٰهَ الَّذِيْ خَلَقَهُمْ هُوَ اَشَدُّ مِنْهُمْ قُوَّةً ۭ وَكَانُوْا بِاٰيٰتِنَا يَـجْــحَدُوْنَ 15
پوءِ عاد جي قوم ته زمين ۾ ناحق وڏائي ڪئي ۽ چيائون ته: ”اسان کان وڌيڪ طاقتور ڪير آهي“؟ ڇا انهن نه ڏٺو ته جنهن الله کين پيدا ڪيو آهي سو انهن کان وڌيڪ طاقتور آهي. ۽ اُهي اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا رهيا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَاَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيْحًا صَرْصَرًا فِيْٓ اَيَّامٍ نَّحِسَاتٍ لِّنُذِيْقَهُمْ عَذَابَ الْخِــزْيِ فِي الْـحَيٰوةِ الدُّنْيَا ۭ وَلَعَذَابُ الْاٰخِرَةِ اَخْزٰى وَهُمْ لَا يُنْصَرُوْنَ 16
پوءِ اسان انهن تي چند نڀاڳن ڏينهن ۾ خوفناڪ تيز هواءِ موڪلي هن لاءِ ته انهن کي دنيا جي زندگي ۾ خواريءَ جو عذاب چکايون. ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب ته گهڻو ذليل ڪندڙ آهي ۽ انهن جي ڪا مدد ڪانه ڪئي ويندي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاَمَّا ثَـمُوْدُ فَهَدَيْنٰهُمْ فَاسْتَــحَبُّوا الْعَمٰى عَلَي الْهُدٰى فَاَخَذَتْهُمْ صٰعِقَةُ الْعَذَابِ الْهُوْنِ بِـمَا كَانُوْا يَكْسِبُوْنَ ۚ17
۽ پر ثمود جي قوم پوءِ اسان انهن کي هدايت ڏيکاري ته انهن هدايت جي مقابلي ۾ انڌو رهڻ کي پسند ڪيو پوءِ انهن کي خواري واري عذاب جي ڪڙڪي پڪڙيو انهن عملن جي بدلي جيڪي ڪمائيندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَنَجَّيْنَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ ۧ18
۽ اسان انهن کي نجات ڏني جن ايمان آندو ۽ اُهي پرهيزگاري ڪندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَيَوْمَ يُحْشَرُ اَعْدَاۗءُ اللّٰهِ اِلَى النَّارِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 19
۽ جنهن ڏينهن الله جي دشمنن کي باهه ڏانهن گڏ ڪيو ويندو ته پوءِ اُنهن (جي اڳين) کي (پوين جي پهچڻ تائين) روڪيو ويندو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)حَتّىٰٓ اِذَا مَا جَاۗءُوْهَا شَهِدَ عَلَيْهِمْ سَمْعُهُمْ وَاَبْصَارُهُمْ وَجُلُوْدُهُمْ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 20
ايستائين جو جڏهن اُهي سڀ دوزخ تائين (گڏ) پهچندا (۽ حساب شروع ٿيندو) ته انهن جا ڪن ۽ انهن جون اکيون ۽ انهن جون کَلُون انهن جي خلاف شاهدي ڏينديون انهن ڪمن تي جيڪي اُهي ڪندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)