004 surah
ھي سورة مَدَنِیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 176 آيتون ۽ 24 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
يٰٓاَيُّھَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِيْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ وَّاحِدَةٍ وَّخَلَقَ مِنْھَا زَوْجَهَا وَبَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا كَثِيْرًا وَّنِسَاۗءً ۚ وَاتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِيْ تَسَاۗءَلُوْنَ بِهٖ وَالْاَرْحَامَ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَيْكُمْ رَقِيْبًا 1
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ان جو جوڙ خلقيائين ۽ انهن (ٻنهين) مان گهڻائي مرد ۽ عورتون (جهان ۾) پکيڙيائين، ۽ ڊڄو ان الله کان جنهن جي نالي تي هڪ ٻئي کان (حق ) گُهرندا آهيو ۽ مائٽيون (ڇنڻ کان بچو.) بيشڪ الله اوهان مٿان نگهبان آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاٰتُوا الْيَــتٰـمٰٓى اَمْوَالَھُمْ وَلَا تَتَبَدَّلُوا الْـخَبِيْثَ بِالطَّيِّبِ ۠ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَھُمْ اِلٰٓى اَمْوَالِكُمْ ۭ اِنَّهٗ كَانَ حُوْبًا كَبِيْرًا 2
۽ يتيمن کي سندن مال واپس ڏيو ۽ (پنهنجي) خراب مال کي (يتيم) جي سُٺي مال سان نه مَٽايو ۽ انهن جو مال پنهنجي مال سان ملائي نه کائو. بلاشڪ اهو وڏو گناهه آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِي الْيَتٰـمٰى فَانْكِحُوْا مَا طَابَ لَكُمْ مِّنَ النِّسَاۗءِ مَثْنٰى وَثُلٰثَ وَرُبٰعَ ۚ فَاِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تَعْدِلُوْا فَوَاحِدَةً اَوْ مَا مَلَكَتْ اَيْـمَانُكُمْ ۭ ذٰلِكَ اَدْنٰٓى اَلَّا تَعُوْلُوْا 3ۭ
۽ جيڪڏهن اوهان ڊڄو ٿا ته يتيم ڇوڪريُن جي باري ۾ انصاف ڪري نه سگهندؤ ته پوءِ انهن عورتن سان نڪاح ڪيو جيڪي توهان لاءِ مَن پسند حلال هجن ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ۽ چار چار. پر جي ڊڄو ٿا ته (گهڻين زالن ۾) عدل ڪري نه سگهندؤ ته پوءِ صرف هڪ (ئي ڪافي آهي) يا اُهي ڪنيزون جيڪي (قانونِ شرع مطابق) اوهان جي ملڪيت ۾ آيون. اهو هن لاءِ جو توهان نا انصافي نه ڪيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاٰتُوا النِّسَاۗءَ صَدُقٰتِهِنَّ نِـحْلَةٍ ۭ فَاِنْ طِبْنَ لَكُمْ عَنْ شَيْءٍ مِّنْهُ نَفْسًا فَكُلُوْهُ هَنِيْۗــــــًٔـا مَّرِيْۗـــــــًٔـا 4
۽ زالن کي انهن جا مهر خوشيءَ سان ڏيو. پوءِ اگر اُهي پنهنجي مهر مان ڪجهه حصو خوش دلي سان اوهان کي ڇڏن ته ان کي خوشگوار مزي سان کائو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَا تُؤْتُوا السُّفَھَاۗءَ اَمْوَالَكُمُ الَّتِىْ جَعَلَ اللّٰهُ لَكُمْ قِيٰـمًا وَّارْزُقُوْھُمْ فِيْھَا وَاكْسُوْھُمْ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 5
۽ پنهنجا مال بي وقوفن جي حوالي نه ڪيو جن (مالن) کي الله اوهان جي گذران کي قائم رکڻ جو ذريعو بنايو آهي ۽ انهن کي ان مان کارايو ۽ انهن کي پهرايو ۽ انهن سان ڀلائي جي ڳالهه ڪندا ڪيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَابْتَلُوا الْيَتٰـمٰى ﱑ اِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ ۚ فَاِنْ اٰنَسْتُمْ مِّنْھُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوْٓا اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ ۚ وَلَا تَاْكُلُوْھَآ اِسْرَافًا وَّبِدَارًا اَنْ يَّكْبَرُوْا ۭ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۚ وَمَنْ كَانَ فَقِيْرًا فَلْيَاْكُلْ بِالْمَعْرُوْفِ ۭ فَاِذَا دَفَعْتُمْ اِلَيْھِمْ اَمْوَالَھُمْ فَاَشْهِدُوْا عَلَيْھِمْ ۭ وَكَفٰى بِاللّٰهِ حَسِـيْبًا 6
۽ يتيمن جي آزمائش ڪندا رهو جيستائين اُهي نڪاح (جي عمر) کي پهچن، پوءِ جي انهن ۾ هوشياري ڏسو ته انهن جا مال انهن جي حوالي ڪيو ۽ ان کي فضول خرچي سان نه کائو ۽ هن تڪڙ ۾ ته متان وڏا ٿي وڃن (۽ حق طلب ڪن) ۽ جيڪو (پرورش ڪندڙ) آسودو هجي ته اهو (يتيم جي مال کان) بلڪل بچيل رهي. ۽ جيڪو خود محتاج هجي ته ان کي مناسب حد تائين کائڻ گهرجي. پوءِ جڏهن انهن جا مال انهن کي واپس ڪيو ته انهن تي شاهد بنايو ۽ حساب وٺڻ وارو الله ئي ڪافي آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لِلرِّجَالِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ ۠ وَلِلنِّسَاۗءِ نَصِيْبٌ مِّـمَّا تَرَكَ الْوَالِدٰنِ وَالْاَقْرَبُوْنَ مِـمَّا قَلَّ مِنْهُ اَوْ كَثُرَ ۭ نَصِيْبًا مَّفْرُوْضًا 7
مردن جي لاءِ حصو آهي ان مان جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجها مائٽ ڇڏي ويا ۽ عورتن لاءِ به حصو آهي ان مان جيڪو ماءُ پيءُ ۽ ويجها مائٽ ڇڏي ويا ان (ورثي جي مال) مان جو ٿورو آهي يا گهڻو. حصا (الله پاران) مقرر ٿيل آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِذَا حَضَرَ الْقِسْمَةَ اُولُوا الْقُرْبٰي وَالْيَتٰـمٰى وَالْمَسٰكِيْنُ فَارْزُقُوْھُمْ مِّنْهُ وَقُوْلُوْا لَھُمْ قَوْلًا مَّعْرُوْفًا 8
۽ جي ورهائڻ وقت (غير وارث) رشتيدار ۽ يتيمَ ۽ مسڪينَ به حاضر ٿين ته ان مان ڪجهه انهن کي به ڏيو ۽ انهن سان سٺي طرح گفتگو ڪريو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلْيَخْشَ الَّذِيْنَ لَوْ تَرَكُوْا مِنْ خَلْفِھِمْ ذُرِّيَّةً ضِعٰفًا خَافُوْا عَلَيْھِمْ ۠ فَلْيَتَّقُوا اللّٰهَ وَلْيَقُوْلُوْا قَوْلًا سَدِيْدًا 9
۽ انهن کي (جيڪي يتيمن جا سنڀالدار ٿين ٿا) ڊڄڻ گهرجي اگر اُهي پنهنجي پويان ڪمزور اولاد ڇڏن ها ته (مرڻ مهل) انهن ٻارڙن جي حال تي ڪيترو نه فڪرمند هجن ها! پوءِ انهن کي گھرجي ته الله کان ڊڄن ۽ کپي ته سڌي ڳالهه چون.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ الَّذِيْنَ يَاْكُلُوْنَ اَمْوَالَ الْيَتٰـمٰى ظُلْمًا اِنَّـمَا يَاْكُلُوْنَ فِيْ بُطُوْنِھِمْ نَارًا ۭ وَسَيَصْلَوْنَ سَعِيْرًا ۧ10
بيشڪ اهي ماڻهو جيڪي ظلم سان يتيمن جو مال کائن ٿا اُهي پنهنجي پيٽن ۾ صرف (جهنم جي) باهه کائن ٿا. ۽ سگھوئي ڀڙڪندڙ باهه ۾ پهچندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يُوْصِيْكُمُ اللّٰهُ فِيْٓ اَوْلَادِكُمْ ۤ لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الْاُنْثَيَيْنِ ۚ فَاِنْ كُنَّ نِسَاۗءً فَوْقَ اثْنَتَيْنِ فَلَھُنَّ ثُلُثَا مَا تَرَكَ ۚ وَاِنْ كَانَتْ وَاحِدَةً فَلَھَا النِّصْفُ ۭ وَلِاَبَوَيْهِ لِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ مِـمَّا تَرَكَ اِنْ كَانَ لَهٗ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّهٗ وَلَدٌ وَّوَرِثَهٗ ٓ اَبَوٰهُ فَلِاُمِّهِ الثُّلُثُ ۚ فَاِنْ كَانَ لَهٗ ٓ اِخْوَةٌ فَلِاُمِّهِ السُّدُسُ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ اٰبَاۗؤُكُمْ وَاَبْنَاۗؤُكُمْ لَا تَدْرُوْنَ اَيُّھُمْ اَقْرَبُ لَكُمْ نَفْعًا ۭ فَرِيْضَةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلِيْـمًا حَكِـيْـمًا 11
الله اوهان کي اوهان جي اولاد جي باري ۾ حڪم ٿو ڏئي ته:مرد (يعني پٽ) لاءِ ٻن عورتن (يعني ٻن نياڻين) جي برابر حصو آهي. پوءِ جيڪڏهن (وارث) رڳي ڇوڪريون آهن (ٻه يا) ٻن کان مٿي ته انهن جي لاءِ ڇڏيل ملڪيت جون ٻه ٽهايون آهن. ۽ جي هڪ نياڻي آهي ته ان لاءِ اڌ آهي ۽ (فوتيءَ جي) ماءُ ۽ پيءُ مان هرهڪ کي سندس ميراث جو ڇهون حصو آهي جيڪڏهن کيس اولاد آهي. پر جيڪڏهن ان (فوتيءَ ) کي اولاد نه آهي ۽ ماءُ پيءُ کي وارث ڇڏيائين ته سندس ماءُ لاءِ ٽيون حصو آهي. (باقي سڀ پيءُ جو آهي) پوءِ جيڪڏهن کيس ڀائر ڀينر آهن ته سندس ماءُ لاءِ ڇهون حصو آهي بعد ان وصيت جي جيڪا ڪري ويو يا قرض (جي ادائگي جي). توهان جا پيئر ۽ توهان جا پُٽ توهان نه ٿا ڄاڻو ته فائدو پهچائڻ ۾ انهن مان ڪهڙو اوهان جي وڌيڪ ويجهڙو آهي. (هي ورهاڱو) الله جي پاران فرض ڪيل آهي. بيشڪ الله ڄاڻندڙ وڏي حڪمت وارو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَكُمْ نِصْفُ مَا تَرَكَ اَزْوَاجُكُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّھُنَّ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَھُنَّ وَلَدٌ فَلَكُمُ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْنَ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصِيْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَلَھُنَّ الرُّبُعُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ اِنْ لَّمْ يَكُنْ لَّكُمْ وَلَدٌ ۚ فَاِنْ كَانَ لَكُمْ وَلَدٌ فَلَھُنَّ الثُّمُنُ مِـمَّا تَرَكْتُمْ مِّنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ تُوْصُوْنَ بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۭ وَاِنْ كَانَ رَجُلٌ يُّوْرَثُ كَلٰلَةً اَوِ امْرَاَةٌ وَّلَهٗ ٓ اَخٌ اَوْ اُخْتٌ فَلِكُلِّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا السُّدُسُ ۚ فَاِنْ كَانُوْٓا اَكْثَرَ مِنْ ذٰلِكَ فَھُمْ شُرَكَاۗءُ فِي الثُّلُثِ مِنْۢ بَعْدِ وَصِيَّةٍ يُّوْصٰى بِھَآ اَوْ دَيْنٍ ۙ غَيْرَ مُضَاۗرٍّ ۚ وَصِيَّةً مِّنَ اللّٰهِ ۭ وَاللّٰهُ عَلِيْمٌ حَلِيْمٌ ۭ12
۽ اوهان جي لاءِ (ان مال جو) اڌ آهي جيڪو توهان جي زالن ڇڏيو بشرطيڪه انهن کي اولاد نه هجي. پوءِ جيڪڏهن کين اولاد آهي ته پوءِ اوهان لاءِ انهن جي ڇڏيل مال جي چوٿائي آهي. هي (ورهاست) ان وصيت جي ادائگي بعد آهي جيڪا وصيت ڪيائون يا قرض (ادائگي) جي. ۽ انهن زالن جي لاءِ چوٿائي آهي جيڪو مال اوهان ڇڏيو بشرطيڪه اوهان کي اولاد نه هجي، پوءِ جيڪڏهن اوهان کي اولاد آهي ته پوءِ انهن لاءِ اٺوڳ (اٺين پتي) آهي ان مال مان جيڪو اوهان ڇڏيو ان وصيت جي ادائگي بعد جيڪا وصيت اوهان ڪئي يا قرض (ادائگي جي). ۽ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي مرد يا عورت جو ورثو آهي جيڪو ڪلاله آهي (يعني جنهن کي نه ماءُ پيءُ آهي نه اولاد) ۽ ان کي (مائتو) ڀاءُ يا ڀيڻ آهي ته انهن مان هر هڪ لاءِ ڇهون حصو آهي. پوءِ جي اُهي (ڀاءُ ڀيڻ) هڪ کان وڌيڪ آهن ته سمورا ٽهائي ۾ شريڪ آهن . (هي ورهاست) ان وصيت بعد ڪبي جا (وارثن کي) نقصان پهچائڻ بغير ڪئي وئي هئي يا قرض جي ادائگي بعد، هي الله جي پاران حڪم آهي. ۽ الله ڄاڻندڙ بردبار آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)تِلْكَ حُدُوْدُ اللّٰهِ ۭ وَمَنْ يُّطِعِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ يُدْخِلْهُ جَنّٰتٍ تَـجْرِيْ مِنْ تَـحْتِھَا الْاَنْھٰرُ خٰلِدِيْنَ فِيْھَا ۭ وَذٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيْمُ 13
اهي الله جون حدون آهن. ۽ جيڪو ماڻهو الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪندو ته (الله) ان کي باغن ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان کان نهرون وهندڙ آهن ان ۾ هميشه رهندا ۽ اها زبردست ڪاميابي آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَنْ يَّعْصِ اللّٰهَ وَرَسُوْلَهٗ وَيَتَعَدَّ حُدُوْدَهٗ يُدْخِلْهُ نَارًا خَالِدًا فِيْھَا ۠ وَلَهٗ عَذَابٌ مُّهِيْنٌ ۧ14
۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي بي فرماني ڪندو ۽ ان جون حدون اورانگهيندو ته ان کي جهنم ۾ داخل ڪندو جنهن ۾ اهو هميشه هوندو ۽ ان لاءِ خواري وارو عذاب آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَالّٰتِيْ يَاْتِيْنَ الْفَاحِشَةَ مِنْ نِّسَاۗىِٕكُمْ فَاسْتَشْهِدُوْا عَلَيْهِنَّ اَرْبَعَةً مِّنْكُمْ ۚ فَاِنْ شَهِدُوْا فَاَمْسِكُوْھُنَّ فِي الْبُيُوْتِ حَتّٰى يَتَوَفّٰىھُنَّ الْمَوْتُ اَوْ يَـجْعَلَ اللّٰهُ لَھُنَّ سَبِيْلًا 15
۽ اوهان جي عورتن مان جيڪي بدڪاري ڪري ويهن ته انهن تي پنهنجن ماڻهن مان چئن مردن جي شاهدي وٺو. پوءِ جي (چار ماڻهو) شاهدي ڏين ته انهن عورتن کي گهرن ۾ بند رکو ايستائين جو انهن کي موت ماري يا الله انهن جي لاءِ ڪو رستو پيدا ڪري.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَالَّذٰنِ يَاْتِيٰنِھَا مِنْكُمْ فَاٰذُوْھُمَا ۚ فَاِنْ تَابَا وَاَصْلَحَا فَاَعْرِضُوْا عَنْهُمَا ۭ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ تَوَّابًا رَّحِـيْـمًا 16
۽ اوهان مان جيڪي بدڪاري ڪن ته پوءِ انهن ٻنهين کي سزا ڏيو. پوءِ جي توبه ڪن ۽ پنهنجو اصلاح ڪن ته انهن (کي سزا ڏيڻ) کان ڪنارو ڪيو. بيشڪ الله وڏو توبه قبول ڪندڙ ٻاجهارو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّـمَا التَّوْبَةُ عَلَي اللّٰهِ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السُّوْۗءَ بِـجَهَالَةٍ ثُـمَّ يَتُوْبُوْنَ مِنْ قَرِيْبٍ فَاُولٰۗىِٕكَ يَتُوْبُ اللّٰهُ عَلَيْھِمْ ۭ وَكَانَ اللّٰهُ عَلِــيْـمًا حَكِـيْـمًا 17
الله (جي ذمهءِ ڪرم) تي صرف انهن ماڻهن جي توبه قبول ڪرڻ آهي جيڪي ناداني ۾ گناهه ڪري ويهن ٿا پوءِ جلدي توبه ڪن ٿا پوءِ اُهي ئي آهن جو الله انهن جي توبه قبول ڪري ٿو. ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَيْسَتِ التَّوْبَةُ لِلَّذِيْنَ يَعْمَلُوْنَ السَّـيِّاٰتِ ۚ ﱑ اِذَا حَضَرَ اَحَدَھُمُ الْمَوْتُ قَالَ اِنِّىْ تُبْتُ الْــٰٔنَ وَلَا الَّذِيْنَ يَـمُوْتُوْنَ وَھُمْ كُفَّارٌ ۭ اُولٰۗىِٕكَ اَعْتَدْنَا لَھُمْ عَذَابًا اَلِـــيْـمًا 18
۽ اهڙن ماڻهن جي توبه (جي قبوليت) ناهي جيڪي گناهه ڪندا رهن ٿا، تانجو جڏهن انهن مان ڪنهن وٽ موت اچِي پهچي ٿو (ان وقت) چوي ته ”آءُ هاڻي توبه ٿو ڪيان“. نه ئي اهڙن ماڻهن جي لاءِ (توبه) آهي جي ڪفر جي حالت ۾ مرن. انهن لاءِ اسان دردناڪ عذاب تيار ڪري رکيو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يٰٓاَيُّھَا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا لَا يَـحِلُّ لَكُمْ اَنْ تَرِثُوا النِّسَاۗءَ كَرْهًا ۭ وَلَا تَعْضُلُوْھُنَّ لِتَذْهَبُوْا بِبَعْضِ مَآ اٰتَيْتُمُوْھُنَّ اِلَّآ اَنْ يَّاْتِيْنَ بِفَاحِشَةٍ مُّبَيِّنَةٍ ۚ وَعَاشِرُوْھُنَّ بِالْمَعْرُوْفِ ۚ فَاِنْ كَرِھْتُمُوْھُنَّ فَعَسٰٓى اَنْ تَكْرَهُوْا شَـيْـــــًٔـا وَّيَـجْعَلَ اللّٰهُ فِيْهِ خَيْرًا كَثِيْرًا 19
اي ايمان وارؤ! اوهان لاءِ اهو حلال نه آهي جو اوهان زبردستي عورتن جا وارث بنجي وڃو. ۽ نه اهو حلال آهي جو انهن تي سختي ڪيو هن لاءِ ته انهن کي ڏنل مهر مان ڪجهه واپس وٺو سواءِ ان صورت جي جو اهي کُليل بي حيائي جو ڪم ڪري ويهن، ۽ انهن سان سهڻي سلوڪ سان زندگي گذاريو. پوءِ جيڪڏهن اوهان انهن کي ناپسند ڪيو ٿا ته ممڪن آهي جو اوهان ڪنهن شيءِ کي ناپسند ڪيو ۽ الله ان ۾ گهڻي ڀلائي رکي هجي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِنْ اَرَدْتُّـمُ اسْتِبْدَالَ زَوْجٍ مَّكَانَ زَوْجٍ ۙ وَّاٰتَيْتُمْ اِحْدٰىھُنَّ قِنْطَارًا فَلَا تَاْخُذُوْا مِنْهُ شَـيْـــًٔـا ۭ اَتَاْخُذُوْنَهٗ بُھْتَانًا وَّاِثْـمًا مُّبِيْنًا 20
۽ جيڪڏهن اوهان هڪ زال جي بدلي ٻي زال آڻڻ چاهيو ۽ اوهان انهن مان هڪڙي کي مال جا ڍير ڏئي چڪا آهيو ته ان مان ڪابه شيءِ واپس نه وٺو. ڇا توهان ناحق الزام ۽ پڌري گناهه جي ذريعي اهو مال (واپس) وٺڻ چاهيو ٿا؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)