032 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 30 آيتون ۽ 3 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
الۗمّۗ 1ۚ
الم لام ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو مقصد، مطلب ۽ راز الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)تَنْزِيْلُ الْكِتٰبِ لَا رَيْبَ فِيْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِيْنَ 2ۭ
(هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي جهانن جي پالڻهار طرفان آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَمْ يَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ ۚ بَلْ هُوَ الْـحَـقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّآ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِيْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُوْنَ 3
ڇا اهي (ڪافر ۽ مشرڪ) چون ٿا ته ان کي ان (نبي ﷺ) هٿ سان ٺاهيو آهي؟ بلڪه اهو تنهنجي پالڻهار جي پاران حق آهي هن لاءِ تون ان قوم کي ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو آهي من اُهي هدايت وارا ٿين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَللّٰهُ الَّذِيْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِيْ سِـتَّةِ اَيَّامٍ ثُـمَّ اسْتَوٰي عَلَي الْعَرْشِ ۭ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ مِنْ وَّلِيٍّ وَّلَا شَفِيْعٍ ۭ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ 4
الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ کي) ڇهه ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ عرش (يعني پنهنجي تختِ سلطنت) تي جلوه گر ٿيو. توهان جي لاءِ ان کان سواءِ نه ڪو مددگار آهي ۽ نه سفارشي آهي. ڇا پوءِ توهان نصيحت نه ٿا پِرايو؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَاۗءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُـمَّ يَعْرُجُ اِلَيْهِ فِيْ يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهٗ ٓ اَلْفَ سَـنَةٍ مِّـمَّا تَعُدُّوْنَ 5
آسمان کان زمين تائين (هر) ڪم جي تدبير ڪري ٿو پوءِ اهو (ڪم) هڪ اهڙي ڏينهن ۾ ان ڏانهن چڙهندو جنهن جو اندازو توهان جي ڳاڻيٽي جي هڪ هزار سالن جي برابر آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ذٰلِكَ عٰلِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 6ۙ
اُهو ڳُجهه ۽ ظاهر جي ڄاڻڻ وارو آهي، غالب ٻاجهارو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)الَّذِيْٓ اَحْسَنَ كُلَّ شَيْءٍ خَلَقَهٗ وَبَدَاَ خَلْقَ الْاِنْسَانِ مِنْ طِيْنٍ 7ۚ
اُهو آهي جنهن هر شيءِ کي حُسن ڏنو جنهن کي به پيدا ڪيائين ۽ انسان جي تخليق جي شروعات گاري مان ڪيائين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ثُـمَّ جَعَلَ نَسْلَهٗ مِنْ سُلٰلَةٍ مِّنْ مَّاۗءٍ مَّهِيْنٍ 8ۚ
پوءِ ان جو نسل بي قدر پاڻيءَ جي نچوڙ (يعني مَنيءَ) مان هلايائين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ثُـمَّ سَوّٰىهُ وَنَفَخَ فِيْهِ مِنْ رُّوْحِهٖ وَجَعَلَ لَكُمُ السَّمْعَ وَالْاَبْصَارَ وَالْاَفْـــِٕدَةَ ۭ قَلِيْلًا مَّا تَشْكُرُوْنَ 9
پوءِ ان کي سنئين لڱين ڪيائين ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيائين ۽ اوهان لاءِ ڪَنَ ۽ اکيون ۽ دليون بنايائين (پوءِ به) توهان ٿورو شڪر ڪيو ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَقَالُوْٓا ءَاِذَا ضَلَلْنَا فِي الْاَرْضِ ءَاِنَّا لَفِيْ خَلْقٍ جَدِيْدٍ ڛ بَلْ هُمْ بِلِقَاۗئِ رَبِّهِمْ كٰفِرُوْنَ 10
۽ (ڪافر) چون ٿا ته: ”ڇا جڏهن اسان مِٽيءَ ۾ ملي گُم ٿي وينداسين، ته ڇا وري نئين سِر پيدا ٿينداسين“؟ بلڪه اُهي پنهنجي پالڻهار جي ملاقات جا انڪاري آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قُلْ يَتَوَفّٰىكُمْ مَّلَكُ الْمَوْتِ الَّذِيْ وُكِّلَ بِكُمْ ثُـمَّ اِلٰى رَبِّكُمْ تُرْجَعُوْنَ ۧ11
چؤ ته: ”جيڪو موت جو فرشتو اوهان مٿان مقرر ڪيو ويو آهي اُهو توهان جو روح قبض ڪري ٿو پوءِ توهان پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽايا ويندؤ“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَوْ تَرٰٓي اِذِ الْمُجْرِمُوْنَ نَاكِسُوْا رُءُوْسِهِمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۭ رَبَّنَآ اَبْصَرْنَا وَسَمِعْنَا فَارْجِعْنَا نَعْمَلْ صَالِـحًا اِنَّا مُوْقِنُوْنَ 12
۽ جيڪڏهن تون ڏسي وٺين (اهو منظر) جنهن وقت ڏوهاري ماڻهو پنهنجي پالڻهار اڳيان مٿا جهڪايل هوندا. (۽ چوندا ته): ”اي اسان جا مالڪ! اسان ڏٺو ۽ اسان ٻڌو پوءِ تون اسان کي (دنيا ۾) موٽاءِ ته اسان نيڪ عمل ڪيون، بيشڪ اسان يقين ڪندڙ آهيون“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَوْ شِئْنَا لَاٰتَيْنَا كُلَّ نَفْسٍ هُدٰىهَا وَلٰكِنْ حَقَّ الْقَوْلُ مِنِّيْ لَاَمْلَئَنَّ جَهَنَّمَ مِنَ الْــجِنَّةِ وَالنَّاسِ اَجْـمَعِيْنَ 13
۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته هر شخص کي سندس هدايت (ازخود) ڏئي ڇڏيون ها ۽ پر منهنجي طرفان (هي) ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته آءٌ ضرور سڀ (ڪافر) جِنَن ۽ انسانن مان جهنم کي ڀري ڇڏيندس.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَذُوْقُوْا بِـمَا نَسِيْتُمْ لِقَاۗءَ يَوْمِكُمْ ھٰذَا ۚ اِنَّا نَسِيْنٰكُمْ وَذُوْقُوْا عَذَابَ الْـخُلْدِ بِـمَا كُنْتُمْ تَعْمَلُوْنَ 14
پوءِ توهان مزو چکو جو توهان پنهنجي هن ڏينهن جي حاضري وساري ڇڏي هئي. بيشڪ اسان اوهان کي فراموش ڪري ڇڏيو ۽ هميشه جي عذاب جو مزو چکو انهن عملن جي بدلي جيڪي توهان ڪندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّـمَا يُؤْمِنُ بِاٰيٰتِنَا الَّذِيْنَ اِذَا ذُكِّرُوْا بِهَا خَرُّوْا سُـجَّدًا وَّسَبَّحُوْا بِـحَمْدِ رَبِّهِمْ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُوْنَ ۞ 15
اسان جي آيتن تي صرف اُهي ماڻهو ايمان آڻن ٿا جن کي جڏهن انهن (آيتن) سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته اُهي سجدي ۾ ڪِري پون ٿا ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اُهي وڏائي نه ٿا ڪن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)تَـتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِـعِ يَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّطَمَعًا ۡ وَّمِـمَّا رَزَقْنٰهُمْ يُنْفِقُوْنَ 16
انهن جا پاسا سمهڻ جي جاين (بسترن) کان جدا رهن ٿا پنهنجي پالڻهار کي خوف ۽ اميد وچان سڏن ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي ان مان خرچ ڪن ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّآ اُخْفِيَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْيُنٍ ۚ جَزَاۗءًۢ بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 17
پوءِ ڪو به شخص نه ٿو ڄاڻي جيڪا اکين جي ٿڌاڻ انهن لاءِ لڪائي رکي وئي آهي، هي ان جو بدلو هوندو جيڪي عمل ڪندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَفَـمَنْ كَانَ مُؤْمِنًا كَمَنْ كَانَ فَاسِقًا ڼ لَا يَسْـتَوٗنَ ۬18
ڇا ڀلا پوءِ جيڪو ايمان وارو آهي سو ان جي مثل ٿي سگهي ٿو جيڪو نافرمان هجي، اُهي (ٻئي) برابر نه ٿيندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَمَّا الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَـمِلُوا الصّٰلِحٰتِ فَلَهُمْ جَنّٰتُ الْمَاْوٰي ۡ نُزُلًۢا بِـمَا كَانُوْا يَعْمَلُوْنَ 19
پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ سٺا عمل ڪيائون ته پوءِ انهن لاءِ هميشه رهڻ جا باغ آهن، (اها) مهمانداري آهي ان جي بدلي جيڪي (سٺا) عمل ڪندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاَمَّا الَّذِيْنَ فَسَقُوْا فَمَاْوٰىهُمُ النَّارُ ۭ كُلَّمَآ اَرَادُوْٓا اَنْ يَّخْـرُجُوْا مِنْهَآ اُعِيْدُوْا فِيْهَا وَقِيْلَ لَهُمْ ذُوْقُوْا عَذَابَ النَّارِ الَّذِيْ كُنْتُمْ بِهٖ تُكَذِّبُوْنَ 20
۽ پر اُهي ماڻهو جن نافرماني ڪئي ته پوءِ انهن جي رهڻ جي جاءِ باهه آهي. جڏهن به ان مان نڪرڻ جو ارادو ڪندا ته ان ۾ وري واپس ڪيا ويندا ۽ انهن کي چيو ويندو ته: ”باهه جي سزا (جو مزو) چکو جنهن کي توهان ڪوڙو چوندا هئا“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)