027 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 93 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
طٰسۗ ۣ تِلْكَ اٰيٰتُ الْقُرْاٰنِ وَكِتَابٍ مُّبِيْنٍ 1ۙ
طا سين (هي حروف مقطعات آهن جن جو اصلي مطلب الله ۽ ان جو رسول الله ﷺ ڄاڻن ٿا) هي آيتون قرآن ۽ روشن ڪتاب جون آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)هُدًى وَّبُشْرٰي لِلْمُؤْمِنِيْنَ 2ۙ
هدايت ۽ خوشخبري آهن ايمان وارن لاءِ.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)الَّذِيْنَ يُقِيْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَيُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَهُمْ بِالْاٰخِرَةِ هُمْ يُوْقِنُوْنَ 3
جيڪي نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ اُهي ئي آهن جيڪي آخرت تي (به پورو) يقين رکن ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ الَّذِيْنَ لَا يُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ اَعْـمَالَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُوْنَ 4ۭ
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن انهن کي اسان سندن ڪرتُوت خوشنما ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ اُهي (گمراهي ۾) ڀٽڪندڙ آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اُولٰۗىِٕكَ الَّذِيْنَ لَهُمْ سُوْۗءُ الْعَذَابِ وَهُمْ فِي الْاٰخِرَةِ هُمُ الْاَخْسَرُوْنَ 5
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ بڇڙو عذاب آهي ۽ اُهي ئي آخرت ۾ گهڻي نقصان وارا آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِنَّكَ لَتُلَقَّى الْقُرْاٰنَ مِنْ لَّدُنْ حَكِيْمٍ عَلِيْمٍ 6
۽ بيشڪ تو کي قرآن ڏنو وڃي پيو حڪمت واري علم واري (الله) وٽان.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِذْ قَالَ مُوْسٰي لِاَهْلِهٖٓ اِنِّىْٓ اٰنَسْتُ نَارًا ۭ سَاٰتِيْكُمْ مِّنْهَا بِخَــبَرٍ اَوْ اٰتِيْكُمْ بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُوْنَ 7
(ياد ڪر) جڏهن موسى پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته: ”مون باهه ڏٺي آهي. جلد اتان اوهان ڏي ڪا خبر آڻيان ٿو يا اوهان وٽ ٻرندڙ ٽانڊو آڻيان ٿو ته جيئن اوهان پاڻُ سيڪيو“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَلَمَّا جَاۗءَهَا نُوْدِيَ اَنْۢ بُوْرِكَ مَنْ فِي النَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا ۭ وَسُـبْحٰنَ اللّٰهِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ 8
پوءِ جڏهن ان وٽ آيو ته آواز ڏنو ويو: ”بابرڪت آهي اهو جيڪو ان باهه (جي تجلي) ۾ آهي ۽ جيڪو ان جي آس پاس آهي. ۽ الله پاڪ آهي جيڪو جهانن جو پالڻهار آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يٰمُوْسٰٓي اِنَّهٗ ٓ اَنَا اللّٰهُ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ 9ۙ
اي موسى (رازِ حقيقت) هي آهي ته آءٌ ئي الله آهيان غالب حڪمت وارو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاَلْقِ عَصَاكَ ۭ فَلَمَّا رَاٰهَا تَهْتَزُّ كَاَنَّهَا جَاۗنٌّ وَّلّٰى مُدْبِرًا وَّلَمْ يُعَقِّبْ ۭ يٰمُوْسٰي لَا تَخَفْ ۣ اِنِّىْ لَا يَخَافُ لَدَيَّ الْمُرْسَلُوْنَ ڰ 10
۽ پنهنجي لٺ ڦِٽي ڪر“. پوءِ جڏهن ان کي تيز چُرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُهو نانگ آهي ته پٺي ڏئي ڊوڙيو ۽ پوئتي به نه نهاريائين. (حڪم آيو) ”اي موسى! نه ڊڄ. بيشڪ رسول منهنجي حضور ۾ نه ڊڄندا آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِلَّا مَنْ ظَلَمَ ثُـمَّ بَدَّلَ حُسْـنًۢا بَعْدَ سُوْۗءٍ فَاِنِّىْ غَفُوْرٌ رَّحِيْمٌ 11
سواءِ ان جي جنهن ظلم ڪيو پوءِ برائي کان پوءِ بدلي ۾ چڱائي ڪيائين ته پوءِ بيشڪ آءٌ وڏو بخشڻهار ٻاجهارو آهيان.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاَدْخِلْ يَدَكَ فِيْ جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاۗءَ مِنْ غَيْرِ سُوْۗءٍ ۣ فِيْ تِسْعِ اٰيٰتٍ اِلٰى فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهٖ ۭ اِنَّهُمْ كَانُوْا قَوْمًا فٰسِقِيْنَ 12
۽ پنهنجي هٿ کي پنهنجي گريبان ۾ داخل ڪر ته بغير ڪنهن بيماري جي سفيد (چمڪدار) ٿي نڪرندو. (اُهي ٻئي انهن) نَون معجزن مان آهن (انهن کي کڻي) فرعون ۽ ان جي قوم ڏانهن وڃ. بيشڪ اُهي نا فرمان قوم آهن“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَلَمَّا جَاۗءَتْهُمْ اٰيٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوْا ھٰذَا سِحْرٌ مُّبِيْنٌ ۚ13
پوءِ جڏهن انهن وٽ اسان جون آيتون پهتيون جيڪي اکيون کولڻ واريون هيون ته چيائون: ”هي چِٽو جادو آهي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَجَحَدُوْا بِهَا وَاسْتَيْقَنَتْهَآ اَنْفُسُهُمْ ظُلْمًا وَّعُلُوًّا ۭ فَانْظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُفْسِدِيْنَ ۧ14
۽ انهن ظلم ۽ وڏائي سان انهن جو انڪار ڪيو حالانڪه سندن دليون انهن (نشانين جي حقانيت) جو يقين ڪري چڪيون هيون. پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَقَدْ اٰتَيْنَا دَاوٗدَ وَسُلَيْمٰنَ عِلْمًا ۚ وَقَالَا الْـحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِيْ فَضَّلَنَا عَلٰي كَثِيْرٍ مِّنْ عِبَادِهِ الْمُؤْمِنِيْنَ 15
۽ بيشڪ اسان دائود ۽ سليمان کي علم ڏنو، ۽ انهن ٻنهين چيو ته: ”سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي پنهنجي گهڻن مؤمن ٻانهن مٿان فضيلت ڏني“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَوَرِثَ سُلَيْمٰنُ دَاوٗدَ وَقَالَ يٰٓاَيُّهَا النَّاسُ عُلِّمْنَا مَنْطِقَ الطَّيْرِ وَاُوْتِيْنَا مِنْ كُلِّ شَيْءٍ ۭ اِنَّ ھٰذَا لَهُوَ الْفَضْلُ الْمُبِيْنُ 16
۽ دائود جو وارث سليمان ٿيو ۽ چيائين: ”اي انسانو! اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آهي ۽ اسان کي هر شيءِ مان ڏنو ويو آهي. بيشڪ هيءُ (الله جو) پڌرو فضل آهي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَحُشِرَ لِسُلَيْمٰنَ جُنُوْدُهٗ مِنَ الْجِنِّ وَالْاِنْسِ وَالطَّيْرِ فَهُمْ يُوْزَعُوْنَ 17
۽ سليمان لاءِ جِنن ۽ انسانن ۽ پَکِيُن جا لشڪر گڏ ڪيا ويا هئا پوءِ اهي پوري ضبط ۾ رکيا ويندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)حَتّىٰٓ اِذَآ اَتَوْا عَلٰي وَادِ النَّمْلِ ۙ قَالَتْ نَمْــلَةٌ يّـٰٓاَيُّهَا النَّمْلُ ادْخُلُوْا مَسٰكِنَكُمْ ۚ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمٰنُ وَجُنُوْدُهٗ ۙ وَهُمْ لَا يَشْعُرُوْنَ 18
(هڪ ڏينهن اهو انهن سان سفر ڪري رهيو هيو) ايستائين جو جڏهن اُهي ماڪوڙين جي وادي وٽ پهتا ته هڪ ماڪوڙي چيو: ”اي ماڪوڙيو! پنهنجي گهرن (يعني ٻِرن) ۾ داخل ٿي وڃو، سليمان ۽ سندس لشڪرَ توهان کي لتاڙي نه وجهن ۽ انهن کي خبر به نه پوي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّنْ قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ اَوْزِعْنِيْٓ اَنْ اَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِيْٓ اَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلٰي وَالِدَيَّ وَاَنْ اَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضٰىهُ وَاَدْخِلْنِيْ بِرَحْمَتِكَ فِيْ عِبَادِكَ الصّٰلِحِيْنَ 19
پوءِ (سليمان) ان (ڪِول)جي ڳالهه تي مسڪرائيندي کِلي پيو ۽ چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي توفيق ڏي ته تنهنجي ان نعمت جو شڪر ادا ڪيان جا تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي انعام فرمائي آهي ۽ آءٌ اهڙا صالح عمل ڪندو رهان جو تون راضي ٿين ۽ مون کي پنهنجي رحمت سان پنهنجي صالح ٻانهن ۾ شامل فرماءِ“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَتَفَقَّدَ الطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِيَ لَآ اَرَى الْهُدْهُدَ ڮ اَمْ كَانَ مِنَ الْغَاۗىِٕـبِيْنَ 20
۽ (هڪ ڀيري) پکين بابت جانچ ڪيائين پوءِ چيائين: ”ڇا ڳالهه آهي جو آءٌ هُد هُد کي نه ٿو ڏسان يا هُو (واقعي) غائب ٿي ويو آهي؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)