026 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 227 آيتون ۽ 11 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
طٰسۗمّۗ 1
طا سين ميم (هي حروف مقطعات آهن انهن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا).
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)تِلْكَ اٰيٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِيْنِ 2
هي (حق کي) پڌرو ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ 3
(اي نبي!) شايد تون پنهنجي جان ڏئي ويهين (هن غم ۾) جو اُهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِمْ مِّنَ السَّمَاۗءِ اٰيَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ لَهَا خٰضِعِيْنَ 4
جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن تي آسمان مان (اهڙي) نشاني نازل ڪيون ها جو انهن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جهُڪيل رهن ها.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا عَنْهُ مُعْرِضِيْنَ 5
۽ انهن وٽ وڏي رحمان وٽان ڪابه نئين نصيحت نه ٿي اچي مگر هي ان کان منهن موڙيندڙ آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَيَاْتِيْهِمْ اَنْۢبٰۗـؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ يَسْتَهْزِءُوْنَ 6
پوءِ بيشڪ انهن ڪوڙو چيو پوءِ جلد انهن وٽ ان (عذاب) جون خبرون پهچنديون جنهن مٿان ٺٺولون ڪندا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَوَلَمْ يَرَوْا اِلَى الْاَرْضِ كَمْ اَنْۢبَـتْنَا فِيْهَا مِنْ كُلِّ زَوْجٍ كَرِيْمٍ 7
ڇا انهن زمين ڏانهن نه ڏٺو ته اسان ان ۾ ڪيترائي هر جنس جا عُمدا جوڙا ڄمايا آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَاٰيَةً ۭ وَمَا كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّؤْمِنِيْنَ 8
بيشڪ ان ۾ ضرور نشاني آهي. ۽ انهن مان گهڻا ايمان آڻڻ وارا نه آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ الْعَزِيْزُ الرَّحِيْمُ 9ۧ
۽ بيشڪ تنهنجو پالڻهار ئي ته غالب وڏي ٻاجهه وارو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَاِذْ نَادٰي رَبُّكَ مُوْسٰٓي اَنِ ائْتِ الْقَوْمَ الظّٰلِمِيْنَ ۙ10
۽ (ياد ڪر) جڏهن تنهنجي پالڻهار موسى کي پُڪاريو ته:”تون ظالمن جي قوم وٽ وڃ.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَوْمَ فِرْعَوْنَ ۭ اَلَا يَتَّقُوْنَ 11
جا فرعون جي قوم آهي. ڇا اُهي (عذابِ الاهي کان) نه ٿا ڊڄن“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ رَبِّ اِنِّىْٓ اَخَافُ اَنْ يُّكَذِّبُوْنِ ۭ12
(موسى) چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون کي خدشو آهي ته اُهي مون کي ڪوڙو چوندا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَيَضِيْقُ صَدْرِيْ وَلَا يَنْطَلِقُ لِسَانِيْ فَاَرْسِلْ اِلٰى هٰرُوْنَ 13
۽ منهنجو سينو سوڙهو ٿئي ٿو ۽ منهنجي زبان (رواني سان) نه ٿي هلي پوءِ هارون ڏانهن به (رسالت) موڪل.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَلَهُمْ عَلَيَّ ذَنْۢبٌ فَاَخَافُ اَنْ يَّقْتُلُوْنِ ۚ14
۽ انهن جو مون تي (قبطي کي مارڻ جو) الزام به آهي سو مون کي انديشو آهي متان مون کي قتل ڪري ڇڏن“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ كَلَّا ۚ فَاذْهَبَا بِاٰيٰتِنَآ اِنَّا مَعَكُمْ مُّسْتَمِعُوْنَ 15
(الله) فرمايو: ”ائين نه ٿيندو. پوءِ اوهان ٻئي اسان جون نشانيون وٺي وڃو بيشڪ اسان اوهان سان گڏ (سڀ ڪجھه) ٻڌندڙ آهيون.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَاْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُوْلَآ اِنَّا رَسُوْلُ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ ۙ16
پوءِ فرعون وٽ وڃو پوءِ چئو ته بيشڪ اسان جهانن جي پالڻهار جا موڪليل رسول آهيون.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)اَنْ اَرْسِلْ مَعَنَا بَنِيْٓ اِسْرَاۗءِيْلَ ۭ17
هن لاءِ ته تون بني اسرائيل کي (آزادي ڏئي) اسان سان وڃڻ ڏي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ اَلَمْ نُرَبِّكَ فِيْنَا وَلِيْدًا وَّلَبِثْتَ فِيْنَا مِنْ عُمُرِكَ سِـنِيْنَ ۙ18
(فرعون) چيو: ”ڇا اسان توکي پاڻ وٽ ننڍڙو ڪري نه پاليو هيو؟ ۽ تو پنهنجي عمر جا ڪيترا سال اسان ۾ گذاريا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ الَّتِيْ فَعَلْتَ وَاَنْتَ مِنَ الْكٰفِرِيْنَ 19
۽ پوءِ تون ڪري وئين جيڪو ڪري وئين ۽ تون وڏو احسان فراموش آهين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالَ فَعَلْتُهَآ اِذًا وَّاَنَا مِنَ الضَّاۗلِّيْنَ ۭ20
(موسى) چيو: ”مون اهو ڪم ان وقت ڪيو هيو جڏهن آءٌ بي خبرن مان هيس.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)