021 surah
ھي سورة مَکِّیَّۃٌ آھي . ھِن ۾ 112 آيتون ۽ 7 رڪوع آھن
فُيُوضُ الفُرقان
مُترجم: پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)
اِقْتَرَبَ لِلنَّاسِ حِسَابُهُمْ وَهُمْ فِيْ غَفْلَةٍ مُّعْرِضُوْنَ 1ۚ
ماڻهن لاءِ سندن حساب جو وقت ويجهو اچي ويو ۽ اُهي غفلت ۾ مُنهن موڙيندڙ آهن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)مَا يَاْتِيْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنْ رَّبِّهِمْ مُّحْدَثٍ اِلَّا اسْتَـمَعُوْهُ وَهُمْ يَلْعَبُوْنَ 2ۙ
انهن وٽ جڏهن به سندن پالڻهار وٽان ڪا نئين نصيحت اچي ٿي مگر اُهي ان کي راند رُوند ۾ ئي ٻڌن ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لَاهِيَةً قُلُوْبُهُمْ ۭ وَاَسَرُّوا النَّجْوَي ڰ الَّذِيْنَ ظَلَمُوْا ڰ هَلْ ھٰذَآ اِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ ۚ اَفَتَاْتُوْنَ السِّحْرَ وَاَنْتُمْ تُبْصِرُوْنَ 3
انهن جون دليون غافل آهن. ۽ ظالم ماڻهو لِڪي لِڪي ڳالهيون ڪن ٿا ته : ”هي ته رُڳو اوهان جهڙو هڪ بشر آهي، ڇا پوءِ توهان ڏسي وائسي (ان جي) جادو ۾ ڦاسندئو“؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قٰلَ رَبِّيْ يَعْلَمُ الْقَوْلَ فِي السَّمَاۗءِ وَالْاَرْضِ ۡ وَهُوَ السَّمِيْعُ الْعَلِيْمُ 4
(نبي ڪريم ﷺ) چيو ته : ”منهنجو پروردگار ڄاڻي ٿو جا ڳالهه آسمان ۽ زمين ۾ چئي وڃي ۽ اُهو ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)بَلْ قَالُـوْٓا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۢ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ ښ فَلْيَاْتِنَا بِاٰيَةٍ كَـمَآ اُرْسِلَ الْاَوَّلُوْنَ 5
بلڪه (ايستائين به)چيائون ته: ”اهو (قرآن) پريشان خواب آهن، بلڪه اُهو پاڻ ٺاهيو اٿس، بلڪه اُهو شاعر آهي. (اگر سچو آهي) ته پوءِ اسان وٽ ڪا نشاني آڻي جيئن پهريان رسول (نشانين سان)موڪليا ويا هئا“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)مَآ اٰمَنَتْ قَبْلَهُمْ مِّنْ قَرْيَةٍ اَهْلَكْنٰهَا ۚ اَفَهُمْ يُؤْمِنُوْنَ 6
(حالانڪه) انهن کان اڳ ڪنهن به بستي جنهن کي اسان هلاڪ ڪيو ايمان نه آندو هيو ته ڇا اهي ايمان آڻيندا؟
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَآ اَرْسَلْنَا قَبْلَكَ اِلَّا رِجَالًا نُّوْحِيْٓ اِلَيْهِمْ فَسْــَٔـلُوْٓا اَهْلَ الذِّكْرِ اِنْ كُنْتُمْ لَا تَعْلَمُوْنَ 7
۽ (اي نبي!) اسان تو کان اڳ صرف مردن کي ئي رسول بنائي موڪليو هيو جن ڏانهن اسان وحي ڪندا هئا سين (انسانو!) توهان ذڪر وارن کان پڇو جيڪڏهن اوهان نه ٿا ڄاڻو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَا جَعَلْنٰهُمْ جَسَدًا لَّا يَاْكُلُوْنَ الطَّعَامَ وَمَا كَانُوْا خٰلِدِيْنَ 8
۽ اسان انهن (نبين) کي اهڙي جسم وارو نه بنايو هيو جو کاڌو نه کائن ۽ نه ئي اُهي (دنيا ۾ ظاهري زندگي ۾) سدائين جيئڻ وارا هئا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)ثُـمَّ صَدَقْنٰهُمُ الْوَعْدَ فَاَنْجَيْنٰهُمْ وَمَنْ نَّشَاۗءُ وَاَهْلَكْنَا الْمُسْرِفِيْنَ 9
پوءِ اسان انهن کي پنهنجو وعدو سچو ڪري ڏيکاريو پوءِ اسان انهن کي ۽ جنهن کي اسان چاهيو نجات بخشي ۽ اسان حد کان لنگهڻ وارن کي برباد ڪري ڇڏيو.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لَقَدْ اَنْزَلْنَآ اِلَيْكُمْ كِتٰبًا فِيْهِ ذِكْرُكُمْ ۭ اَفَلَا تَعْقِلُوْنَ ۧ10
بيشڪ اسان اوهان ڏانهن هڪ اهڙو ڪتاب نازل ڪيو آهي. جنهن ۾ اوهان لاءِ نصيحت آهي. ڇا پوءِ به نه ٿا سمجهو!
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَكَمْ قَصَمْنَا مِنْ قَرْيَةٍ كَانَتْ ظَالِمَةً وَّاَنْشَاْنَا بَعْدَهَا قَوْمًا اٰخَرِيْنَ 11
۽ ڪيتريون ئي ظالم بستيون هيون جن کي اسان پيڙهي ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻيون قومون پيدا ڪيون سين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَلَمَّآ اَحَسُّوْا بَاْسَنَآ اِذَا هُمْ مِّنْهَا يَرْكُضُوْنَ ۭ12
پوءِ جڏهن انهن اسان جو عذاب (ايندي) محسوس ڪيو ته ان ئي وقت اتان تيزي سان ڀڄڻ لڳا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لَا تَرْكُضُوْا وَارْجِعُوْٓا اِلٰى مَآ اُتْرِفْتُمْ فِيْهِ وَمَسٰكِنِكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْــَٔـلُوْنَ 13
(چيو ويو:) ”جلدي نه ڀڄو ۽ پنهنجي انهن ماڳن مڪانن تي موٽي وڃو جتي اوهان آسودا هئا ته جيئن توهان کان پڇاڻو ڪيو وڃي“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)قَالُوْا يٰوَيْلَنَآ اِنَّا كُنَّا ظٰلِمِيْنَ 14
چيائون: ”هاءِ اسان جي بربادي بيشڪ اسان ظالم هئاسين“.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)فَـمَا زَالَتْ تِّلْكَ دَعْوٰىهُمْ حَتّٰى جَعَلْنٰهُمْ حَصِيْدًا خٰمِدِيْنَ 15
پوءِ اهي ائين ئي پڪاريندا رهيا تانجو اسان کين لابارو ٿيل پوک (۽) اجھايل باهه وانگر ڪيوسين.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لٰعِبِيْنَ 16
۽ اسان آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي ڪجهه انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي راند جي طور تي نه بنايو آهي.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)لَـوْ اَرَدْنَآ اَنْ نَّتَّخِذَ لَهْوًا لَّاتَّخَذْنٰهُ مِنْ لَّدُنَّآ ڰ اِنْ كُنَّا فٰعِلِيْنَ 17
اگر اسان ڪو رانديڪو بنائڻ چاهيون ها ته ان کي پاڻ وٽان ئي بنائي وٺون ها (ڪير هيو اسان کي روڪڻ وارو) جيڪڏهن اسان کي (ائين) ڪرڻو ئي هجي ها.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)بَلْ نَقْذِفُ بِالْـحَقِّ عَلَي الْبَاطِلِ فَيَدْمَغُهٗ فَاِذَا هُوَ زَاهِقٌ ۭ وَلَـكُمُ الْوَيْلُ مِـمَّا تَصِفُوْنَ 18
بلڪه اسان حقَ جِي باطلَ مٿان پُوري قُوت سان چوٽَ لڳايون ٿا جو اُهو (حق) ان (باطل) جو مٿو ڦاڙي وجھي ٿو پوءِ اهو (باطل)برباد ٿي وڃي ٿو. ۽ توهان لاءِ انهن (نازيبا) ڳالهين سبب تباهي آهي جيڪي اوهان بنايو ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)وَ لَهٗ مَنْ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ ۭ وَ مَنْ عِنْدَهٗ لَا يَسْـتَكْبِرُوْنَ عَنْ عِبَادَتِهٖ وَ لَا يَسْتَحْسِرُوْنَ ۚ19
۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن سي سڀ سندس مِلڪَ آهن. ۽ جيڪي (فرشتا) وٽس آهن سي سندس عبادت ڪرڻ کان وڏائي نه ٿا ڪن ۽ نه ئي ٿڪجن ٿا.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)يُسَبِّحُوْنَ الَّيْلَ وَالنَّهَارَ لَايَفْتُرُوْنَ 20
اهي رات ڏينهن (سندس) پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ سستي نه ٿا ڪن.
— پِير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)